ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن ۾ مالي بي ضاطگين، خرچن توڙي مارڪن جي طريقيڪار جي اسپيشل آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم، مالي سال 2022ع کان 2024ع تائين 3 سالن جي اسپيشل آڊٽ لاءِ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي کي ٽي او آرز جوڙڻ جي هدايت، اسپيشل آڊٽ مڪمل ڪري 4 مهينن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن سعديه جاويد، خرم ڪريم سومرو سميت يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري عباس بلوچ، ڪراچيءَ جي انٽر ۽ ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين شرف علي شاهه سميت ٻين تعليمي بورڊن جي چيئرمينن پاران شرڪت ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ جي تعليمي بورڊن جي سال 2016ع کان سال 2017ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ مالي بي ضابطگين تي ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگيءَ کي سواليه نشان قرار ڏئي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليمي بورڊن جو معيار اِهو بڻجي چڪو آهي ته الزام لڳائي رهيا آهن ته بورڊن ۾ “پئسا ڏيو ۽ مارڪون وٺو”؟ جيڪڏهن تعليمي بورڊن ۾ پئسا ڏئي اي پلس مارڪون ڏنيون وينديون ته پوءِ شاگرد انٽري ٽيسٽ ۾ فيل ئي ٿيندا. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ حڪومت انٽر تائين تعليم مفت ڪري ڇڏي آهي ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت سڀني تعليمي بورڊن کي امتحاني فيس جي مد ۾ ساليانو 2 ارب رپيا فراهم ڪري رهي آهي پر تعليمي بورڊن پاران امتحاني نتيجن ۾ هيراڦيريءَ سبب تعليم جو معيار سواليا نشان بڻجي چڪو آهي. اِهو نوجوان نسل جي مستقبل جو مسئلو آهي ان لاءِ اسين تعليم تي ڪنهن به صورت ۾ مصلحت نه ڪنداسين. نثار کهڙو چيو ته تعليمي بورڊن جي مالي معاملن ۽ ڪارڪردگيءَ جي مانيٽرنگ ٿيڻ گهرجي ۽ اسين نوجوان نسل جي مستقبل سان ڪنهن کي به کيڏڻ نه ڏينداسين. جيڪڏهن گورک هل جي اسپيشل آڊٽ ٿي سگهي ٿي ته پوءِ تعليمي بورڊن جي به اسپيشل آڊٽ ڪري سگهجي ٿي. ڪميٽيءَ جي ميمبر سعديه جاويد چيو ته تعليمي بورڊن جي اسپيشل آڊٽ ڪرائي وڃي. چيئرمين پي اي سي چيو ته تعليمي بورڊ اصل ۾ قوم جي تعمير تصور ڪيا ويندا آهن پر هتي تعليمي بورڊ قوم جي ڪهڙي تعمير ڪري رهيا آهن؟. تعليمي بورڊن ۾ امتحاني نتيجن بابت شفافيت هوندي ته ٻار دنيا سان مقابلو ڪري اڳتي وڌي سگهندا. اجلاس ۾ پي اي سيءَ سنڌ جي 7 ئي تعليمي بورڊن ڪراچي ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ، حيدرآباد تعليمي بورڊ، سکر، شهيدبينظيرآباد، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻو تعليمي بورڊن جي سال 2022ع کان 2024ع تائين 3 سالن جي مالي معاملن، مارڪن جي طريقي ڪار سميت مالي بي ضابطگين بابت خصوصي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي کي اسپيشل آڊٽ لاءِ هڪ هفتي ۾ تعليمي بورڊن بابت ٽي او آرز ٺاهي ڊي جي آڊٽ کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڊي جي آڊٽ کي سڀني تعليمي بورڊن جي 4 مهينن ۾ خصوصي آڊٽ مڪمل ڪري ان جي رپورٽ پي اي سي کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پي اي سي چيئرمين پاران لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته اسپيشل آڊٽ جي رپورٽ 4 مهينن اندر جمع ڪرائي وڃي.

امير قادري معاملي جي جاچ ڪٿي پهتي: ڪراچي انٽر بورڊ اختيارين کان پڇاڻو

ڪراچي: پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي ميمبر خرم سومرو ڪراچي جي انٽر بورڊ اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته فرسٽ ايئر جي نتيجن ۾ هيراڦيريءَ تي انٽر بورڊ جي چيئرمين امير قادريءَ کي هٽايو ويو هو، ان معاملي جي جاچ ڪٿي پهتي؟ ۽ تعليمي بورڊن جو مارڪون ڏيڻ جو ڪهڙو نظام آهي؟ ان بابت آگاهه ڪيو ۽ امتحاني نتيجن ۾ هيراڦيريءَ جون ڇو شڪايتون اچي رهيون آهن؟ جنهن تي ڪراچيءَ جي انٽر ۽ ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين شرف علي شاهه پي اي سيءَ کي عجيب جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اميدوارن کي مارڪون گهٽ ڏيون ٿا ته به اِشو ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن مارڪون وڌيڪ ڏيون ٿا ته به الزام لڳي ٿو. ان لاءِ امتحاني نتيجن جي شفافيت بابت حڪمت عملي تبديل ڪري رهيا آهيون ۽ امتحاني نتيجن ۾ هيراڦيريءَ بابت ڪاميٽيءَ جي رپورٽ پڻ جلد منظرعام تي اچي ويندي.

 

سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ اضافي خرچ، ڪانٽيجنسي ڀرتين جو انڪشاف

ڪراچي: تعليمي بورڊن ۾ اضافي ملازمن جي ڀرتين سميت خرچ ۾ رڪارڊ واڌ واريون شڪايتون به پي اي سي سميت ٻين لاڳاپيل فورمن تي پهتل آهن، ان حوالي سان ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ ڪانٽيجنسي جي بنياد تي وڏي تعداد ۾ ملازم ڀرتي هجڻ سميت ٻين خرچن ۾ پڻ رڪارڊ واڌ ٿي آهي، جنهن ڪري تعليمي بورڊ مختلف وقتن تي بحران جو شڪار ٿي وڃن ٿا.