اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کان پوءِ تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي چندو گڏ ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي، گهرو وزارت جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اهم اڳواڻن جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ کان علاوه سندن اڪائونٽ منجمند ڪرڻ لاءِ به تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن، ڪالعدم قرار ڏيڻ کان پوءِ ڪا به پارٽي چندو گڏ نه ٿي ڪري سگهي، ان ڪري تحريڪ لبيڪ مٿان چندو گڏ ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ٿي وئي آهي، گهرو وزارت جي ذريعن مطابق چئني صوبائي حڪومتن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻن تي ڪڙي نظر رکي وڃي ۽ ان جماعت پاران چندو گڏ ڪرڻ جي سرگرمين بابت دهشتگردي جي روڪٿام واري اداري کي آگاهه ڪيو وڃي.