انقرا (م ڊ) ترڪيه جي هڪ هوٽل ۾ باهه جي واقعي ۾ 66 ڄڻا فوت ۽ 51 زخمي ٿي پيا.اختيارين موجب ترڪيه جي سڪي ريزورٽ بولو جي هڪ هوٽل ۾ باهه لڳڻ سان 66 ڄڻا فوت ۽ گهٽ ۾ گهٽ 51 ڄڻا زخمي ٿي پيا. باهه 12 ماڙ گرينڊ ڪارٽل هوٽل ۾ مقامي وقت موجب 3 لڳي 27 منٽن تي لڳي، هوٽل ۾ 234 ماڻهو موجود هئا. ميڊيا رپورٽن موجب هوٽل جي درين مان ٽپو ڏيڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا. بولو جي گورنر عبدالعزيز آيدين چيو ته شروعاتي اطلاعن موجب باهه هوٽل جي چوٿين ماڙ جي ريسٽورنٽ جي حصي ۾ لڳي ۽ مٿين ماڙ تائين پکڙجي وئي. گورنر موجب موسمي حالتن سبب فائر بريگيڊ جي گاڏين کي پهچڻ ۾ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جو وقت لڳي ويو.