تانيه خاصخيلي قتل ڪيس، عدالتن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر انصاف ناهي مليو: دعا خاصخيلي

0
49
تانيه خاصخيلي قتل ڪيس، عدالتن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر انصاف ناهي مليو: دعا خاصخيلي
تانيه خاصخيلي قتل ڪيس، عدالتن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر انصاف ناهي مليو: دعا خاصخيلي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تانيه خاصخيلي قتل ڪيس جي جوابدارن کي گهٽ سزا ٻڌائڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي

مقتوله جي ڀيڻ دعا خاصخيلي پاران درخواست ۾ جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

دعا خاصخيلي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته 7 سال اڳ خان محمد عرف خانو نوحاڻي ساٿارين سان گڏجي منهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو

هن چيو ته 6 سالن تائين عدالت جا چڪر ڪاٽيا پر اڃا تائين مڪمل انصاف نه مليو آهي، دعا جي وڪيل چيو ته قتل ڪيس ۾ ٽيون جوابدار مولابخش اڃا تائين روپوش آهي

مقتولا تانيه خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي طرفان خانو نوحاڻي جي عمر قيد واري سزا کي ڦاهي ۾ تبديل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

 سيوهڻ جي عدالت تانيه قتل ڪيس ۾ مک جوابدار خان محمد نوحاڻي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، ٻئي جوابدار کي بري ڪيو ويو هو