بيجنگ / ڪراچي (م ڊ) تبت ۾7 ڏهائي هڪ جي شدت جو زلزلو، ڪيتريون ئي عمارتون ڪري تباهه ٿي ويون، 126 ماڻهو فوت ۽ 188 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، عالمي ميڊيا جي رپورٽس موجب اڄ صبح چين جي ڏورانهين علائقي تبت، نيپال جي راڄڌاني کٽمنڊو ۽ ڀارت جي اترين توڙي اوڀرندي علائقن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، چين جي مقامي وقت موجب زلزلو صبح 9 لڳي 5 منٽن تي آيو، چين جي زلزلي نيٽ ورڪ سينٽر موجب چين ۾ زلزلي جو زور 6 ڏهائي 8 رڪارڊ ڪيو ويو ۽ اونهائي 10 ڪلوميٽر ٻڌائي پئي وڃي، چيني خابرو اداري موجب تبت جي ٽنگري ڪائونٽي ڳوٺ ۾زلزلي سبب گهر ڪرڻ ۽ 95 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ۽ 130 ماڻهو زخمي ٻڌايا پيا وڃن، چيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته هن خطي ۾ 5 سالن دوران هي سڀ کان خطرناڪ زلزلو آهي،ڀارتي رياست بِهار ۾ آيل زلزلي جي شدت 5 ڏهائي هڪ رهي، ڀارتي مقامي وقت موجب زلزلو صبح 6 لڳي 40 منٽن تي آيو، جنهن جي شدت سان 5 سيڪنڊن تائين عمارتون ڌڏنديون رهيون.