جيڪب آباد(رپورٽر)جيڪب آباد ۾ واهه کي پل نه هئڻ سبب ڪريم آباد پاڙي جي رهواسي الهه بخش ڊومڪي جو لاش واهه مان گذاريو ويو، فوتي جي وارثن نظير احمد، اسلم، نور نبي ڊومڪي جو چوڻ هو ته واهه کي پل نه هئي، جنهن سبب فوتي جو لاش مجبورن واهه مان گذارڻو پيو آهي ،هوڏانهن سڃاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت دعوائون ڪندي آهي ته شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ترقياتي اسڪيمون ڏنيون ويون آهن پر حالت اها ته فوتين جا لاش به واهه مان گذاريا پيا وڃن.