اسلام آباد: واپار واري وزير ڄام ڪمال ترڪ هم منصب عمر بولات سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستاني مصنوعات جي ترڪي ۾ نمائش جي لاءِ ميڊ اِن پاڪستان ايڪسپو جي تجويز ڏني. تجارت واري وزير ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان ترڪي جو ٻيو گهر آهي ملاقات ۾ اهو به طئي ٿيو ته ترڪي پاڪستاني باسمتي چانورن جي برآمدات وڌائڻ لاءِ قدم کڻندو. ترڪي جي واپار واري وزير عمر بولات چيو آهي ته صدر اردگان ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن سان ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ملي آهي. ٻنهي واپاري وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڊي 8 ترجيحي واپاري معاهدي جي بحالي ۽ استحڪام تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ترڪ وزير چيو ته ترڪ ڪمپنيون پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دفاعي سهڪار وڌايو ويندو، ترڪي ۽ پاڪستان گڏيل پيداوار ۽ ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا تي اتفاق ڪيو، 26 کان 28 فيبروري تي لاهور ۾ فوڊ ٽيڪ ايڪسپو سان پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ واپاري سهڪار جا نوان موقعا سامهون ايندا. اهڙي طرح استنبول ۾ ترڪي جي فيشن ۽ فرنيچر جي نمائش يورپي مارڪيٽن جي جاءِ وٺي رهي آهي.