انقره (م ڊ) ترڪيه ۾ ڪرپٽو ڪرنسي فراڊ جي ڪيس ۾ ملوث 29 ڳرهين جي جوابدار فاروق فتح کي 11 هزار 196 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪيه ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن سان ڪرپٽو ڪرنسي ذريعي ٺڳي ڪري 356 ملين ليرا کسيندڙ جوابدار فاروق فتح اوزر ۽ سندس ڀينرن ۽ ڀائرن کي سخت سزائون ٻڌايون ويون آهن. فاروق فتح اوزر 22 سالن جي ڄمار ۾ ڪمپني کولي هئي، پوءِ مني لانڊرنگ، فراڊ ۽ منظم ڏوهن جو نيٽ ورڪ بڻايو. ڪرپٽو ڪرنسي مان مال ٺاهيو ۽ 2 هزار کان وڌيڪ دوکن جي ڪيسن کي منهن ڏنو. 2021ع ۾ هو البانيا فرار ٿي ويو، کيس جون ۾ ترڪي واپس اماڻيو ويو پر ڪيس جي ڌار ڌار شنوائي ٿي ۽ ڌار ڌار سزائون ڏنيون ويون اهڙي طرح مجموعي سزا 11 هزار سالن کان وڌيڪ ٿي وئي. فاروق جي ڀيڻ سيراپ ۽ ڀاءُ گوون کي به انهن ئي الزامن ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته ترڪيه ۾ 2004 کان موت جي سزا ختم ڪئي وئي آهي.