ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ  ۾ 8 پوليس آفيسرن جون  بدليون، چيف سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب تازو ترقي ماڻيندڙ ذوالفقار لاڙڪ کي ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ، آزاد خان کي ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي، اقبال دارا کي ايڊيشنل آءِ جي ٽريننگ سنڌ،  شر جيل کرل کي ايڊيشنل آءِ جي آپريشنز،  احمد نواز کي ڊي آءِ جي ايڊمنسٽريشن ڪراچي، فيصل بشير ميمڻ کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ حيدرآباد،  مظهر نواز شيخ کي ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽر ۽  يونس چانڊيو کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ لائسنسنگ اينڊ ٽريننگ مقرر ڪيو ويو ويو آهي