ميرپورخاص/قمبر/ميهڙ(بيورو رپورٽ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڪيلن جي ڌرڻن تي پوليس تشدد تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي وڪيل برادري پوليس اهلڪارنجي عدالتن ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ عبدالغفار ناريجو، ڊسٽرڪٽ بار جي اڳوڻي صدر ايڊووڪيت سڪندر ڪولاچي، ايڊووڪيٽ شوڪت راھمون، ايڊووڪيٽ سترام داس ۽ ايڊووڪيٽ دانيال ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته ملير ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ وڪيلن جي ڌرڻن تي پوليس چڙھائين، وڪيلن مٿان شيلنگ ڪرڻ ۽ کين تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف سڀاڻي ميرپورخاص ھاءِ ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ جي احاطن ۾ ڪنھن بھ پوليس عملدار يا اھلڪار کي داخل ٿيڻ نھ ڏنو ويندو. ھن چيو تھ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ سانگھڙ جي ڊسٽرڪٽ بارز به اعلان جي حمايت ڪئي آھي. ھنن چيو تھ سنڌ جا وڪيل ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون ڪئنالن خلاف ڌرڻا ھڻي ويٺل آھن، ڌرڻن کي 11 ڏينھن ٿي چُڪا آھن، ھزارين گاڏيون روڊن تي بيٺل آھن، ڪنھن گاڏيءَ جو شيشو به ناھي ٽٽو، پر اڄ پوليس جون چڙھايون سنڌ ۾ تشدد جي لھر کي ڀڙڪائڻ جي سازش آھن. ٻئي طرف ميهڙ بار پاران به پوليس لاءِ ڪورٽن جا در بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميھڙ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽريءَ وڪيل منور جتوئي، وڪيل سعيد پنھور ۽ ٻين چيو ته ميھڙ بار ايسوسيئشن پاران ميھڙ ڪورٽ جي مڪمل طور عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪري ميھڙ ڪورٽ جو مين دروازو بند رکيو ويندو ۽ ميھڙ ڪورٽ مان رمانڊ وٺڻ لاءِ ايندڙ پوليس اھلڪارن کي به ڪورٽ اندر نه ڇڏيو ويندو ۽ سائلين کي به ميھڙ ڪورٽ اچڻ نه ڏنو ويندو. هوڏانهن قمبر جي ڊسٽرڪٽ بار جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوليس طرفان ملير ۽ ڪنڌڪوٽ ڌرڻن تي لٺبازي تشدد ۽ گرفتارين خلاف اڄ ڪنهن به پوليس اهلڪار کي عدالتن اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو، وڪيل اڳواڻ سھيندر ڪمار ۽ ماجد خاصخيلي جو چوڻ هو ته ڪئنالن خلاف ڌرڻن تي پوليس چڙهائي خلاف اهڙو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ بار طرفان ليٽر به جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ڄامشورو پاران پوليس عملدارن جي عدالت ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.