سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) ملڪ جا دريائي وهڪرا 4 لک 67 هزار ڪيوسڪ هجڻ باوجود واپڊا جي هوڏ ۽ غلط حڪمت عملين ڪري سنڌ ۾ جون جي آخري ڏهي ۾ پاڻي کوٽ 24 سيڪڙو تائين پهچي وئي، سکر بئراج تي سڀ کان وڌيڪ 30 سيڪڙو کوٽ ظاهر ٿي، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب تربيلا ڊيم جي ٽنل 4 جو لوئر ليول آئوٽ ليٽ  نه کولڻ سبب گذريل مهيني کان تربيلا ڊيم مان پاڻي ڇوڙ جي صلاحيت هڪ لک 58 هزار ڪيوسڪ کاتن وڌي ناهي سگهي، جنهن ڪري تربيلا ڊيم جي اپ اسٽريم ۾3 لک ڪيوسڪ جي وهڪرن سبب ننڍي ٻوڏ هوندي سنڌ کي گهربل پاڻي فراهم  ٿي ناهي سگهيو. ٻئي طرف سنڌ آبپاشي کاتي موجب سنڌ جي بئراجن جي گهرج هڪ لک 39630 آهي پر صوبي کي پاڻي  فراهمي 24 سيڪڙو کوٽ سان 130338 ٿي رهي آهي. ٻئي طرف تونسا کان هيٺ روزانو 20 هزار ڪيوسڪ چوري ٿي رهيو آهي. مٿان وري سنڌ جي ارسا ميمبر جي اعتراضن باوجود پنجاب سرڪار منگلا مان پاڻي کڻڻ بجاءِ تونسا بئراج وٽان ٽي پي لنڪ ڪئنال ذريعي 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهي آهي، جائزي دوران معلوم ٿيو ته 29 جون تي تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 97900 ڪيوسڪ رهي، جنهن سبب پاڻي جي سطح 1492.5 فوٽ ٿي وئي، ٽنل چار ۽ پنج  جي مرمت ۽ ڪم ۾ واڌاري جو سبب ڄاڻائي ڊيم مان پاڻي ڇوڙ جي صلاحيت هڪ لک 58 هزار ڪيوسڪ  ٿي وئي آهي. ڪابل ندي ۾ 56900 ڪيوسڪ پاڻي وهي اچڻ سبب تربيلا کان هيٺ پاڻي وڌيو آهي پر انهي جو فائدو سنڌ کي  ملي ناهي سگهيو. 29 جون تي سنڌو تي اڏيل بئراج ڪالاباغ تي وهڪرا 233966، چشما بئراج تي 181480 ۽ تونسا بئراج تي مٿاهين پاسي 165504 ۽ هيٺاهين پاسي 159959 ڪيوسڪ وهڪرا ريڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته گڊو بئراج تي 22 سيڪُڙو کوٽ سان مٿانهون وهڪرو 136480 ۽ هيٺاهون وهڪرو 102994 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. گڊو جي واهن جي ايلوڪيشن 43030 ڪيوسڪ هوندي 22 سيڪڙو کوٽ سان کڻت 33486 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪئي وئي. هوڏانهن سکر بئراج وٽ مٿاهو وهڪرو 98050 ۽ هيٺاهون وهڪرو 54230 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو.  بيراج جي ايلوڪيشن 62800 ڪيوسڪ هوندي واهن کي 30 سيڪڙو کوٽ سان 43820 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو، ڪوٽڙِي بئراج جو مٿاهون وهڪرو 29265 ۽ هيٺاهون وهڪرو رڳو 750 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو، ڪوٽڙي بيراج جي ايلوڪيشن 41124 ڪيوسڪ هوندي واهن کي  24 سيڪڙو کوٽ سان کڻت 33800 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو، سنڌ ۾ هاڻوڪي پاڻي کوٽ بابت ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احسان لغاري جو چوڻ هو ته واپڊا وارا گذريل ٻن سالن کان تربيلا جي ٽنل 4 جي مرمت مڪمل نه ڪري سگهيا آهن، جنهن ڪري اتان 75 بجاءِ  45 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ٿي رهيو آهي، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1510 فوٽ ٿيڻ تائين  ڇوڙ ۾ واڌارو ممڪن ناهي. هن چيو ته تربيلا جي ٽنل چار ۽ پنج جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ سبب اتان گهربل  پاڻي نه ٿو کنيو وڃي،  ويتر ٽي پي ڪئنال کي به زوري وهايو پيو وڃي. مون 2 ڏينهن اڳ ڪوشش ڪري چشما مان 20 هزار ڪيوسڪ واڌو پاڻِي ڇڏرايو آهي اهو پاڻي گڊو پهچڻ بعد صورتحال بهتر ٿيندي،