جنيوا / ماسڪو / بيجنگ / انقره (م ڊ) گڏيل قومن، روس، چين، ترڪيه ۽ پاران وچ اوڀر ۾ امن بحاليءَ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، ترڪ صدر رجب طيب اردگان جا آمريڪي صدر ٽرمپ، روسي صدر پيوٽن ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان فون تي رابطا ڪيا، ترڪيه ايران امريڪا جوهري ڳالهين لاءِ سهولتڪاري جي آڇ ڪري ڇڏي، روس ۽ ترڪيه پاران ايران اسرائيل ڇڪتاڻ فوري ختم ڪرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو، چيني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته امن جي قيام لاءِ ڌُرين سان رابطي ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، وچ اوڀر جي صورتحال تي يورپي يونين پرڏيهي وزيرن جو اجلاس اڄ اڱاري تي طلب ڪري ورتو، هوڏانهن جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو آهي ته انساني جانين جي تحفظ لاءِ ايران – اسرائيل ڇڪتاڻ ختم ڪرائي وڃي. ڌريون هڪٻئي مٿان حملا بند ڪري ڳالهين طرف وڌن.