انقرا (م ڊ) ترڪي جي مرڪزي بئنڪ جي نئين سربراهه جو چوڻ آهي ته هوءَ استنبول جي پراپرٽي مارڪيٽ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ڀاڙي جي ڪري وپاس وڃي پنهنجي پيءُ ماءُ سان گڏ رهڻ تي مجبور ٿي وئي آهي. ٻه ڏهاڪا آمريڪا ۾ گذاري جون ۾ ترڪيه ۾ پنهنجو عهدو سنڀاليندڙ 44 ورهين جي حافظي گئي ايرڪان مقامي اخبار کي ٻڌايو ته اسان کي استنبول ۾ ڪو به گھر ناهي مليو، گھر تمام مهانگا آهن اسان پنهنجي والدين سان گڏ رهندا آهيون. سندس چوڻ هو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي جو استنبول مين هٽن کان وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي؟استنبول جي پراپرٽي مارڪيٽ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ڀاڙي جي ڪري وپاس وڃي پنهنجي پيءُ ماءُ سان گڏ رهڻ تي مجبور ٿي وئي آهيان.