حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاء ڪورٽ، حيدرآباد پوليس پاران ٽرائل ڪيس جي جوابدار تي تشدد خلاف اڪبر پٺاڻ جي داخل درخواست تي ايس ايس پي حيدرآباد تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ٽن پوليس آفيسرن ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو، وحيد شيخ، طاھر مغل کي ھٽائڻ جو حڪم ڏئي ڏيو، عدالت ٽن پوليس آفيسرن جو ايڊيشنل آء جي اسپيشل برانچ کان رڪارڊ پڻ طلب ڪري ورتو آھي. جسٽس رياضت علي ساھڙ تي مشتمل سنگل بئنچ ۾ ٽنڊو يوسف رھواسي اڪبر پٺاڻ پاران ھڪ ڪيس ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو، ايس ايڇ اوز نيڪ محمد کوسو، طاھر مغل ۽ اسپيشل برانچ مان عملدار پيش ٿيا درخواستگذار وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته پوليس طرفان مونکي حراسان ۽ گرفتار ڪري ڀنگ گھري وئي نه ڏيڻ تي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو، ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار ضمانت ڪرائڻ بعد ڳوٺ ويو سندس سالي کي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿوري دير تائين ملتوي ڪندي ايس ايس پي طلب ڪري ورتو، ايس ايس پي حيدرآباد پيش ٿيڻ دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته اوھان جا آفيسر ٽرائل ڪيسن ۾ پيش ٿيندڙ جوابدارن ڪٽڪو ڏئي تشدد ڪري سندن ٻاھون ھٿ ڀڃي رھيا آھن، پوليس جي ھي ڪھڙي رياست آھي ٽرائل ڪيس جي جوابدار کي ڪٽڪو يعني پنھجي رياست قائم ايترو ظلم اوھان واقعي جي جاچ ڪريو، جاچ مڪمل ٿيڻ تائين پوليس آفيسر طاھر مغل، وحيد شيخ، نيڪ محمد کي عھدن تان هٽايو رپورٽ پيش ڪريو. ايڊيشنل آء جي اسپيشل برانچ لاڳاپيل پوليس عملدارن جي جاچ مڪمل ڪري ٻڌڻي 2 ھفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٽن پوليس آفيسرن ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو، وحيد شيخ، طاھر مغل کي ھٽائڻ جو حڪم ڏيندي ٽن پوليس آفيسرن جو ايڊيشنل آء جي اسپيشل برانچ کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو ٻڌڻي 2 ھفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي