حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي رهي آهي جنهن ڪري سنڌ ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿيندي پر ارسا سنڌ سان پاڻي جي ورڇ ۾ انصاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته تربيلا ۽ منگلا ڊيم پاڻي سان ڀريل آهن پر سنڌ جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي ناهي. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم نه ٿيڻ سبب لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ درياءَ ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي ۽ سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ به اڳتي وڌي لکين ايڪڙ زمين پاڻ ڏانهن ڪري ڇڏي آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي پاڻي جي سخت ضرورت آهي. سارين جي پوک شروع ٿيندي ان لاءِ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.