اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ 23 مارچ جي رات جلسي جي اجازت گهري ورتي. تحريڪ انصاف طرفان جلسي جي درخواست ريجنل صدر اسلام آباد عامر مسعود مغل مئجسٽريٽ کي جمع ڪرائي آهي. جلسي لاءِ ٽي جايون ڊي چوڪ، ايف نائن پارڪ ۽ پريڊ گرائونڊ تجويز ڪيو ويوآهي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 23 مارچ تي ممڪن نه ٿي سگهي ته 30 مارچ تي جلسي جي اجازت ڏني وڃي.