چونڊڪو: ناري تعلقي اندر 1992ع کان گئس ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن پر ڪمپنين جا سوشل ويلفيئير جا فنڊ به علائقي جي ڀلائي تي خرچ نه ٿي سگهيا آهن. علائقي ۾ پهريان او ايم وي ۽ هينئر يو اي پي سانون ۽ اي اين آءِ ڪمپني گئس فيلڊ قادن واري ۾ ڪم ڪن پيون جيڪي علائقي مان اربين رپين جو گئس ۽ تيل ڪڍن ٿيون پر علائقي تي هڪ ٽڪو به خرچ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ تي گئس فيلڊن خلاف ڪوبه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جڏهن ته گئس فيلڊون مقامي ماڻهن کان روزگار جو حق به کسيو ويٺيون آهن گئس فيلڊون علائقي جي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران ٻاهرين صوبن جا ماڻهون ڀرتي ڪري کين روزگار ڏنو پيو وڃي پر علائقي جا مقامي ماڻهون روزگار لاءِ گئس ڪمپنين جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن پر کين روزگار به نه پيو ڏنو وڃي.گئس ڪمپنين پاران جوڙيل ڪاميٽي جا ميمبر به مقامي آهن ۽ ان ڪاميٽي جا اڳواڻ به چونڊيل نمائندا آهن پر انهن به ڪڏهن مقامي ماڻهن کي حق ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ناهن ورتيون ۽ نه وري ڪو علائقي جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو آهي.