سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار) سيوھڻ جي عدالت 30 ڏينهن اڳ تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو نه ٻڌايو ويو، فائنل فتويٰ جو فيصلو 10 نومبر تائين ملتوي ڪيو ويو. مليل ڄاڻ موجب ايڊيشنل سيشن ڪورٽ سيوھڻ ۾ ڪيسن جي مصروفيت سبب قتل ڪيس جو فيصلو نه ٻڌايو ويو، عدالت فيصلو 10 نومبر تي ٻڌائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ سيوهڻ جي عدالت پاران فريادي ۽ جوابدار ڌر جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو ھو ۽ جنھن کي 30 ڏينھن گذرڻ باوجود ڪيس جي فتويٰ ڏيڻ وارو  فيصلو ٻيو ڀيرو ملتوي ڪيو ويو آھي. ياد رھي ته 6 سال اڳ سيوھڻ  جي يوسي جھانگارا ۾ مقتولا تانيا خاصخيلي کي  زبردستي شادي کان انڪار ڪرڻ تي سندس گھر ۾ قتل ڪيو ويو ھو. ٻئي طرف تانيا خاصخيلي ڪيس جي فريادڻ دعا خاصخيلي ۽ وڪيل ايڊووڪيٽ صمد خاصخيلي جو چوڻ آهي ته انشاءَ الله اسان کي عدالت مان پورو آسرو آهي ته کين انصاف ضرور ملندو ۽ قتل ڪيس جا جوابدار پنهنجي آخري انجام تي پھچندا.