سيوهڻ(ن پ ا) تانيہ خاصخيلي قتل ڪيس جي سيوهڻ جي ڪالھ مقامي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي گذري, ايڊيشنل سيشن جج سيوهڻ جي عدالت ۾ ٿيل شنوائي تي تانيہ خاصخيلي قتل ڪيس جي فريادڻ دعا خاصخيلي ۽ سندن وڪيل صمد خاصخيلي حاضر ٿيا. جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي ۽ سندس وڪيل ايڊووڪيٽ ظھور بلوچ عدالت آڏو پيش نه ٿيا جنهن سبب ڪيس جي ٻڌڻي جاري نه رھي سگهي. ٻئي طرف لاڳاپيل عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدار ۽ سندس وڪيل کي ھر صورت پيش ٿيڻ جي سخت ھدايت جاري ڪئي وئي, پوليس ذريعن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته جوابدار خانو نوحاڻي اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻو ھو پر سندس قيدين واري گاڏي خراب ٿيڻ ڪري ھو عدالت آڏو پيش نه ٿي سگھيو. ھوڏانھن حاضري تي پھتل فريادي ڌر جي وڪيل صمد خاصخيلي ۽ ڪيس جي فريادڻ دعا خاصخيلي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان ھر ڀيري عدالت اچون پيا پر جوابدار ڌر جو وڪيل ٻڌڻي تي نٿو اچي پر اسان کي عدالت سڳوري مان انصاف جي پوري اميد آھي ته اسان سان انصاف ٿيندو. ٻئي طرف عدالت پاران تانيہ خاصخيلي ڪيس جي ٻڌڻي 1 اپريل تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. ياد رھي ته 5 سال اڳ 7 سيپٽمبر 2017ع تي زبردستي شادي کان انڪار ڪرڻ تي تانيہ خاصخيلي کي گهر اندر قتل ڪيو ويو هو.