ترائي (ن پ ا) ترائي جي ڪنڌيءَ سان گذرندڙ شاخ امام واھ مٿان اڏيل موري اوچتو ڪِري پئي، جنهن سبب ترائي شھر جو مختلف علائقن مڇاري، پيرو لاشاري ۽ ٻين سوين ڳوٺن سان اچ وڃ وارو رستو بند ٿي ويو آهي ترائي شھر جي واپاري اڳواڻن ۽ شهرين سيٺ ڍالو مل، سيٺ نظير ڪنڀار، وڪيو ملاح، الهبچايو سوڍو، مدد راهمون ۽ ٻين ٻڌايو ته هن وقت سارين جي سيزن آهي، هن موري ذريعي واپاري ڏيتي ليتي ٿئي ٿي پر موري جي ڪرڻ سبب سارين جي واپار وارو سلسلو رڪجي ويو آهي هنن مطالبو ڪندي چيو ته جلد کان جلد موري جو ڪم مڪمل ڪري رستو بحال ڪيو وڃي.