جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي رمضانپور جي رهواسي محمد شريف لاشاري پنهنجي وڪيل معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرف الدين شاهه جي عدالت ۾ ليگل پروٽيڪشن لاءِ درخواستگذار داخل ڪرائي آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پٽ پرويز لاشاري کي 15 فيبروري تي سٽي ٿاڻي جي حد مان کنڀيو ويو، 23 فيبروري تي ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ کيس هاف فراءِ ڪيو ويو آهي، هاڻي پوليس منهنجي پٽ پرويز لاشاري ۽ اسان مٿان وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪندي، عدالت کي عرض آهي ته اسان مٿان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان پوليس کي روڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.