تحريڪ انصاف جو اڄ اسلام آباد ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو، جلسي گاهه ويجهو بارودي مواد هٿ

0
50

تحريڪ انصاف اڄ اسلام آباد ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي، سنگجاني واري علائقي ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ڪارڪنن جي آمد جاري، پشاور سميت خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن مان گاڏين جا قافلا اسلام آباد روانا

 ملڪ جي ٻين علائقن مان به قافلن جي روانگي، اسلام آباد انتظاميا شهر جي 29 هنڌن کي ڪنٽينر لڳائي سيل ڪري ڇڏيو، نيو مارگلا روڊ، زيرو پوائنٽ، فيصل چوڪ، بري امام ڪراس کي سيل ڪيو ويو

ايڪسپريس وي، ميرٽ هوٽل چوڪ، نادرا چوڪ، سيڪريٽريٽ چوڪ، فاٽا هائوس، ترامڙي چوڪ، شاهپور ۽ بني گالا روڊ کي سيل ڪيو ويو، فيض آباد، نائنٿ اوينيو، گولڙه موڙ، موٽر وي ٽول پلازه ۽ ترنول ڦاٽڪ کي به سيل ڪيو ويو

اسلام آباد پوليس ۽ انتظاميه جو چوڻ آهي ته جلسي گاهه ڏانهن وڃڻ لاءِ روٽس متعين ڪيا ويا آهن، طئي ٿيل روٽس کان هٽي ڪري جلسي گاهه ڏانهن پيدل، موٽرسائيڪل يا گاڏين تي ويندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي

پي ٽي آءِ جي جلسي گاهه ويجهو هٿ آيل شڪي بيگ مان دستي بم، ڊيٽونيٽر، تار ۽ ٻيو بارودي مواد هٿ، اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنگجاني ۾ سرچ آپريشن دوران شڪي بيگ هٿ آيو

 بيگ مان تباهي پکيڙيندڙ مواد، دستي بم، ڊيٽونيٽرز ۽ تارون هٿ آيون، اثرائتي سيڪيورٽي سبب اسلام آباد کي هڪ وڏي تباهي کان بچايو ويو

 اسلام آباد پوليس جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ بيگ مان هٿ آيل هينڊ گرنيڊ کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو، شهرين کي سرچ دوران پوليس سان سهڪار جي اپيل ڪئي وئي

هي به پڙهندا

هاڻ جلسو ان هنڌ ڪيو ويندو جتي حڪومت جي اجازت هوندي: صدر آصف زرداري بل تي صحيح ڪري ڇڏي