تحريڪن کان خوف ڪنهن کي..؟

0
265

جمھوريت جو بنيادي مخالف يا دشمن ڪنهن کي ٿو چئي سگھجي ڇا هن ملڪ ۾ جمھوريت تي راتاهو هڻندڙ رڳو آمريتون رهيون آهن ڇا جمھوريت جي طاقت ۽ اهميت جي خوف ۾ اسٽيبلشمينٽ رهي ٿي يا جمھوريت جي طاقت جي اڳيان خود جمھوريت جون دعويدار پارٽيون به خوفزده آهن.جمھوريت جي طاقت ڪنهن سان جڙيل ۽ ڪنهن جي بنيادن تي بيٺل آهي اهو سمجھڻ ڪنهن به فرد لاءِ ڏکيو ناهي. يقينن جمھوريت جو تعلق عوام سان هجي ٿو ۽ جمھوريت جو فائدو به عوام کي ئي پهچندو آهي پر جمھوريت جي نظريئي،ان جي اهميت، ان جي افاديت کي عوام تائين پهچائڻ جو ڪم يا پورهيو سياسي پارٽيون ڪنديون آهن سياسي پارٽيون پنهنجي ڪارڪنن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ عوام تائين اهو نظريو پهچائڻ تائين هڪ گاڏيءَ جو ڪردار ادا ڪنديون آهن جنهن کان پوءِ سياسي پارٽين جي تعلق ۾ عوام جڙندو آهي. جڏهن عوام سياسي پارٽين جي پورهئي جي نتيجي ۾ جمھوريت جي افاديت کان واقف ٿيندي جمھوريت جو ڦل حاصل ڪندي اڳتي وڌي ٿو ته اهو ئي جمھوريت جو محافظ به بڻجي ٿو پر جڏهن سياسي پارٽيون پنهنجي تنظيمي سگھه کي ۽ جمھوريت جي نظريئي کي عوام تائين پهچائڻ جو پورهيو ناهن ڪنديون تڏهن اهو ٺيڪ طرح سان سمجھڻ گھرجي ته سياسي پارٽيون جمھوريت جي ان صورت کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن جنهن جو محافظ ۽ نگهبان عوام هجي. هاڻي سوال هيءَ ٿو پيدا ٿئي ته پاڪستان جي اندر يعني پاڪستان جي 74 سالن جي تاريخ ۾ 74 کان به وڌيڪ جمھوريت تي حملا ٿيندا رهيا آهن جمھوريت تي حملو رڳو اهو ناهي ته ڪنهن چونڊيل حڪومت جو تختو اوندهو ڪري اقتدار تي آمريت قابض ٿئي پر جمھوريت تي حملو هر ان عمل سان آهي جنهن عمل سان عوام ۽ جمھوريت جي نظريئي کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪيو وڃي پاڪستان جي اندر مسلسل جمھوريت تي راتاهي کان پوءِ جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ عوام جي طاقت کي استعمال ڪرڻ جي ڪڏهن به سنجيده ڪوشش ناهي ڪئي وئي. هر وقت آمريت جي خلاف جيڪڏهن ڪو دٻاءُ وڌو ويو آهي ته اهو دٻاءُ لڪل ڊيلنگ جي حڪمتِ عمليءَ سان وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي يا وري هلڪا ڦلڪا جلسه ڪري جلسه ۽ مارچ ڪرڻ جو رستو اختيار ڪندي هاڻي حڪمتِ عملي ان حد تائين پهتي آهي ته دارالحڪومت جي شهر ۾ ڌرڻو لڳايو وڃي ۽ اهو ڌرڻو اوستائين هلي جيستائين حڪومت هٽي نه پر ڪجھه واعدن اقرارن ۽ پڪ پڪاڻين کان پوءِ هڪ ٻيو رستو ڪڍندي لڪل ڏيتي ليتيءَ سان ڌرڻا ختم ڪرڻ جو رستو اختيار ڪيووڃي. پاڪستان جي تاريخ ۾ هن وقت تائين ڪا به سنجيده پوري ملڪ جي عوام جي طاقت سان تحريڪ هلائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي وئي ( سواءِ 83 جي ايم آر ڊي تحريڪ کان ٻي تحريڪ ناهي هلي ۽ اها به پوري حڪمتِ عملي ۽ ڪوشش سان سنڌ ۾ تحريڪ هلائي وئي انهيءَ تي تمام گھڻو بحث ڪيو ويو آهي انهيءَ جي ورجاءَ ۾ نٿا وڃون ) ڇا سياسي پارٽيون تحريڪ هلائڻ جي سگھه نٿيون رکن يا تحريڪن جي حڪمتِ عملي ۽ ڏانءُ هنن کي ناهي پر انهيءَ کان پهريان خود سياسي پارٽيون هن وقت تائين اهو جواب ناهن ڏئي سگھيون ته پارٽين جي اندر جمھوريت جو طريقيڪار ۽ اصول ڇو اختيار نٿو وڃي، ڇو سياسي پارٽين تي رڳو خاندان جا چنبا کتل آهن. هي به سوال بنيادي اهميت رکي ٿو ته هن وقت تائين سياسي پارٽين جي خانداني قبضاگيريءَ خلاف خود پارٽيءَ جي اندر ڇو تحريڪ ناهي هلائي وئي سڄي ملڪ جي سياست ۾ اهو ڪلچر ( سواءِ هڪ اڌ پارٽيءَ جي ) ڇو تسلسل سان برقرار رهندو ٿو اچي. 18هين ترميم وقت پارٽيءَ جي اندر جمھوريت جي سوال کي آئيني ضمانت ۾ شامل ڇو نه ڪيو ويو. سڀئي پارٽيون هڪ ٽيبل تي ويهي ڇو متفق ٿيون ته اها شق آئين ۾ شامل نه ڪئي وڃي ته پارٽين جي اندر جمھوريت هجي، وڏي حڪمتِ عمليءَ سان بال اليڪشن ڪميشن جي ڪورٽ ۾ ڦٽو ڪيو ويو پر پوءِ به احتجاج ۽ مطالبو نه ٿيو. ميڊيا ۾ تنقيد جا تير مسڪرائيندي آسيرا پاسيرا ٿي ويا ۽ نه وري ڪنهن هن وقت تائين ڪورٽ ۾ اهوسوال اٿاريو آهي ته جڏهن پارٽين جي اندر جمھوريت نه هوندي يعني جمھوريت جو بنيادي نظريو پارٽيءَ جي ليڊر شپ ڪارڪنن تائين نه پهچائيندي ته پوءِ اها جمھوريت ۽ ان جو نظريو عوام تائين ڪيئن پهچندو. سياست جي دنيا تي بحث ڪندڙن کي يا سياست جي الف ب سمجهندڙن کي باآساني اها ڄاڻ آهي ته ڪا به سياسي پارٽي تڏهن طاقتور ٿي سگھي ٿي جڏهن ان جي جوڙجڪ ۾ جمھوريت جو فولادي نظريو مضبوط هجي. خاندانن جي ڪنٽرول ۾ رهندڙ پارٽيون پنهنجي ڏيک ۾ ته پارٽيون هونديون آهن پر عملي طرح اهي صرف ۽ صرف گروھه چورائي سگھن ٿا. اهي گروھه پارٽي ٿيندي اهو خوف محسوس ڪندا آهن ته جيڪڏهن پارٽي ٿياسين ته خانداني مفاد ختم ٿي ويندا ۽ ان جو فائدو خاندان کي نه هجڻ جي ڪري هو پنهنجو نقصان ڪنهن به صورت ۾ کڻڻ جي لاءِ تيار ناهن هوندا. انهيءَ کان علاوه هڪ ٻيو پهلو جيڪو گروهن کي يا انهن نام نهاد پارٽين کي هڪ طاقتور سياسي پارٽيءَ ۾ بدلائي ٿو ڇڏي اهو پهلو حالتن جي تنگ دستي، معاشي بحران، رياست جي ادارن جو عوام دشمن ڪردار. عوام جي بدحالي ۽ بيچيني جي دٻاءَ ۾ جيڪڏهن ڪا تحريڪ هلائي ويندي ته يقينن اها تحريڪ اڳتي وڌندي تمام وڏي سياسي ماحول کي جنم ڏيندي اهڙو سياسي ڪلچر پيدا ڪندي آهي جو انهيءَ کان پوءِ ان ملڪ جي عوام کي پوئتي هٽائي نٿو سگھجي ۽ نه وري ان سياسي پارٽيءَ کي خانداني پارٽي رهڻ ڏيندو، تنهن ڪري اها ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته برين ۽ بدحالتن ۾ هلڪيون ڦلڪيون تحريڪون ۽ اهي دٻاءَ جن جو پاڻ مٿي ذڪر ڪيو آهي وڌايا ويندا پر تحريڪ هلائڻ جي لاءِ ڪڏهن به سنجيدگي ناهي ڏيکاري ويندي. هن وقت جيڪڏهن پاڻ موجوده سياسي بحران ۾ هي سوال اڳيان رکون ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو مخالف ڌر عمران خان حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي گڏيل اتحاد تي سخت تنقيد ڪرڻ کان پوءِ به تحريڪ نٿي هلائي ته انهيءَ جو اصل ڪارڻ ڪهڙو آهي. تحريڪ کان بنيادي خوف ڪنهن کي ٿو ٿئي گڏيل اپوزيشن کان سواءِ ن ليگ مولانا ۽ هڪ ٻه جماعت گڏجي ڪري جي عوامي تحريڪ هلائين ته ان تحريڪ جي اڳيان يقينن اسٽيبلشمينٽ ڪمزور ٿي ويندي، پارليامينٽ مان استعيفائن جو سوال ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويندو. پ پ پ جي ٻه طرفا گيم جا ڪارڊ به ڪمزور ٿي ويندا، ان طاقت ۽ نتيجن مان نواز شريف سان گڏوگڏ پوري ن ليگ ۽ مولانا يا سياسي قيادتون ٺيڪ طرح سان واقف آهن پر هو تحريڪ هلائڻ جي لاءِ سواءِ ٽال مٽول جي تيار نظر نٿا اچن ڪا به سنجيدگي اها نظر نٿي اچي جيڪا تحريڪن جي لاءِ اختيار ڪئي ويندي آهي ۽ نه وري اها حڪمتِ عملي اختيار ڪئي ٿي وڃي، جنهن حڪمتِ عمليءَ جي بنيادن تي تحريڪ هلائي ويندي آهي ڇو ته اهو سڀ ڪجھه ڄاڻندي ته تحريڪ جي طاقت اڳيان يعني عوام جڏهن رستن تي نڪري ٿو اچي ته پوءِ ڪا به اسٽيبلشمينٽ جي ديوار بيهي نه سگھندي ۽ نه ڪا جوڙتوڙ جي حڪمتِ عملي رڪاوٽ وجھي سگھندي، ليڪن انهيءَ سان گڏوگڏ هي تيز دماغ جا سياستدان هي به ڄاڻن ٿا ته ان تحريڪ کان پوءِ سياسي ڪارڪن ۽ عوام جي طاقت اڳيان خانداني ۽ گروهي مفاد ڪمزور ٿي ويندا. پارٽيءَ جون ٽڪيٽون جنهن جاگيرداري انداز ۾ خانداني نوازش سان ورهايون وينديون آهن اهي نه ورهائي سگھبيون ۽ نه وري انتظاميه جي اندر عهدن جي نوازش ڪري سگھبي. سياسي شفافيت معاشي ۽ انتظامي شفافيت کي جنم ڏيندي اهڙي سياست جو وڌيڪ فائدو عوام کي ٿيندو. هو ڄاڻن ٿا ته تحريڪون جڏهن طاقتور ٿينديون آهن ته تنظيمن تي به غالب پئجي وينديون آهن جيڪو ڪم تنظيم جي ذريعي نه ڪيو ويو تحريڪن کان پوءِ اهو خودبخود ٿي ٿو وڃي، ڇو ته تحريڪ هڪ سائڪلون جيان وڌندي هر رڪاوٽ ٽوڙِي ٿي ڇڏي. ان عوام جي ٻوڏ سان عوام دشمن ملياميٽ ٿي وڃي ٿو تنهن ڪري جڏهن پاڻ هن ملڪ ۾ سياسي پارٽين ۾ تحريڪن تي ٻڏتر ۽ اگر مگر جي ڪيفيت ۽ ماحول ڏسون ٿا ته اسان کي به آساني ۽ ٺيڪ طرح سان سمجھڻ گھرجي ته سياسي تحريڪن مان جيترو خوف اسٽيبلشمينٽ کي آهي يا آمريت جا ذهن تحريڪ جي تصور کان ڌڏن ٿا ان کان وڌيڪ خوف ۾ مبتلا موجوه سياسي پارٽين جون قيادتون آهن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيون چاهن ته سياست جي مهار انهن جي هٿن ۾ نه رهي ۽ انهن جي پڪڙ قيادتن تان ڪمزور ٿئي. انهن جا ذاتي ۽ خانداني مفاد ڊانوانڊول ٿي وڃن، ڇو ته تحريڪون هڪ پراڻي سماج کي ڊاهي نئين سماج جون اڏيندڙ هونديون آهن.هاڻي پاڻ باآساني هي نتيجو ڪڍي سگھون ٿا ته تحريڪن مان اصل خوف ڪنهن کي آهي.