تحليل نفسي نظرئي تحت موت جي خوف جو جائزو

0
195
پوسٽ ماڊرنزم فلسفو

 ڏڪار، وبا ۽ جنگ انسانن لاءِ سدائين کان پريشان ڪندڙ رھيا آھن پر تاريخ ۾ انسانن کي جيترو موت جهنجهوڙيو ۽ پريشان ڪيو آھي اڄ تائين اوترو ٻئي ڪنھن مسئلي پريشان نه ڪيو آھي. ھڪ پاسي انسان ۾ موت جي خوف سندس زندگي کي عارضي ھجڻ جو احساس پيدا ڪيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ ھن ميسر مختصر حياتيءَ کي پنھنجي عقل ۽ دانش جي ثمر يعني سائنسي دريافتن ۽ ايجادن بدولت آسان بڻايو آھي، ان کي ٻين خوفن خطرن کان آجو ڪيو آھي ۽ ايئن کڻي چئجي ته دنيا کي جنت نظير بڻائي ڇڏيو آهي ته به غلط نه ٿيندو؛ پر ٻئي پاسي موت جي خوف انسان جي زندگي ئي زھر ڪري ڇڏي آھي ۽ ڄڻ ته ھن کي جيئري ئي ماري ڇڏيو آھي. موت جي خوف انسانن کي ھميشه کان ۽ ھر طرح سان پريشان ڪيو آھي. مطلب ته موت جو خوف اسان کي جسماني ۽ نفسياتي (ذھني، جذباتي، سماجي ۽ روحاني) طرح سان پيڙيندو پئي رھيو آھي. ھتي اسان سگمنڊ فرائيڊ (Sigmond Freud 1856-1939)  جي تحليل نفسي نظريي ھيٺ موت جي خوف جو سادن لفظن ۾ جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

موت متعلق پيڙائون ۽ تلخ تجربا زندگي جي ڪنھن نه ڪنھن ڏاڪي تي اسان منجهان ھر ڪنھن جي زندگي جو حصو رھيا آھن، مثال طور والدين لاءِ پنھنجي ٻار جي موت جو تجربو يا بيماري ۾ سندس موت جي منهن ۾ وڃڻ جو خوف، ڪنھن مٽ مائٽ يا دوست جي حادثاتي موت جو تجربو، نوجواني ۾ مايوسي دوران خودڪشي جي خيالن جو تجربو، يا وري ماضيءَ ۾ موت متعلق ھروڀرو جا وسوسا ۽ خدشا ۽ انهن بابت موجوده وقت ۾ موجود احساس جرم وغيره اھڙا تجربا آھن جن منجهان تقريبن ھر ڪو گذرندو آھي. جيئن ته موت ھڪ اھڙو شعبو آھي جنھن کي سڌو سنئون ڪو بني بشر تجرباتي طور تي چکي ۽ بيان نه ٿو ڪري سگهي ان ڪري ان کي اڪثر اڻ سڌيءَ ريت پنھنجن پيارن يا ٻين ماڻهن جي موت وسيلي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. ان ڪري موت جو تصور مخصوص مادي شيءَ بجاءِ مجرد (abstract) يا تصوراتي حقيقت رھيو آھي! اھو ئي سبب آھي جو نفسيات دانن کي ان جي تشريح ۾ وڌ ۾ وڌ ڏکيائي جو منھن ڏسڻو پيو آھي.

فرائيڊ جڏھن پنھنجي دور جي گهٽيل، جنگين ۽ مذھبي ور چڙھيل سماج ۾ ماڻهن جو انفرادي توڙي اجتماعي موت پوءِ ڀلي اھو جسماني گهٽ پر نفسياتي  وڌيڪ ھو ڏٺو ته ھن موت کي پڻ ھڪ انساني فطرت ۽ ضرورت طور سمجهيو ۽ پيش ڪيو. فرد توڙي قوم جي لحاظ کان جڏھن سندن داخلي ۽ جذباتي مونجهارا ذاتي ۽ اجتماعي خودڪشي جو ڏيک ڏيڻ لڳا ته ان تناظر ۾ فرائيڊ کي موت ھڪ ناگزير مسئلو ۽ جبلي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳو، ان ڪري ھن تعمير ۽ تخريب جي حوالي سان انسان ۾ ٻن اھم قوتن جي ھجڻ جو تصور پيش ڪيو: ايروز يا زندگيءَ جي قوت (Eros or Life-drive) ۽ ٿيناٽوز يا موت جي قوت (Thanatos or Death-drive). موت کي ھڪ جبلي ضرورت طور مڃڻ اصل ۾ اسان کي ان متعلق گھرائي ۾ وڃڻ ۽ اھڙي کوجنا ڪرڻ ۽ ان کان فرار جا رستا ڳولڻ کان روڪي ٿي ۽ ان کي جيئن جو تيئن تسليم ڪندي ان کي ناقابلِ تسخير بڻائي ٿي

اسان مان اڪثر جو اھو خيال ۽ نظريو ھوندو آھي ته موت اصل ۾ اسان جو ھر شيءَ کان لاتعلق ٿي وڃڻ ۽ اڪيلو ٿي وڃڻ جو احساس ۽ خوف آھي. موت ھر شيءَ کان، ھر ماڻهو کان، ھر احساس کان ۽ ھر خوشيءَ کان مڪمل ۽ قطعي عليحدگي آھي چاھي اسان ڪنھن ماڻهوءَ سان، پنھنجن پيارن سان، پنھنجي قبيلي ۽ ملڪ سان ڪيترو ئي گھرائي سان، ويجهڙائي سان ۽ اٿاھه پيار سان ڇونه جڙيل ھجون! ٻين لفظن ۾ اسان مان ھر ڪنھن کي اڪيلو ئي مرڻو آھي. ڀلي اسان سوين ماڻهن سان گڏ ھوائي جھاز جي ڪنھن حادثي ۾ ئي ڇو نه مرندا ھجون، پر اسان مان ھر ھڪ اڪيلو ٿي ۽ پنھنجو خانگي موت ئي مرندو! ھن تناظر ۾ مذھبي نظريا انسانن کي عظيم تسلي ۽ آرام فراھم ڪن ٿا ۽ اھو يقين ڏيارين ٿا ته مرڻ کان پوءِ ڀلي دنيا جا سڀ ماڻهو اسان کي اڪيلو ڇڏي وڃن پر اسان اڪيلا نه ھونداسين ڇو ته آسمانن ۾ خدا اسان سان ھميشه ۽ ھر وقت گڏ ھوندو.

اڪيلو ٿيڻ جو احساس رڳو اسان جي پنھنجي موت سان لاڳاپيل نه آهي پر اھو اسان جي پيارن جي موت سان پڻ لاڳاپيل آهي؛ مثال طور جڏھن ٻارن کان انھن جي والدين مان ھڪ کي موت کسيندو آھي، يا موت والدين کان سندن ڪو ٻار کسيندو آھي، يا موت زال کان سندس مڙس کي جدا ڪري ڇڏيندو آھي، يا موت مڙس کان سندس زال ڦري وٺندو آھي ته اھڙين صورتن ۾ اصل خوف ٻيو ڪو نه پر پنھنجي اڪيلو ٿي وڃڻ جو ئي ھوندو آھي. اھو ئي سبب آهي جو بيخودي ۾ مرتئي تي پونئرن جون ڪجھه اھڙيون ماتمي دانھون ٻڌڻ ۾ اينديون آھن: “توھان مونکي نٿا ڇڏي وڃي سگهو”، “توھان مونکي ڪيئن ٿا ڇڏي سگهو؟”، “ڇا توھان مون سان پيار نه ٿا ڪريو؟” ۽ اھو صدمو اندر ۾ لڪل احساس جرم کي به جاڳائي سگهي ٿو: “ضرور مون کان ڪا غلطي ٿي آھي”، “ضرور مون توھان کي رنجايو ھوندو”.

اھا پيڙا ايتري ته تڪليف پھچائيندڙ ھوندي آھي جو ڪجھه ماڻهو موت جي خوف کي پنھنجي محبوب کان ڌار ٿيڻ سان مشروط ڪري ڇڏيندا آھن ۽ فقط ان ڊپ کان ته متان ڪڏھن پنھنجي پياري کان جدا ٿي وڃون، اھي ڪنھن جي ايترو ويجهو ئي نه ويندا آهن يا ٻئي کي ايترو ويجهو ٿيڻ نه ڏيندا آھن جو اھي انهن سان پيار ڪرڻ لڳي وڃن. ياد رھي ته جيڪي ماڻهو عادي طور تي ھڪ کان وڌيڪ چالو عورتن يا لوفر مردن سان وقتي جنسي لاڳاپا رکندا آھن شايد اھي پڻ موت جي خوف ۽ پنھنجي پياري محبوب جي دائمي وڇڙڻ جي خوف ۾ مبتلا ھوندا آھن! اھڙو نفسياتي خوف جڏھن وڌي ويندو آهي ته ڪجهھ ماڻهن ۾ ھر ڳالهھ ۽ ھر شيءَ لاءِ دلچسپي پڻ ختم ٿي ويندي آهي. حالتون جڏھن وڌيڪ ڳنڀير ٿي وينديون آھن ته ماڻهو ايئن سوچيندو آھي ته ھر ڪم ۾ ۽ ھر ڳالھه ۾ جيئن ته ڪجهھ نه ڪجھه رسڪ يا خطرو ھوندو آھي انڪري زندہ رھي پنھنجي زندگي ڇو داءُ تي لڳائجي! اھڙي صورت ۾ اھڙا ماڻهو يا ته زندہ لاش بڻجي ويندا آھن يا وري انتھائي قدم کڻندي خودڪشي ڪري ڇڏيندا آھن!

جيڪڏھن موت کي جسماني (خودڪشي) نه پر نفسياتي ۽ ذھني موت طور ڏسون ته اسان کي جيڪي اڪثر ماڻهو پنھنجن پيارن کان، پنھنجن ٻارن کان، پنھنجي صحت کان، ظاھري ڏيک يا خوبصورتي کان يا پئسن کان لاتعلق بڻجي ويندا آھن اھي دراصل ماضي ۾ پھتل ڪجھه صدمن جي ڪري جذباتي موت جو شڪار ٿيل ھوندا آھن. ٻين لفظن ۾ انهن جو لاشعور انهن کي اھو ياد ڏياريندو رھندو آھي ته جيڪڏھن اھي ڪنھن خوشي کي محسوس ئي نه ڪندا ته انهن کي ان جي کسجڻ جو ڏک به نه ٿيندو، يا وري انهن وٽ ڪجھه ھوندو ئي نه ته پوءِ ان جي کسجڻ ۽ ڦرجڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي! فرائيڊ مطابق جن ماڻهن جي زندگي ۾ موت جو خوف جيترو غالب ھوندو آھي ته عجيب ڳالھه اھا آھي ته انهن جا رويا جسماني موت (خودڪشي) توڙي نفسياتي يا جذباتي موت (ماڻهن ۽ شين سان لاتعلقي) ڏانھن اوترا وڌيڪ گھرا بڻجي ويندا آهن. اھي اندر جا جهريل ۽ مئل ماڻهو زوري زنا، ٻارن تي تشدد، ايڊز، جيون ساٿين جي قتل يا تشدد، قدرتي آفتن جھڙوڪ زلزلن، سيلابن ۽ ڏڪارن تي ٺھيل عام آگاھي جي ڊاڪيومينٽريز توڙي  خونخوار ڀوائتيون فلمون ڏسي نه سگهندا آھن!

ڳالھه جو ڳاٺو جيڪڏھن وٺجي ته اھو وڃي بيھندو ته سگمنڊ فرائيڊ جا تحليل نفسي ۾ موت جي خوف متعلق پيش ڪيل تصور اڄ به تمام اھميت جا حامل آھن ۽ انساني نفسيات سندس پيش ڪيل نظرين ۽ تصورن کان سواءِ اڻپوري آھي.

مددي ڪتاب:

Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York-London)

Yuval Noah Harari (2016). Homo Deus: A  History of Tomorrow. Vintage/Penguin.