نواب شاهه (رپورٽر) اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي ڀيڻ حميدهه ڏاهري نواب شاھ جي عدالت ۾ تحفظ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، حميدهه عدالت سان رجوع ڪندي وڪيل سچل مجيب ماڇي معرفت قانوني تحفظ جي درخواست جمع ڪرائي، سيشن جج جي عدالت ڊي آءِ جي، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، ضلعي جي سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايچ اوز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڄ 21 نومبر تي مقرر ڪري ڇڏي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته اسماعيل ڏاهري جي خاندان کي   مختلف طريقن سان هيسائي ضمانتن وارين درخواستن تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هوڏانهن حميدهه ڏاهري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سياسي بااثر ماڻهو پوليس سان گڏجي پرائيويٽ ماڻھن اسان جي زمينن، گهرن، بنگلن، اوطاقن، گاڏين ۽ ڪاروبار تي حملا ڪري قبضا ڪيا آهن.