تباھي جي شدت جو احساس بھ دنيا ڏياري ڇا ؟

0
39
ڇا صحت کاتو روز اسپتالن مان لاش نڪرڻ جو انتظار پيو ڪري ؟

عوام تھ پنھنجي تباھي پنھنجي اکين سان ڏسي ۽ ڀوڳي رھيو آھي پر نھ وفاقي حڪومت ۽ نھ صوبائي سرڪار  کي ان جو احساس آھي نھ ئي  ان جي شدت جو اندازو. جيڪڏھن اندازو آھي تھ بھ پرواھھ ناھي، انھن لاءِ ڄڻ تھ اھا معمول جي ڳالھھ آھي ڇاڪاڻ تھ عوام تھ اڳ ئي بک ۽ بيمارين ۾ مري رھيو ھو، نھ کين روزگار ھو نھ ئي سرڪاري صحت جون سھولتون، جيڪڏھن انھن تڪليفن ۾ ٻوڏ جي ڪري ٿوري واڌ ٿي آھي تھ ڀلا سرڪار پنھنجي معمول واري ڪرت ڇو تبديل ڪري؟ انھن لاءِ تھ ٻھ چار فضائي چڪر لڳائڻ يا ڪنھن اڳواٽ ٺاھيل ڪيمپ جو دورو ڪرڻ ئي متاثرن جي مدد ڪرڻ آھي باقي ڪنھن کي ماني گرھھ يا صحت جون سھولتون نھ ڪڏھن  اڳ  سرڪار ڏنيون ھيون نھ ئي ھاڻي انھن مان اميد رکڻ گھرجي.  ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن انساني جانين جي ھنن حڪمرانن آڏو ڪا قيمت ھجي ھا تھ ايمبولينسون، مسافر ٽرانسپورٽ طور نھ ھلن ھا،سرڪاري دوائون خانگي اسٽورن تي نھ وڪرو ٿين ھا ٻيو تھ ٺھيو 10 سال اڳ ٻوڏ دوران آيل مڇر دانيون ھن وقت تائين گودامن ۾ نھ پيل ھجن ھا. ھاڻي بھ امداد لاءِ آيل سامان گودامن ۾ گڏ ڪرڻ جون خبرون آھن ۽ ڇاپن ۾ اھو سامان ھٿ اچي رھيو آھي يا عوام پاڻ انھن گودامن تي چڙھائي ڪري سامان کڻي رھيو آھي پر سرڪار يا انتظاميا اھو راشن يا خيما ورھائڻ لاءِ تيار ناھي.

انھي کان وڏي بي حسي ٻي ڪھڙي ٿيندي جو اسان جي حالت ڏسڻ ۽ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ٻاھران ايندڙ ماڻھو تباھي جي شدت ڏسي روئي واپس وري رھيا آھن پر اسان جي حڪمرانن جي نرڙ تي ڪو گھنج ئي نھ ٿو پوي يا ڪا پريشاني نھ ٿي ٿئي تھ جيڪا امداد ورھائڻ لاءِ پھتي آھي انھي کي منصفاڻي نموني ورھائڻ ۾ ڪوتاھي ڪندڙن خلاف ڪارروائي يا ڪاوڙ ڪن.گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جڏھن پاڪستان جو ٻن ڏينھن جو دورو ڪري ويو تھ ھن دنيا کي پيغام ڏنو تھ پاڪستان ۾ وڏي تباھي ٿي آھي اھڙي تباھي ھن پنھنجي زندگي ۾ نھ ڏٺي. ھاڻي وري گڏيل قومن ۾ پناهگيرن بابت عالمي اداري جي ايلچي اينجلينا جولي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ خطاب ڪندي چيو تھ  ماحوليات کي گهٽ نقصان پهچائيندڙ ملڪ تباهي کي منهن ڏئي رهيا آهن، پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ امدادي سرگرميون ڪيون وڃن، ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو سوال آهي اينجلينا جولي چيو آهي ته ٻوڏ جي تباهيءَ جا اهڙا منظري پهرين ڪڏهن  نه ڏٺا، آئون دُنيا کان ڊو مور واري مطالبي ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏينديس.مسئلو تباھي جو ناھي پر مسئلو اھو آھي تھ انھي تباھي جو ڪنھن کي ڪيترو احساس آھي جنھن کان پوءِ ئي انھي تباھي کي عوام جي بحالي ۾ بدلائڻ لاءِ ڪوششون ڪري سگھجن ٿيون پر جڏھن ڪنھن کي احساس ئي نھ ھجي تھ ڪيتري تباھي ٿي آھي تھ پوءِ اھا ڪوشش بھ انھي احساس جيتري ھوندي.مڃون ٿا تھ حڪومت ھن ھيڏي وڏي پئماني تي ٿيل تباھي کي ڏينھن ۾ ٺيڪ نھ ٿي ڪري سگھي پر ڇا جيڪا انھي جي انتظامي مشينري آھي اھاپنھنجي مڪمل اھليت ،صلاحيت ۽ حيثيت سان ڪم ڪري رھي آھي تھ ان جو جواب نھ ۾ آھي .ھن وقت بھ ماڻھو رڳو بيمارين ۾ مري رھيا آھن پر ڪٿي بھ سنڌ جو صحت کاتو ڪم ڪندي نظر اچي ٿو يا جيڪي ان جا يونٽ بحال آھن اھي ايئن سرگرم آھن تھ وڌ کان وڌ ماڻھن کي بيمارين کان بچائڻ جي ڪُوشش ڪرڻ گھرجي؟ رڳو ڏيکاءُ ۽ نمائش تي زور آھي باقي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪاري وارا ڪک آھن. اھو تھ رڳو صحت کاتي جو مثال ھو پر ھر کاتو ۽ ادارو ايئن ڪم ڪري رھيو آھي جنھن ڪري ريسڪيو کان وٺي رليف ۽ ايمرجنسي کان وٺي بحالي وارا سڀ ڪم رليا پيا آھن.

اسان سمجھون ٿا تھ جڏھن سڄي دنيا جون نظرون اوھان تي آھن تھ وفاقي،صوبائي حڪومتن توڙي ادارن کي پنھنجي ماڻھن کي بچائڻ لاءِ اوترو ئي متحرڪ ٿيڻ گھرجي جيترو عالمي ادارا سڄي دنيا کي مدد لاءِ اپيل ڪري رھيا آھن، تڏھن وڃي عوام کي ھن ڏکي صورتحال مان ڪڍي سگھبو. جڏھن ھتان جي حڪمرانن کي ئي پنھنجي عوام جي پرواھھ نھ ھوندي تھ باقي دنيا تي تھ ميار بھ نھ ٿي ٺھي .