تحريڪ انصاف جي تاريخ آهي، انهن جي ڪا به ريلي يا احتجاج پر امن نه هوندو آهي، بدقسمتي سان شڪ پيدا ٿي ويا آهن، ان ڪري حڪومت کي وضاحت ڪرڻي پئجي رهي آهي، سوشل ميڊيا هڪ لعنت آهي ۽ اپوزيشن ڪوڙيون خبرون هلائڻ ۾ ماهر آهي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سفيرن کي بريفنگ، اسحاق ڊار چيو ته مظاهرين کي اسلام آباد ۾ کلي ڇوٽ نه ٿي ڏئي سگهجي، مظاهرين جي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ باوجود حڪومت صبر جو مظاهرو ڪيو، سڪيورٽي فورسز وٽ رڳو ڳوڙها آڻيندڙ گئس، واٽر ڪينن ۽ ڏنڊا هئا، سفارتي مشنز ۽ اهم عمارتن جي تحفظ لاءِ آرٽيڪل 245 تحت فوج مقرر ڪئي، ريڊ زون جي سڪيورٽي بابت خاص قانون لاڳو ڪيا ويا آهن، اسلام آباد ۾ ڪنهن به احتجاج لاءِ هنڌ جو تعين ڪيو ويندو آهي، قانون موجب ريڊ زون ۾ ڪو به احتجاج نه ٿو ڪري سگهي، اسحاق ڊار چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب پي ٽي آءِ کي سنگجاني تي احتجاج جو چيو، سياسي جماعت ريڊ زون ۾ ئي احتجاج ڪرڻ تي بضد هئي.