انقره (م ڊ) ترڪيه ۾ خوفناڪ زلزلي کانپوءِ ملبي ۾ ڦاٿل ٻن مهينن جي ٻار کي 5 ڏينهن کانپوءِ ريسڪيو ڪيو ويو. ترڪ ميڊيا موجب ريسڪيو ٽيم انطاڪيه شهر ۾ زلزلي جي 128 ڪلاڪن کانپوءِ ٻن مهينن جي ٻار کي جيئرو ڪڍيو. مائيڪ ڊورائن نالي واهپيدار ٽوئيٽر تي وڊيو پوسٽ ڪئي، جنهن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته اڄوڪي ڏينهن جو هيرو هي هڪ ننڍو ٻار، جنهن کي زلزلي جي 128 ڪلاڪن کانپوءِ بچايو ويو، جيڪو وهنجڻ ۽ کاڌو کائڻ کانپوءِ مطمئن آهي. ان ٻار جي ريسڪيو کي معجزو قرار ڏيندي هڪ ٻئي واهپيدار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻار کان سوال ڪيو ته اسان کي ٻڌايو توهان 128 ڪلاڪ صبر سان ڪيئن انتظار ڪيو؟