تحريڪِ انصاف جون سياسي نادانيون

0
49
تحريڪِ انصاف جون سياسي نادانيون

 2014ع کان عمران خان جي سياست، انتشار، اناپرستي ۽ لاقانونيت واري سياست رهي آهي. فيض آباد ڌرڻي کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جي وچ قربائتو رشتو ته گھڻو وقت اڳ ٽُٽي ويو آهي پر هُو اُن دور جي سحر مان نڪري موجوده حالتن مطابق پنهنجو نئون لائحه عمل جوڙڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. عمران خان کي سياسي ميدان ۾ بي عقل چئجي ته به ڪو واڌاءُ نه ٿيندو، ڇو ته پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ هُن جا ڪيل ڪجهه فيصلا معروضي حالتن سان تضاد ۾ رهيا آهن، جنهن جي ڪري هُن کي ڪافي نقصان پڻ ڀوڳڻو پيو آهي پر تنهن هوندي به ماضي هُن جي لاءِ سبق آميز ناهي ۽ هو پنهنجا سياسي ‘بلنڊر’ ورجائيندو رهي ٿو. هن جي شاخسانه طبيعت جي ڪري، حڪمرانن طرفان هن سان مذاڪرات ڪرڻ تمام مشڪل ٿي ويا آهن، ڇو ته هو رڳو مڃرائڻ چاهي ٿو ۽ مڃڻ نه ٿو چاهي ۽ هر وقت فساد ڪرائڻ لاءِ تيار رهي ٿو. جھڙي ريت اسٽيبلشمينٽ عمران خان مان هٿ ڪڍيا آهن، هُو اڃان تائين انهيءَ احساسِ ڪمتري ۽ ڏُکَ مان نڪري، پنهنجو نئون لائحه عمل جوڙي نه سگهيو آهي. شايد اهو انهيءَ ڪري آهي جو اها احساسِ ڪمتري عمران خان لاءِ بلڪل نئين آهي، جنهن جي ڪري اُها هن کي هضم نه پئي ٿئي، جڏهن ته نواز شريف ۽ زرداري ماضيءَ جي وڏي تجربي کانپوءِ اهڙي قسم جي احساسِ ڪمتري مان نڪري، نتيجي طور پڪا ٿي ويا آهن.

عمران خان جا وڏي انگ ۾ حامي اڃان به آهن ۽ انهن لاءِ هُو هڪ ‘هيرو’ آهي، جنهن جي وجهه اها آهي ته، پاڪستان جو عوام گذريل 50 سالن کان ٻن وڏين اقتداري پارٽين يعني پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جو هڪٻئي کانپوءِ سلسليوار ايندڙ دور ڏسندو رهيو آهي ۽ عمران خان جو چهرو انهن لاءِ نئون هو، جنهن جي ڪري عوام پنهنجون اُميدون هُن سان جوڙي ڇڏيون. عمران خان کي جڏهن اسٽيبلشمينٽ جي پُٺ ملي ۽ هن جي مقبوليت کي چار چنڊ لڳا ته هُن پنهنجو سياسي بيانيو به اهڙو ٺاهيو، جيڪو عوام جي دلين ۾ وڃي لڳو. مُلڪ پنهنجي وجود کان وٺي بحرانن جو شڪار رهيو آهي ۽ عوام اُن بحرانن جي نتيجي طور گھڻو ڪُجهه ڀوڳيو آهي. عمران خان طرفان ٻاريل تبديليءَ جي ڪوڙي چڻنگ، نئين پاڪستان جا خُواب، اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائيءَ سان کيس ملندڙ مقبوليت ۽ جهونن سياستدانن مان عوام جي بيزاري ۽ ڪن ٻين سازشن جي نتيجي ۾ عمران خان 2018ع جي اليڪشن ته کٽي ويو پر اڳيان هلي حڪومت هلائڻ هُن جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج ثابت ٿيو.

چيو وڃي ٿو ته، عمران خان پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان مقبول ترين سياستدان آهي. اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ ئي هُن کي ايترو مقبول بڻايو پر بذات خود هن ۾ اهڙي ڪابه سياسي دورانديشي ۽ نظريو ڪونهي، جنهن جي ڪري هُو اهڙو مقبول بڻجي سگھيو ٿي. عوام ۾ پڻ هُن جي مقبوليت جو اصل سبب اسٽيبلشمينٽ ئي هئي. 24 نومبر تي ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج هڪ دفعو وري عمران خان جي سياسي نادانپڻي کي ثابت ڪيو آهي. اقتدار جي نشي ۾ گم سياستدانن لاءِ عوام ته رڳو قربانيءَ جي ڇيلي وانگر آهي. 24 نومبر جي احتجاج جي قيادت عمران خان جي گھرواري بشريٰ بي بي وٽ هئي، جنهن احتجاج دوران ته گھڻا ئي دعويٰ ڪيا ته عمران خان کي آزاد ڪرائڻ کانسواءِ احتجاج قطعي ڪونه ختم ڪبو پر 26 نومبر جي رات واري آپريشن کانپوءِ عوام کي بي سروپا ڇڏي پاڻ، پارٽي قيادت سان گڏ نڪري هلي وئي. نتيجي طور، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اوچتو جهڙپ، احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن کي سُڪتي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ٻُڌڻ ۾ اچي پيو ته ڪجهه ماڻهو انهيءَ آپريشن جي نتيجي ۾ مارجي به ويا آهن. خير احتجاج ته ختم ٿي ويو پر نقصان وري به پاڪستان تحريڪ انصاف کي ئي ڀوڳڻو پوندو.

اندازو اهو آهي ته، اُن احتجاج جي نتيجي ۾ حڪومت هاڻ عمران خان کي اڃان به ڏکيو وقت ڏيندي، پارٽي قيادت تي هڪ دفعو وري مختلف ڪيس داخل ڪيا ويندا ۽ ويجهي مستقبل ۾ عمران خان جي جيل مان آزاديءَ جو ڪوبه آسرو هاڻ نظر نه ٿو اچي. حڪومت، عمران خان کي ايستائين جيل ۾ رکندي، جيستائين عمران خان موجوده حڪومت لاءِ چئلينج نه رهندو. عمران خان جي دور ۾ به نواز شريف ۽ شهباز شريف گھڻي گوڙ کانپوءِ نيٺ 2018ع جي اليڪشن جي نتيجن کي قبول ڪيو هو ۽ عمران خان جي حڪومت کي پڻ تسليم ڪندي، پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ تي راضي ٿي ويا هئا. نواز شريف کي پڻ جيل مان آزاد ڪيو ويو هو ۽ هو لنڊن وڃي رهيو هو. ملڪ ۾ وڌيڪ سياسي انتشار کان بچڻ لاءِ عمران خان وٽ پڻ اهو ساڳيو ئي آپشن موجود آهي ۽ اُن سان ئي کيس رليف ملي سگھي ٿو.

جمهوريت ته هونئن به هن ملڪ ۾ هڪ خواب ئي وڃي رهي آهي. اقتداري ڌرين، جمهوريت ۽ سياست جو مذاق بڻائي انهن کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ استعمال پئي ڪيو آهي. اهڙي قسم جو سياسي انتشار هاڻ نه ته ملڪي معيشت ۽ سلامتيءَ لاءِ موزون آهي ۽ نه ئي وري ڪو پاڪستان جو عام ماڻهو به ان کي برداشت ڪري سگھي ٿو. سياسي پارٽين کي پنهنجي ذاتي مسئلن تي وڙهڻ بجاءِ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ کپي، جيڪو هينئر تمام گھڻن مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي، جيڪي سياستدانن جي غلط پاليسين ۽ روين جي ڪري ئي پيدا ٿيا آهن.