استنبول ( نٽرسٽنگ نيوز) اوڀر ترڪي جي صوبي وان ۾ هڪ شادي ۾ ڪنوار ۽ گهوٽ تي تحفن جي برسات ڪئي وئي.ترڪ ميڊيا موجب شادي ۾ ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن مان لڳ ڀڳ 5,000 مهمانن شرڪت ڪئي ۽ ٻن ڏينهن جي تقريب دوران، لڳ ڀڳ 9,000 ماڻهن کي کاڌو کارايو ويو، جنهن ۾ هڪ ٽن گوشت استعمال ڪيو ويو مقامي ميڊيا ٻڌايو ته ڪنوار ۽ گهوٽ کي تحفا ڏيڻ جي تقريب 5 ڪلاڪن تائين جاري رهي، جنهن دوران ڪنوار کي تقريباً 2 ڪلوگرام سون ڏنو ويو ۽ گهوٽ کي   مقامي ڪرنسي ۾ 65 لک ليرا ( ساڍا 4 ڪروڙ پاڪستاني ) رپيا ڏنا ويا ويا.گهوٽ پاران تحفي طور مليل پئسن کي ڳڻڻ لاءِ 14 ماڻهن کي پڻ رکيو ويو هو.