ڪراچي (شوبز نيوز)  تاريخ ۾ پهرين ڀيرو پاڪستاني حسينه ايريڪا رابن حسن جي عالمي مقابلي ۾ اسٽيج تي ڪيٽ ڌيان ڇڪي ورتو. پاڪستاني حسينه ايريڪا رابن مس يونيورس جي مقابلي ۾ حصو ورتو آهي جيڪو وچ آمريڪي ملڪ ايل سلواڊور ۾ رٿيو ويو آهي. مس يونيورس جي مقابلي ۾ ايريڪا رابن اڇن موتين ۽ ستارن سان چمڪندڙ خوبصورت سلور گائون پهريو جيڪو شوقينن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي رهيو آهي جڏهن ان دوران هن جي اسٽيج تي واڪ به خوب داد وصول ڪيو.