تربت(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي شهر تربت ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، ليويز عملدارن موجب تربت جي علائقي گيبن ۾ روڊ ڪناري لڳل بم ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن سبب هڪ عورت ۽ ٻار جانيون وڃائي ڇڏيون. ڌماڪي واقعي کانپوءِ ليويز فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، ريسڪيو اهلڪارن لاشن کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.