تعليم، تحريڪ ۽ مزاحمت ۾ ڪردار … سنڌ جا استاد ۽ سنڌو توڙي سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف تحريڪ

0
45
تعليم، تحريڪ ۽ مزاحمت ۾ ڪردار ... سنڌ جا استاد ۽ سنڌو توڙي سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف تحريڪ

سنڌ تي ترخاني قبضي دوران حڪم جاري ڪيو ويو ته سنڌ جي گادي جي شھر ننگر ٺٽي جي مڪتبن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ بند ڪئي وڃي، ۽ صرف فارسي پڙھائي وڃي. موٽ ۾ ھُن دور جي عظيم استاد آخوند صالح سوال ڪيو ته “فارسي ته اڳي ئي پڙهائي پئي وڃي، ته پوءِ سنڌيءَ تي بندش ڇو؟” وقت جي بيرحم حڪمرانن انهيءَ “ڇو” جي جواب ۾ آخوند صالح جي زبان ڪپي، جيڪا ڪيترن ڏينهن تائين مڪتب ٻاهران ٽنگيل رهي، ڄڻ ڪنهن قوم جي سڃاڻپ کي سرعام ڦاسي ڏني وئي هجي. ماضي جي ھن محترم استاد جي ھن “ڇو” جي نتيجي ۾ سنڌي ٻولي اڄ تائين پنھنجي ماڻھن جي سڃاڻپ طور قائم آھي.

                 اڄ، 2025ع ۾، اهو ئي ”ڇو” ٻيهر اسان جي سامهون بيٺو آهي ۽ هاڻ زبان نه، پر ڌرتيءَ جا وسيلا داءُ تي لڳل آهن. تڪراري واهن ذريعي سنڌوءَ جو پاڻي ڦريو پيو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضو ٿي رهيو آهي، ۽ ڊيلٽا، جتي سنڌو سمنڊ سان ملندو هو، هاڻ لوڻياٺ جو قبرستان بڻجي زمينن ۽ ماحوليات تي موت جو رقص ڪري رهيو آهي. پر سنڌ جا ماڻهو خاموش ناھن ويٺا، سڀئي هڪ آواز ٿي ميدان ۾ نڪتا آهن. رات جي اوندھ ۾، هٿن ۾ مشعلن سان، هو اعلان ڪري رهيا آهن ته سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، زمينن تي قبضو نامنظور!

سنڌ جي سرزمين، جيڪا هميشه علم، ثقافت، ۽ مزاحمت جو مرڪز رهي آهي، اڄ وري هڪ نئين آزمائش سان منهن مقابل آهي. تڪراري واهن جي تعمير، ڪارپوريٽ فارمنگ، ۽ زمينن تي قبضي جي شڪل ۾ استحصال جي هڪ نئين لهر جنم ورتو آهي. ان صورتحال ۾ سنڌ جا وڪيل، ڊاڪٽر، شاگرد، عام ماڻهو ۽ سياسي تنظيمون پنهنجي اتحادن وسيلي مزاحمت ڪري رهيا آهن. پر سوال اهو آهي ته سنڌ جا استاد، جيڪي نسلن جا شعوري رهبر آهن، هن تحريڪ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا؟ ڇا استاد صرف ھڪ ڏينھن احتجاج رڪارڊ ڪرائي، رياست پاران طئي شده درس و تدريس تائين محدود رهن يا علم جي روشنيءَ وسيلي استحصال خلاف هڪ مضبوط محاذ جوڙي ايندڙ نسلن کي غلاميءَ کان بچائي سگھندا؟

سنڌ جي حالتن تي نظر وجهڻ سان اسان کي خبر پوي ٿي ته پاڻيءَ جي کوٽ، ڊيلٽا جي تباھي، وسيلن جي ڦرمار، ۽ ھاڻي  ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي جو ٽڪساٽ سنڌ جي عام ماڻهن جي زندگي تي سڌي ريت اثرانداز ٿيندو. ڌرتيءَ سان جڙيل ماڻهو، هاري، ماھيگير، ۽ پورهيت طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو. هيءَ صورتحال رڳو اقتصادي مسئلو ناهي، بلڪه اها تعليمي، سماجي، ۽ سياسي مسئلا پڻ پيدا ڪري رهي آهي. استادن جو ڪردار هتي انتهائي اهم ٿي وڃي ٿو، ڇو ته هو نئين نسل کي نه رڳو تعليم ڏئي سگهن ٿا، پر انهن کي سماجي ناانصافين خلاف حساس بڻائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. تعليم رڳو نوڪري حاصل ڪرڻ جو وسيلو نه، پر علمي شعور پيدا ڪرڻ جو ذريعو به آهي، جيڪا سماج کي بدلائي سگهڻ جي قوت رکي ٿي. هن مضمون ۾ اسان عالمي تعليمي مفڪر پائلو فريري جي نظرئي تحت سنڌ ۾ ھلندڙ تحريڪ ۾ استادن جي ڪردار تي روشني وجهنداسين.

پائلو فريري تعليمي آزاديءَ جو هڪ وڏو علمبردار هو، سندس خيال مطابق، “تعليم يا ته آزادي ڏيارڻ جو وسيلو ٿيندي يا وري استحصال کي برقرار رکڻ جو اوزار”. استادن جي ذميواري رڳو علم جي منتقلي تائين محدود ناهي، پر انهن کي گهرجي ته هو اهڙي تبديلي آڻين، جيڪا شاگردن کي بااختيار بڻائي، ته جيئن هو پنهنجي زمين، تاريخ، ۽ مستقبل کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪري سگهن. هيءَ تحريڪ رڳو تقريرن تي نه، پر عملي قدم کڻڻ تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هڪ اهڙو عمل، جيڪو علم ۽ ڪارروائيءَ جي ميلاپ سان سماج ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهي.

پائلو فريري جي خيال موجب، حقيقي مڪالمو رڳو لفظن جي ڏي وٺ نه آهي، اهو هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن وسيلي دنيا کي سڃاڻي، نئين سر ترتيب ڏئي سگھجي ٿو. استادن کي ‘Banking Education’ ٻڌڻ واري تعليم جي سرشتي، جتي علم کي رڳو شاگردن جي ذهنن ۾ جمع ڪرڻ جو عمل سمجهيو ويندو آهي، تنھن کان اڳتي وڌڻ گھرجي ۽ ان جي بدران، استادن کي مسئلا حل ڪرڻ  Problem-Solving Method واري روش کي ھمٿائڻ گهرجي، جتي شاگردن کي سندن سماجي حقيقتن سان نئون ناتو جوڙڻ لاءِ ذهني طور تي تيار ڪيو وڃي. هن پسمنظر ۾ ‘حقيقي لفظ’ ڳالهائڻ جو مطلب سنڌ جي ماڻھن تي ٿيندڙ سڌي ۽ اڻ سڌي ظلمن کي وائکو ڪرڻ ۽ شاگردن کي انهن جي خلاف عملي قدم کڻڻ لاءِ همٿائڻ آھي. جيڪڏهن استاد رڳو لفظن تائين محدود رهندا، پر عملي مظاهرو نه ڪندا، ته سندن لفظ بي اثر رهندا. ساڳئي وقت، جيڪڏهن هو تنقيدي سوچ کانسواءِ رڳو تحريڪ جي وھڪري ۾ صرف ھڪ ڏينھن جي احتجاج ۾ تقريرن تائين محدود رھندا، ته هو غيرسنجيده ردعمل جو شڪار ٿي سگهن ٿا. علم ۽ عمل جي ميلاپ سان ئي اثرائتو مزاحمتي عمل ممڪن ٿي سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو آهي ته شاگردن کي محض ڄاڻ جو ذخيرو ڏيڻ بدران، انهن سان گڏجي موجوده صورتحال جو تجزيو ڪرڻ، استحصال جون پاڙون سمجهڻ، ۽ عملي جدوجهد لاءِ ذهني طور تيار ڪرڻ آھي.

پنھنجي حقيقي سماجي/ سياسي مسئلن تي تنقيدي مڪالمو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن خوف ۽ دٻاءُ جي ماحول کي ننديو وڃي. استادن کي سمجھڻ گھرجي ته جڏهن تعليمي ادارن ۾ استاد، يا سماجي، سياسي سطح تي وڏيرا، ڪارپوريٽ ادارا، ۽ سندن ساٿاري عملدار عوام جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ته هو ماڻهن کي پنهنجي دنيا نئين سر ترتيب ڏيڻ جو حق به کسڻ ٿا چاهين. اهڙي صورتحال ۾ استادن تي ذميواري آهي ته هو شاگردن کي فقط نصابي تعليم تائين محدود نه ڪن، پر انهن کي سچو ۽ حقيقي علم ڏئي، سندن سياسي ۽ سماجي شعور کي اجاگر ڪن. اهو عمل استادن کان بهادري، عاجزي، ۽ عوام جي جدوجهد تي پختي ايمان جي تقاضا ڪري ٿو.

پائلو فريري مطابق حاڪميت، غلاميءَ کي جنم ڏئي ٿي، ۽ جتي غلامي آهي، اتي انسانيت جو موت ٿيندو آهي. سنڌ جي استادن کي نه رڳو استحصالي نظام جي خلاف بيهڻو پوندو، پر انهن کي اهو پڻ يقيني بڻائڻو پوندو ته هو شاگردن جي جدوجهد ۾ واڳيل ٿي، کين رهبري فراهم ڪن. استادن کي گهرجي ته هو شاگردن کي رواجي نصاب سان گڏ، زمين جي حقن، پاڻيءَ جي مسئلن، ۽ سنڌ جي وسيلن تي ٿيندڙ قبضن بابت تاريخي ڄاڻ ڏئي کين زميني حقيقتون سمجهائين. ان سان گڏ، هو شاگردن جي جذباتي ۽ تنظيمي سگھ کي سمجھن، ۽ سنڌ ۾ ھاڻوڪي جڙندڙ اتحادن جھڙوڪ “سنڌو بچايو شاگرد سٿ”، “وڪيلن جي سٿ”، ۽ سنڌ جي “ڊاڪٽرن جي سٿ” وانگر پاڻ به سنڌ سطح تي استادن جو اتحاد جوڙين ۽ پنھنجي تدريسي تربيت ۾ پرائمري کان يونيورسٽي سطح جي شاگردن کي اتحاد ۾ ڳنڍين ته جيئن تڪراري ڪئنالن ۽ سنڌ جي وسيلن جي ھن نرالي جدوجهد ۾ هڪ مضبوط ۽ اجتماعي آواز بڻجي سامهون اچي سگھن.

استادن کي گهرجي ته هو شاگردن کي سمجھائين ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جا وسيلا ڪيئن ڦٻايا پيا وڃن، ڪيئن زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ۽ ڪيئن مقامي هارين کي سندن حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي. ڪلاسن ۾ سنڌ جي تاريخ، پاڻيءَ تي ٿيندڙ سياست، سنڌ جي تباھ حال ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ تي گفتگو عام ڪن. جيڪڏهن شاگرد ھلندڙ تحريڪ ۾ نڪرن ٿا، ته استاد به سندن رهنمائي ڪن.فريري جو فلسفو اهو سيکاري ٿو ته تعليم جو حقيقي مقصد ماڻهن کي آزاد فڪر ڏيڻ آهي، جيئن هو پنهنجي سماجي حالتن تي تنقيدي نظر وجهي سگهن. جيڪڏهن استادن پنهنجي تدريس ۾ تنقيدي شعور کي هٿي ڏني، ته شاگرد پنهنجن حقن بابت وڌيڪ باشعور ٿيندا. تاريخ ثابت ڪري چڪي آهي ته تعليم انقلابن جو بنياد رهي آهي، ۽ جيڪڏهن سنڌ جي استادن پنهنجي تدريس کي سماجي سچائين سان جوڙڻ شروع ڪيو، ته اهي ھاڻوڪي ۽ ايندڙ نسل لاءِ هڪ وڏي تبديلي جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا.سنڌ جي استادن وٽ هڪ تاريخي موقعو آهي ته هو علم وسيلي سنڌ جي مستقبل کي نئين رخ ڏانهن وٺي وڃن. جيڪڏهن استاد سماجي شعور پيدا ڪرڻ شروع ڪن، شاگردن کي تحقيق لاءِ آماده ڪن، ۽ پاڻ به تحريڪ جو حصو بڻجن، ته پوءِ سنڌ ۾ استحصال جو سلسلو ڊگهو نه هلندو. علم جي روشنيءَ سان ئي سنڌ پنهنجن وسيلن تي پنهنجي مالڪي جو حق ماڻي سگهي ٿي. پائلو فريري چيو هو ته، “تعليم آزاديءَ لاءِ آهي، نه ڪي غلاميءَ لاءِ”. سنڌ جي استادن کي به اهو طئي ڪرڻو پوندو ته هو استحصالي نظام جو حصو بڻجن ٿا، يا علمي مزاحمت وسيلي سنڌ جي مستقبل لاءِ نئين راھ هموار ڪن ٿا.

جيئن سنڌ ۾ مختلف اتحاد قائم ٿي رھيا آھن تيئن ‘استادن جو اتحاد’ پڻ قائم ٿيڻ گهرجي. هي اتحاد نه صرف تحريڪ جو آواز بڻجي سگهي ٿو، پر تعليمي ادارن ۾ به سماجي ناانصافين خلاف مسلسل شعور پيدا ڪري سگهي ٿو. استادن کي گهرجي ته هو تحقيق وسيلي سنڌ جي ماحوليات، زرعي، ۽ معاشي استحصال جي موضوعن تي شاگردن سان مڪالمو ڪن. سنڌ جي يونيورسٽين، ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ تحقيق ۽ تدريس جو رخ مقامي مسئلن ڏانهن موڙڻ گهرجي. نه رڳو اهو، پر استادن کي تعليمي ادارن کي تحريڪ جو هڪڙو مرڪز بڻائڻ گهرجي، جتي شاگرد پنهنجن حقن بابت باشعور ٿين، تاريخ کي نئين نظر سان ڏسن، ۽ پنهنجي وسيلن تي مالڪي جو احساس رکن.

علم، مزاحمت ۽ نئين سنڌ

جيڪڏهن استاد، شاگردن سان گڏ، پنهنجي علمي طاقت کي هڪ مزاحمتي هٿيار طور استعمال ڪن، ته پوءِ سنڌ جي مستقبل لاءِ هڪ نئون باب لکجي سگهي ٿو. علم رڳو نوڪري حاصل ڪرڻ جو وسيلو نه، پر حق وٺڻ جو هٿيار بڻجي سگهي ٿو. سنڌ جي استادن کي پنهنجي علمي حيثيت کي استحصال خلاف هڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻو پوندو، ته جيئن سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻهن لاءِ محفوظ ٿي سگهن. هي علمي مزاحمت رڳو تحريڪ جي حصي طور نه، پر سنڌ جي تاريخ کي تبديل ڪرڻ واري هڪ وڏي تحريڪ جو آغاز به ٿي سگهي ٿو.

اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن سنڌ جا استاد صرف علم جا واپاري نه، پر علمي مزاحمت جا اڳواڻ بڻجن. استادن جي اڻٿڪ محنت، تحقيقي ڪم، ۽ تحريڪ سان واڳيل هجڻ سان هڪ نئين سنڌ جو خواب ساڀيان ٿي سگهي ٿو. سنڌ سميت دنيا جي تاريخ ۾ ڪيترائي مثال آهن، جتي استادن علم وسيلي تبديلي آندي آهي، ۽ هاڻ اهو وقت آهي ته استاد علم کي جدوجهد جو هٿيار بڻائين. جيڪڏھن علمي محاذ مضبوط ٿي پيو، ته پوءِ سنڌ جا وسيلا، سنڌ جي ماڻهن لاءِ محفوظ ٿي سگهن ٿا.

استادن کي اھو به سمجھڻ گھرجي ته هي تحريڪ رڳو زمين جي مالڪي جو سوال نه آهي؛ بلڪه اها جدوجهد عزت، سڃاڻپ، ۽ خودمختياريءَ جي بحاليءَ لاءِ پڻ آهي. استادن کي، سکيا ڏيندڙ ۽ سنڌ جي ڪارڪنن جي حيثيت ۾، اهو يقيني بڻائڻ گهرجي ته تعليم ناانصافيءَ کي معمول بڻائڻ جي بجاءِ، ان جي خلاف سوال اٿارڻ جو وسيلو بڻجي. جڏهن تعليم بيداريءَ جو هٿيار بڻجي، تڏهن ئي حق تلفيءَ کي پاڙ کان اکوڙي سگهجي ٿو. تنھنڪري اهو ئي مناسب وقت آهي ته سنڌ جا استاد علم ۽ عمل کي هڪڙيءَ مالها ۾ پوئي اتحاد ۾ جڙن ۽ سنڌ جي سماج کي حقيقي آزاديءَ جي طرف وٺي وڃڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن.