سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ ۽ پنجاب جي آبپاشي کاتن توڙي ارسا پاران پاڻيءَ جي غلط ورڇ سبب سنڌ جي اڪثر ڪئنالن ۾ پاڻي جي کوٽ چوٽ چڙهي وئي، ان ڏس ۾ پنهنجي اخبار پاران هٿ ڪيل معلومات موجب سنڌ جي بئراجن وٽ ارسا جي انگن اکرن موجب پاڻي کوٽ 39 سيڪڙو تي پهتل آهي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 42 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، ٻئي طرف سرڪاري طور کوٽ 38 سيڪڙو ٻڌائي وڃي ٿي. ٻئي پاسي پنجاب جي تونسا بيراج وٽان پاڻي کڻت ايلوڪيشن کان 100 سيڪڙو وڌيڪ ڪئي وئي آهي. 1991ع جي پاڻي ٺاهه موجب هلندڙ ڏَهي دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي ايلوڪيشن 38830 ڪيوسڪ آهي. جڏهن ته سنڌ جي ڪينالن پاران ڏنل ايلوڪيشن 30300 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪينالن ۾ پاڻي کڻت 17250 آهي. 42 سيڪڙو کوٽ کڻندڙ سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 24050 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 6770 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. حيرت انگيز طور بئراج جي کاٻي پاسي مان نڪرندڙ نارا ڪئنال ۾ پاڻي کڻت انهي جي ايلڪويشن کان 1500 ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ وڌيڪ ڏني وئي آهي. نارا ڪئنال جي ايلوڪيشن 8300 ۽ کڻت 9750 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪئي وئي. نارا ڪئنال کي پهرين کان چوٿين مارچ تائين 2700 ڪيوسڪ پاڻي وڌيڪ فراهم ڪيو ويو. ٻئي طرف روهڙي ڪئنال جي ايلوڪيشن 11500 ڪيوسڪ هوندي 4000 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو، دادو ڪئنال جي گهرج 4500 ڪيوسڪ هوندي 90سيڪڙو کوٽ سان رڳو 450 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو، کيرٿر ڪينال جي ايلوڪيشن 3175 ڪيوسڪ هوندي پاڻي فراهمي 55 سيڪڙو کوٽ سان 1450 ڪيوسڪ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي گڊو بئراج جي ايلوڪيشن 2700 ڪيوسڪ هوندي کڻت 4414 ڪيوسڪ ڪئي وئي، جنهن ۾ بلوچستان جو1430 ڪيوسڪ پاڻي شامل آهي. اهڙي ريت گڊو بيراج وٽان 200 ڪيوسڪ وڌيڪ پاڻي کنيو ويو، سنڌ جي آخري بئراج ڪوٽڙِي جي ايلوڪيشن 4400 ڪيوسڪ هوندي اتي مٿانهون وهڪرو 5330 ڪيوسڪ آهي. ڪوٽڙي وٽ 5.86 سيڪڙو واڌو پاڻي هئڻ باوجود اتن نڪرندڙ ڪئنالن جي ايلوڪيشن پوري نه پئي ڪئي وڃي. هوڏانهن ارسا پاران پنجاب جي آبپاشي کاتي سان گڏجي پاڻي ٺاهه پٽاندر ورڇ بجاءِ پنهنجي طور تي تونسا بيراج جي کڻت ايلوڪيشن جي ڀيٽ ۾ 125 سيڪڙو وڌائي وئي آهي، ارسا جي انگن اکرن موجب تونسا بئراج جي ايلوڪيشن 3400 ڪيوسڪ ۽ کڻت 7900 ڪيوسڪ آهي پهرين کان 6 مارچ تائين تونسا بيراج وٽان 133 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي کنيو ويو آهيم جنهن سان سنڌ ۾ سکر بيراج وٽ کوٽ پيدا ٿي آهي. ٻئي طرف پاڻي جي خراب ورڇ سبب ملڪي پاڻي ذخيرن تر ورتو آهي. تربيلا ڊيم ۾ ڪالهه پاڻي جي سطح 1410 فوٽ ريڪارڊ ڪئي وئي، اتي پاڻي ذخيرا رڳو 12 فوٽ رهجي ويا آهي. ساڳئي رات منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1088.7 فوٽ ريڪارڊ ڪئي وئي، انهي ڊيم ۾ پڻ رڳو 38.7 فوٽ پاڻي رهجي ويو آهي، انهي ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 1744 ۽ کڻت 20000 ڪيوسڪ آهي.