اسلام آباد: پ پ ۽ جي يو آءِ پنهنجا پارلياماني ليڊر تبديل ڪري ڇڏيا، نويد قمر جي جاءِ تي بلاول ڀٽو زرداري کي پ پ جو پارلياماني ليڊر بڻايو ويو، جي يو آءِ مولانا فضل الرحمان کي پنهنجو پارلياماني ليڊر مقرر ڪري ڇڏيو، پهريان طئي ٿيو  هو ته آئيني ترميمون بلاول پيش ڪندو، پوءِ طئي ڪيو ويو ته آئيني ترميمون فضل الرحمان پرائيويٽ ميمبر طور  پيش ڪندو.