سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار) ڇھه سال اڳ سيوهڻ لڳ جهانگارا ۾ قتل ٿيل نوجوان ناري تانيا اخاصخيلي قتل ڪيس وارو معاملي جي ٻڌڻي ٿي، ايڊيشنل سيشن جج سيوھڻ اورنگزيب عالمگير قاضي تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت پاران قتل ڪيس جي مک جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته عدالت ھٿيار ۽ پوليس سان مقابلي جي ٻئي ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار خانو نوحاڻي کي 10 سال قيد ۽ 50 ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالت قتل ڪيس جي ھڪ ٻئي جوابدار عالي نوحاڻي کي بيڏوھي ثابت ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو ۽ عدالت مٿس 50 ھزار ڏنڊ وڌو جيڪو ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مھينا قيد ڪاٽيندو. عدالت ڪيس جي ٽئين جوابدار مولا بخش نوحاڻي کي روپوش ھجڻ جي ڪري کيس اشتھاري قرار ڏنو ۽ سندس فائيل بند ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي موجب گرفتاري بعد مٿس ٻيھر ڪيس ھلايو ويندو. ھوڏانھن مک جوابدار خانو نوحاڻي عمر قيد جي سزا اچڻ جو فيصلو ٻڌي مقتولا تانيا خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي روئي ويٺي.