تصور جو جهان ئي الڳ آھي، تصور جي معني آھي خيالي سوچ، ڳالهيون ۽ فڪر. اسان وٽ تصور بابت مختلف اصطلاح مروج آھن، جن ۾ آزاديءِ جو تصور، حڪومتي تصور، روحاني رمزن جو تصور، طبقاتي ۽ سماجي تصور، تخيل جو تصور، قديم ۽ جديد تصور، واپار جو تصور۽ سياست جو تصور وغيره. ڏسجي ته انساني جبلت ۾ تصور جي سوچ موجود رهندي آھي، قديم زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انسان تصوراتي سوچ جي پويان ڊوڙندو رهيو آھي، ترقيءِ جي تصورن يا وري تهذيبي ۽ سماجي تصورن تي ڪم ڪرڻ سان دنيا ۾ انسان ڪاميابي ماڻي آھي، پر خيالي تصورن ۾ گم رهندڙ ۽ تارڪ دنيا انسانن عمر اجائي وڃائي آھي. خيالي تصورن جو مدار اهڙن انسانن جي سوچ سان جڙيل هوندو آھي، جيڪي يا ته ذھني طور ٿڪل هوندا آھن يا وري پيري فقيريءِ جي چڪر ۾ رهڻ جا عادي هوندا آھن. تصوراتي دنيا جو تعلق صوفين سان وڌيڪ جڙيل رهيو آھي، جڏھن کان تصوف جي ابتدا ٿي آھي ته روحاني جهان به جڙيا آھن، امام غزالي هڪ هنڌ لکيو هو ته، صوفين جي دنيا ڪيترن ئي نقطن ۽ خيالن ۾ ڏاڍي بهتر آھي، هنن جو پهريون اصول هو ته دل صاف هجي، پنهنجو نفس ماري ڇڏجي، حرص، حوس ۽ لالچ کان پري رهجي، دنيا جي ٺٺ ٺانگر کان نفرت ڪجي. سمورا ناتا رشتا فقط الله تعالي جي ذات سان جوڙجن، تدبير ۽ اختيار کان پاسو ڪجي ۽ اهڙن عملن کان به پاسو ڪجي، جيڪي سنت ۽ پاڪ ڪتاب جي ابتڙ هجن….ڀل ته روحانيت کان دور اهڙن ماڻھن لاءِ اهي رُوحاني دنيائون خيالي هجن، پر ڪڏھن ڪڏھن عام ماڻھو به تصوراتي دنيا جو سفر پيا ڪندا آھن، مون کي پاڻ سان گڏ پڙھندڙ ھڪ ڇوڪرو ياد ٿو اچي، جيڪو اسڪول جي پروگرامن ۾ تقريري مقابلن دوران سدائين هڪ شعر پڙھندو هو، جنهن جون سِٽون ڪجھ هن طرح هونديون هيون:
حاجي هڪ ڏينهن سنڌ جو گونر ٿيندو،
ملڪ ۽ ملت جي وڏي خدمت ڪندو.
هو لاڙ جي ڪنڍ جي علائقي جو رهواسي هو، ذات جو ملاح ھو، سندس پِيءُ جو نالو مانجهو هو، جو هڪ زميندار وٽ هارپو ڪندو هو، اڳيان هلي هن ڇوڪري مئٽرڪ پاس ڪئي۽ غربت سبب مٿي تعليم پرائي نه سگهيو، پوءِ ان وقت بلڙي شاهه ڪريم درگاهه جي گادي نشين کيس ماستريءَ جو آرڊر وٺرائي ڏنو، هن پنجويھ سال ماستري ڪري رٽائرمينٽ ورتي ۽ سندس گهر تائين محدود ٿي ويو۽ ھن جا گورنر ٿيڻ جا خواب چڪنا چور ٿي ويا، هن جو گونر ٿيڻ فقط هڪ خواب هو، جو خواب ڏسندي ڏسندي هُو وڃائي ويٺو. ماڻھو ڪيئن نه ڏينهن ڏٺي جا خواب ڏسن ٿا ۽ پوءِ اڳيان هلي وقت هنن جون اکيون پوري ٿو ڇڏي. آئون هڪ ٻي ياد جهٽي ٿو وٺان. هڪ دفعي هڪ ڪامريڊ سان گڏ گاڏيءَ ۾ جهوڪ جي درگاهه تي وڃي رهيو هئس، ڳالهيون ڪندي ڪامريڊ چيو ته، هو هن ديس جو وزيراعظم ٿيندو ۽ اهي ڏينهن ويجها اچي رهيا آھن، مون هن جي چهري ۾ گُهوري ڏٺو، ايڏي وڏي دعويٰ ڪرڻ تي هن جي چهري ۾ ڪو گهنج ئي ڪونه پيو، چيو مانس، يار، خواب ڏسڻ تي پابندي ناهي، توکي خبر آھي ته هن وقت ملڪن جي سربراهي سرمائيدار ماڻھن کي ئي ملي ٿي، باقي وچولي طبقي جو ماڻھو اُميدن ۾ ئي زندگي گذاري ٿو. هن وري برصغير ۾ غلام گهراڻي جو مثال ڏنو، مون هن کي چيو ته اهو دور پاڻ گهڻو پٺتي ڇڏي چڪا آھيون. هن دور جون تقاضائون ئي ڪجھ ٻيون آھن، قطب الدين ايبڪ کان ويندي رضيه سلطانا تائين، معزالدين بهرام کان ويندي معزالدين ڪيقباد تائين، ترڪ نسل جا اهي ماڻھو ڏاڍا ذھين، هوشيار ۽ محنتي هئا، قطب الدين ايبڪ محمود غزنوي جو غلام هو، جنهن غلامي مان برصغير جي بادشاهي حاصل ڪئي هئي. غلام گهراڻي جي حڪومت ڏکڻ ايشيا ۾ 1206ع کان 1250ع تائين موجود رهي، پاڻ ماڻھو ته خوابن جي دنيا جا رهواسي ماڻھو، ڏاڍا سست آھيون. ٻي ڳالھ اها آھي ته پاڻ معاشي طور تمام گهڻو پٺتي پيل آھيون. هن وقت ملڪن تي حڪومتون به انهن ماڻھن جون آھن، جيڪي دولت جي بنياد تي سياست ۾ اڳيان اچي ويندا آھن، مون کي تنهنجون اهي ڳالهيون صرف دل لڳيءَ جون ڳالهيون ئي لڳن ٿيون، گهڻو پوءِ معلوم ٿيو ته ان دوست زندگيءَ جا سٺ سال پورا ڪري ڪلرڪيءَ تان رٽائر ٿي وڃي گهر وسايو. هڪ ٻيو همراهه به ياد ٿو اچي، جيڪو پاڻ کي صوفي سڏائيندو هو. ويٺي ويٺي اکيون پوري ڇڏيندو هو، پڇڻ تي ٻڌائيندو هو ته مون سلطاني سير پئي ڪيا. اهو همراهه ذات جو ڪليري هو، اتر سنڌ جو رهواسي هو، نالو وسري ٿو وڃي سال ۾ ھڪ دفعو اچي اوطاق تي رهندو هو، رلي ساڻ ھوندي هئس. پاڻ چوندو هو ته کيس سواريءَ تي سفر ڪرڻ جي مرشد پاران منع آھي، ان ڪري هُو هڪ شھر کان ٻئي شھر تائين پنڌ سفر ڪندو هو، هو ڪڏھن ڪڏھن اهڙيون به ڳالهيون ڪري ويهندو هو، جو ٻڌندڙن کي حيران ڪري ڇڏيندو هو. هڪ ڏينهن اوطاق ۾ ويس ته فقير اڃان سُتو پيو هو، مون وڃي کيس ننڊ مان اُٿاريو، فقير اڃان ستو پيو آھين، اُٿي چانھ پي، ننڊ مان اُٿي چيائين ته رات ڀٽائيءَ سان ڪچهري ڪرڻ ڀٽ شاهه ويو هئس، موٽيو دير سان هئس، هاڻي ئي ته سُتو آھيان. مون کي حيدرآباد ٽنڊو ولي محمد جو رهواسي هڪ ٻيو فقير به ياد پيو اچي، جيڪو به تصور جي دنيا جو ماڻھو هو، هن کي ماما جهوڙو سڏيندا هئا، ذات جو چانڊيو هو، هو به ساري ڄمار پنڌ ۾ رهيو، مٿي ڏاڙھي ۽ مڇين جا وار تمام وڏا رکائيندو هو، ڪنڌ ۾ پٿرن جي ڪنٺي، آڱرين ۾ منڊيون، ٻانهن ۾ جاڙا لوهي ڪنگڻ پائيندو هو، جڏھن ڪو ماڻھو ڏانهس ڏسندو هو ته ٻانهون مٿي ڪري زور سان لوهي ڪنگڻ ڇڻڪائيندو هو، سدائين سائي چادر ساڻ هوندي هئس. چون ٿا ته هڪ ڏينهن هو جيئن ئي سندس گهر ڇڏي نڪتو وري ڪڏھن به نه موٽيو.
ڳالھ اها ناهي ته ڪوئي ماڻھو تصور دل ۾ سانڍي ويٺو رهي. ڳالھ اها آھي ته ماڻھو محنت ڪري تصور تائين پهچڻ جي اُڏام ڪري. هن جهان ۾ فضائي سفر جي اڏام کان ويندي لکين ميل هڪ ٻئي کان پري هوندي به وڊيو ڪال وسيلي ماڻھو هڪ ٻئي سان گڏ ويٺو آھي. هاڻوڪيون حقيقتون ڀلي آڳاٽي وقت جي ماڻھن جا تصور هئا، جيڪي هاڻي حقيقتن ۾ بدلجي ويا آھن، علم ۽ محنت سان ماڻھو سڀ ڪجھ حاصل ڪري سگهي ٿو.
ٿو جو هُو وڃي دڳ دور تائين، پنڌ پنهنجو آھي پري،
سانجھ ۾ سڏ ٻرن ٿا، اي زندگي تو بن ٻيو ڪير ڪري؟