ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم بعد ڪيسن جي ٻڌڻي التوا جو شڪار، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچز نئين آئيني درخواستن جي ٻڌڻي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو, نئين آئيني درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ وڪيلن پاران عدالت کان اجازت گهري وئي هئي، نئين درخواستن ۾ سول ۽ ڪرمنل ڪيس شامل هئا، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته اڄ آئيني بينچز ٺهي رهيون آهن، جنهن بعد روسٽر برانچ طئه  ڪندي ته ڪهڙو ڪيس ڪهڙي بينچ ۾ ويندو؟