اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان سان ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان فون تي رابطو ڪيو، فون تي رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي کي رمضان جي مبارڪ باد ڏني، ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي مامرن، سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آھي، خطي جي امن جي صورتحال لاءِ وزير اعظم عمران خان افغانستان جي مسئلي جو حل سياسي ڳالهين ذريعي ڪڍڻ تي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته آمريڪا ۽ طالبان وچم امن معاهدي ۽ ڳالهين جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، وزير اعظم عمران خان زور ڀريندي چيو ته انٽرا افغان ڳالهيون تاريخي موقعو فراهم ڪري رهيون آھن، جنهن موقعي مان مسئلي جي حل لاءِ افغان قيادت کي فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، وزير اعظم ترڪي جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته چيو ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان امن ڪوششن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندو، ٻنهي اڳواڻن لاڳاپن کي معاشي اسٽريٽجڪ پاٽنرشپ ۾ تبديل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آھي.