تاريخ ۽ تهذيب … سنڌ جي عالمي شهرتِ يافته شهر منصوره جي زوالَ جي ڪهاڻي، هندستانَ جي مارڪسي مورخ عرفان حبيبَ جي زباني … جاويد اقبال لاڙڪ

0
23
تاريخ ۽ تهذيب ... سنڌ جي عالمي شهرتِ يافته شهر منصوره جي زوالَ جي ڪهاڻي، هندستانَ جي مارڪسي مورخ عرفان حبيبَ جي زباني ... جاويد اقبال لاڙڪ

 11 صدي عيسويءَ تائين، سنڌ جو شهر منصوره، آباديءَ جي خيالَ کان وچ اوڀر جي مشهور شهر دمشق جيان گُنجان هو. پر هِنَ هيڏي وڏي شهرَ مٿان، جڏهن محمود غزنويءَ حملو ڪيو ته کيس اهڙا ته گهاءَ رَسيا، جو ٻيهر ڪڏهن اُڀري نه سگهيو، ۽ تاريخَ جي وهڪري ۾، ڪٿي گُم ٿي ويو. (عرفان حبيب، ”وچولي هندستانَ جي معاشي تاريخ“)

                         [بيٺڪيت کان پهرين واري دورَ جي سنڌ کي، وچ ايشيا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا سان ڳنڍيندڙ خشڪي ۽ سامونڊي رستن بابت ڳولا ڪندي، عرفان حبيب صاحب جي ڪتابَ جو حوالو لاهري بندر جي ذڪر جي ضمن ۾ مليو. ڪتاب ڊائنلوڊ ڪري، مٿس مٿاڇري نظر وجهڻ شروع ڪيم ته پهرين صفحن ۾ ئي، غزنوي دور حڪومت ۾، هندستان جي اُترئين اُلهندي حصي جي اقتصادي صورتحال تي اَکِ اَٽڪي پئي. جنهن ۾ سنڌ جو خاص ذڪر ڪيو اٿس. اِن مضمونَ مان تڏهوڪي سنڌ جي اقتصادي حالتن بابت ڪجهه نوٽس وٺي سنڌيءَ ۾ لکي پاڻ وٽ رکيم. هِنَ موضوع ۾، دلچسپي رکندڙ دوستن سان ونڊجن ٿا.]

1026ع تائين، محمود غزنوي سنڌو ماٿريءَ جي اڪثر علائقي مٿان قبضو ڪري، کيس غزنوي سلطنت جو حصو بڻائي چڪو هو. اِنَ علائقي جي، جَن ٽن رياستن مٿان هِنَ قبضو ڪري، کين غزنوي سلطنت سان ملايو، سي هندوشاهيءَ واري بادشاهت، جنهن ۾ اُلهندو پنجاب ۽ گنڌارا وارو پاسو اچي ٿي ويو، ۽ ملتان ۽ منصوره جي اميرن جون رياستون پڻ هيون. اِنَ ماٿريءَ ۾ وڌيڪ شاهوڪار رياستون ملتان ۽ منصوره جون هيون، جن مٿان غزنوين بعد ۾ قبضو ڪيو.

 اِنَ دور بابت معلومات جا اسان جا ماخذ، ابن خرداذبه، اسطخري ۽ مسعودي آهن. اِنهن کانپوءِ ابن حوقل توڙي جو گهڻي ڀاڱي اسطخريءَ جي آڌار تي بحث ڪيو آهي، پر پوءِ به پنهنجي پاران به ڪافي معلومات ڏني اٿس. هنن کان الڳ، جاگرافيءَ بابت هڪ فارسي ڪتاب ”حدود العالم“ نالي پڻ آهي، جنهن جي مصنف مقدسي هي خطو 980ع جي ڏهاڪي ۾ گهمي ڦري ڏٺو هو. آخري ماخذ البيرونيءَ جو ڪتاب الهند آهي.

زراعت بابت هي ماخذ ٻڌائين ٿا ته خراسان جي برعڪس، سنڌ ۾ پوکَ ٻوڏ جي پاڻيءَ تي انحصار ڪندي هئي. جڏهن ٻوڏ جو پاڻي گهٽبو هو ته پوکائي ٿيندي هئي. مطلب ته ربيع جي فصلن لاءِ. ڪڻڪَ ۽ ڪمندَ جي پوکَ ٿيندي هئي. Costus (قسطِ شيرين يا قسطِ هندي؟ مٺي ڪاٺي؟) ۽ Cane (ڇَڙي؟ لَڪڻ؟)ملڪَ کان ٻاهر موڪليا ويندا هئا. منصوره جي راڄَ هيٺ شهرن جو تعداد 3 لکَ ٻڌايو ويو آهي، جيڪو تمام وڏو وڌاءُ لڳي ٿو. پر اِنَ مان هڪ ڳالهه ظاهر آهي ته اُن وقت اِهو علائقو پنهنجي ڳتيل آباديءَ جي ڪري، اِنَ تَرَ (ڏکڻ ايشيا) ۾، مشهور هوندو. ملتان جي بادشاهيءَ ۾، زرخيزي گهٽ هئي ۽ منجهس 1 لک 20 هزارَ شهرَ ۽ ڳوٺَ ٻُڌايا وڃن ٿا. ملتان ۽ منصوره کان بولان لَنگهه واري پاسي خشڪ ميدانَ هئا. جتي اُٺن کي پالي، وچ ايشيا وڪرو ڪيو ويندو هو. چيني سياح ستين صدي عيسويءَ ۾، عربن کان به پهرين، سنڌ ۾، dromedary (ننڍي قد وارا اُٺَ) ڏٺا هئا. اِنَ جانور جو استعمال تجارتي قافلن ۾ گهڻو ٿيندو هوندو. خراسان جيان، هتي به لاڏائو قبيلا ۽ هڪ جاءِ تي ڳوٺ ٻڌي ويٺل انساني آبادي، معاشي طور تي هڪ ٻئي کي سهڪار ڏيندڙ هيون.

منصوره جي آثارِ قديمه واري ماڳَ تي هيل تائين ٿيل تحقيقَ ٻڌائي ٿي ته هي شهر 400 هيڪٽرن (لڳ ڀڳ هڪ هزار ايڪڙن) تي ڦهليل هو. ۽ منجهس آبادي اندازاََ 80 هزار ماڻهن جي هوندي. 985ع ۾ جڏهن مقدسي هتي پهتو ته هِنَ لکيو ته هِنَ تمام وڏي آباديءَ وارو شهرُ ڏٺو آهي. ۽ ايڏي گُنجان آبادي هِنَ اوسيتائين رڳو دمشق ۾ ڏٺي هئي. معلومات جا هي ذريعا هڪ ڳالهه واضح ڪن ٿا ته سنڌ ڏکڻ ايشيا جي ٻين علائقن جي de-urbanization (شهرن جو ويران ٿيڻ) نه ڏٺي.

ملتان اُنهن اَيامن ۾، منصوره جي اڌَ جي برابر هو. سنڌ جي اتر ۾ واقع شهر اروڙ وري ملتانَ جي برابر هو.

هِنن ئي ايامن ۾، ديبل جي جاءِ تي، سندس ويجهو هڪ ٻئي بندر لوهاراني (اڳيان هلي لاهري) آهستي آهستي اُسرڻ لڳو. لاهري بندر جا آثار بدقسمتيءَ سان نه ٿا ملن. البت ديبل جا آثار گهڻي ڀاڱي ڀنڀور واري ماڳَ وارا آهن.

اسطخري چوي ٿو ته ملتان ۾ ماڻهن جي اڪٿريت سنڌي ڳالهائي ٿي. جڏهن ته ڪجهه حصو فارسي پڻ ڳالهائي ٿو.

البيروني لکي ٿو ته محمود جي حملن هِنَ علائقي جي خوشحاليءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو. هتي رهندڙ هندن کي (جن جو واپار ۾ وڏو هٿ هو) هر پاسي ڌوڙ جيان ٽڙ پکڙ ڪري ڇڏيو. ملتان مٿان محمودَ جي حملي دوران نه رڳو تمام وڏو قتلام ٿيو، پر 20 ملين (ٻه ڪروڙ) درهم جا مٿن ڍلَ مڙهي وئي. سومناٿ جي مهم تان واپس ورندي، محمود ساڳي طرح منصوره مٿان پڻ چڙهائي ڪئي. جنهن جا تفصيلَ اسان کي نه ٿا ملن. لڳي ائين ٿو ته اُنَ حملي جي ڌَڪ کائڻ کانپوءِ منصوره ٻيهر ڪڏهن اُڀري نه سگهيو.

تجارت به شديد متاثر ٿي. هڪ حڪايتَ مطابق، هڪ هندو تاجر اُترئين اُلهندي (اڄوڪي خيبر پختون خواه صوبي) پاسي ويو ته کيس هڪ ترڪَ گرفتار ڪري ورتو. کيس غلام بنائي وڪيو ويو. وڏين مشڪلن سان سندس دوستن پيسا ڏئي کيس آزاد ڪرايو. تاجرَ کي منع ڪئي وئي ته هاڻي ٻيهر هُو ڪڏهن اِنَ پاسي واپار سانگي نه ايندو. (ياد رهي هي اهم لنگهه هو، جتان خيبر پاس ٽپي سنڌو ماٿريءَ جا تاجر وچ ايشيا پاسي هليا ويندا هئا، تان جو گهمندي ڦرندي وڃي دمشق ۽ اُنَ کان به اڳتي ٽَپي ويندا هئا.)

هي صورتحال محمود جي حملن تائين رهي. ڇو جو اُن وقت تائين آمدني جو اهم ذريعو غنيمتَ جو مال هو. پر جڏهن ڪاهون بند ٿيون ته پوءِ خراج يا ٽيڪس وٺڻ جو سلسلو شروع ٿيو.

(Irfan Habib, “Economic History of Medieval India, 1200–1500”, New Delhi, 2010. p. p 6-9)….

(فيس بوڪ تان ورتل)