تاريخ ڳالهائيندي به آهي صاحب!

0
15
تاريخ ڳالهائيندي به آهي صاحب!

 14 ڊسمبر 1969ع تي هفتيوار ‘ايشيا’ (اهو جماعت اسلاميءَ جو فڪري ترجمان رسالو هو) ۾ جماعت اسلاميءَ جي ان وقت جي سيڪريٽري جنرل (پوءِ هو جماعت اسلامي جو امير به بڻيو ۽ جنرل ضياءُ الحق جي ‘مامي‘ طور به مشهوري ماڻيائين) ميان طفيل محمد لکيو: “مونکي پوري اميد آهي ته، اسلامي نظام نافذ ڪرڻ جو جيڪو سلسلو حضرت علي عه جي شهادت سان ڪٽجي ويو هو، ان جي بحاليءَ جي شروعات انشاء الله حضرت علي عه جي ئي عاشقن مان هڪ شخص جي هٿان پاڪستان جي سرزمين تان ٿيندي. آئون الله تعاليٰ کان دعا ٿو گهران ته، هو جنرل يحييٰ خان صاحب کي عزم، همٿ ۽ اخلاص سان گڏ پاڪستان ۾ اسلامي جمهوري نظام بحال ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي”.

                 1970ع ۾ پنهنجي آمريڪي ياترا کان پوءِ جماعت اسلاميءَ جي امير سيد محمد حسين چشتي ابوالاعليٰ مودوديءَ چيو هو، “پاڪستان کي انڊونيشيا بڻائي ڇڏينداسين ۽ ڪميونسٽن جون زبانون پاڙ کان ڇڪي وٺنداسين”. ڇا اهو صرف اتفاق آهي ته آمريڪي سفير جوزف فارلينڊ، جيڪو ان کان اڳ انڊونيشيا ۾ آمريڪا جو سفير هو، ۽ اتي جي دهشت پسند اسلامي جماعت مجومي پارٽي (جماعت اسلامي) جي ‘گاڊ فادر’ جو ڪردار ادا ڪندو هو، اهو پوءِ پاڪستان ۾ مقرر ٿيو. مولانا ڪوثر نيازيءَ پنهنجي هفتيوار “شهاب” ۾ ان چيڪ جو عڪس پڻ ڇاپي ڇڏيو هو، جيڪو آمريڪي سفير جوزف فارلينڊ مولانا مودوديءَ جي نالي جاري ڪيو هو. اهو پڻ غالبن اتفاق ئي هو، جو “يحييٰ خان جو سڌ سماءَ جو وزير نوابزاده شير علي خان پٽودي به سڌ سماءَ جو وزير بڻجڻ کان اڳ انڊونيشيا ۾ پاڪستان جو سفير هو”.

23 مارچ 1970ع واري ڏينهن ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ منعقد ٿيندڙ هاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نيشنل عوامي پارٽيءَ جي صدر مولانا عبدالحميد ڀاشانيءَ انڪشاف ڪيو هو ته، آمريڪا اوڀر پاڪستان کي ڌار ملڪ بنائڻ چاهي ٿو ۽ ان جي لاءِ هن انهن کي 5 ڪروڙ ڊالرن جي امداد ڏيڻ جو پڻ واعدو ڪيو آهي. آمريڪا ۽ ان جي دوست ملڪن اوڀر پاڪستان کي آزاد ملڪ طور تسليم ڪرڻ جو پڻ واعدو ڪيو آهي. مولانا ڀاشانيءَ جو موقف هو ته، آمريڪا پاڪستان ۾ ترقي پسند نظريا  رکندڙن جي مقبوليت کان خوفزده آهي. آمريڪي سمجهن ٿا ته، ڪجهه عرصي کان پوءِ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ جيڪڏهن ترقي پسند کٽي ويا ته، خطي ۾ تبديليءَ جي لهر ڀارت جي طبقاتي جمهوريت کي وهڪري ۾ لوڙهي ويندي. آمريڪين جي نظر ۾ ان جو علاج اوڀر پاڪستان کي ڌار ملڪ جوڙائڻ ۾ ئي هو. ان ڪري ڀارت سميت مختلف ملڪ ان جا همنوا هئا.

1970 وارين عام جونڊن کان اڳ (آڪٽوبر ۾) لنڊن ۾ عوامي ليگ جي صدر شيخ مجيب الرحمان، نيشنل عوامي پارٽي (روس نواز) جي صدر خان عبدالولي خان، ڪائونسل مسلم ليگ جي صدر ميان ممتاز خان دولتانه، اولهه پاڪستان جي اڳوڻي گورنر سيٺ يوسف هارون جي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن کي “لنڊن پلان” جو نالو ڏنو ويو (ذوالفقار علي ڀٽو ان کي ‘روم پلان’ چوندو هو، ڇو ته لنڊن ۾ گڏجاڻيءَ کان پوءِ انهن جي ٻي ملاقات روم ۾ ٿي هئي) ان ملاقات ۾ پاڪستان جي مستقبل جو منظر نامو هن ريت ٺهيو هو:

صدر: ايئرمارشل اصغر خان

وزير اعظم: شيخ مجيب الرحمان

پرڏيهي معاملن جو وزير: خان عبدالولي خان

اسپيڪر قومي اسيمبلي: مشتاق خوندڪر

گورنر سنڌ: محمود هارون

گورنر سرحد صوبو؛ ارباب سڪندر خان خليل

گورنر بلوچستان: اڪبر بگٽي

گورنر اوڀر پاڪستان: وائس ايڊمرل (ر) احسن

وزير اعليٰ پنجاب: سردار شوڪت حيات

وزير اعليٰ اوڀر پاڪستان: ڪيپٽن (ر) منصور علي خان

وزير اعليٰ سنڌ: جي ايم سيد

وزير اعليٰ بلوچستان: عطاءُ الله مينگل

وزير اعليٰ صوبو سرحد: خان عبدالولي خان جو ڪو نمائندو

يوسف هارون پنهنجي لاءِ آمريڪا ۾ سفير جو منصب گهريو هو.

لنڊن پلان ۾ طئي ڪيو ويو هو ته، “تاشقند معاهدي تي ترت عمل ڪري ڪشمير ۾ ايل او سي کي ٻنهي ملڪن جي مستقل سرحد بڻايو ويندو. چين سان خصوصي لاڳاپا قائم ڪيا ويندا. اسرائيل جي خلاف ملڪ ۾ موجود نفرت کي ختم ڪيو ويندو”.

28 فيبروري 1971ع تي ذوالفقار علي ڀُٽي لاهور ۾ مينار پاڪستان جي ميدان ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته، “جيڪڏهن اولهه پاڪستان، خاص ڪري پ پ پ جي قومي اسيمبلي ميمبرن اوڀر پاڪستان وڃي شيخ مجيب الرحمان جي جوڙيل آئين تي آڱوٺو هنيو ته اسان انهن جون ٽنگون ڀڃي ڇڏينداسين”. ڀُٽي پنهنجي تقرير ۾ اهو پڻ چيو ته، “خدا شاهد آهي، اي شاهي مسجد جا مينارؤ، اي مينارِ پاڪستان، ۽ راويءَ جون لهرون، اوهين شاهد رهجو، اسان هڪ پاڪستان چاهيون ٿا، اسان ‘انتقالِ اقتدار’ چاهيون ٿا، پاڪستان جو انتقال نه! اسان مارشل لا جو خاتمو چاهيون ٿا، فوجي حڪومت جو خاتمو چاهيون ٿا. پاڪستان کي ختم ڪرڻ نٿا چاهيون. ڪنهن به صورت ۾ نٿا چاهيون ته، اوڀر پاڪستان جي قيادت سان اسان جو ٺاهه نه ٿئي. اسان کي هڪ ئي پاڪستان گهرجي، عوامي پاڪستان”. ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي تقرير جي پڄاڻيءَ تي شيخ مجيب الرحمان کي مخاطب ٿيندي سنڌ جي صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هيءَ وائي پڙهي: “پيرين پوندي سان، چوندي سان، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾”. ڀُٽي اها گهر ڪئي هئي ته، “قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ملتوي ڪيو وڃي، ته جيئن آئون ڍاڪا وڃي سگهان ۽ وڏي ڀاءَ شيخ مجيب الرحمان سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهان”. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته، ذوالفقار علي ڀٽي طرفان 28 فيبروري 1971ع تي قومي اسيمبليءَ جي مارچ ۾ سڏايل اجلاس کي ملتوي ڪرڻ واري مطالبي کي ملڪ دشمنيءَ تي ٻڌل قرار ڏيندڙ رجعت پسند ۽ لنڊن پلان جي سمورن ڪردارن شيخ مجيب الرحمان طرفان قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ملتوي ڪرڻ واري مطالبي بابت واتان ڪجهه به نه ڪُڇيو. نه ئي وري اهي يحييٰ خان جي ان ظلم تي ڪجهه ڳالهائين ٿا ته جيڪڏهن قومي اسيمبليءَ 120 ڏينهن ۾ دستور سازيءَ جو ڪم مڪمل نه ڪيو ته، اسيمبلي پاڻمرادو تحليل ٿي ويندي.

اسان کي اهو پڻ ياد رکڻو پوندو ته اوڀر پاڪستان وارن سان اولهه پاڪستان جي مهاجر، پنجابي ۽ پشتون اشرافيه جو رويو پهرئين ئي ڏينهن کان نامناسب هو. قدرت الله شهاب لکي ٿو ته، “مون ايوب خان کي چيو ته، جڏهن ٻنهي صوبن ۾ ڪا قدر مشترڪ ناهي، ته ڇو نه بنگالين کي چيو وڃي ته، اهي پنهنجا معاملا پنهنجن هٿن ۾ کڻي وٺن ۽ پاڻ سنڀالين. ايوب خان منهنجي ڳالهه ٻڌي ۽ وراڻيائين ته، شهاب! اوڀر پاڪستان جي با اثر ليڊرن سان ڳالهائي. ان مشوري تحت هڪ ڏينهن مون اوڀر پاڪستان سان تعلق رکندڙ اڳوڻي صوبائي وزير رميض الدين سان ڳالهه ڪئي ته هن برجستو جواب ڏنو: ڇا تون علحدگيءَ جي ڳالهه پيو ڪرين؟ مون وراڻيو: فيڊريشن ۾ وڌيڪ خودمختياري يا ڪنفيڊريشن- جيڪو به مناسب هجي. جنهن تي هن چيو: اسان آهيون اڪثريتي صوبو ۽ اهو معاملو آهي اقليتي صوبي جو. اهو چاهي ته ڌار ٿي وڃي. اسان ته پاڪستاني آهيون”.

1948ع ۾ ڀارت راوي، بياس ۽ ستلج مان نڪرندڙ واهن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو. 4 مئي 1948ع تي پاڪستان طرفان غلام محمد، سردار شوڪت حيات ۽ ميان ممتاز دولتانه ڀارت سان معاهدو ڪيو، جنهن تحت ٽنهي دريائن تي ڀارت جي ملڪيت وارو حق تسليم ڪيو ويو. “سنڌ طاس معاهدو” سڏجندڙ ان معاهدي جي ايوب خان 1960ع ۾ منظوري ڏني.

بدنامِ زمانه جج اڳوڻي چيف جسٽس محمد منير، جنهن کي پوءِ ايوب خان قانون جو وزير بڻايو هو، تنهن هڪ ڏينهن ايوب خان کي چيو ته، “قومي اسيمبليءَ ۾ ڪو تعميري ڪم ته ٿئي ئي ڪونه ٿو. سڄو ڏينهن بنگالي ميمبرن جون سخت توڙي سست ڳالهيون ٻڌڻيون پون ٿيون”.

پاڪستان جي سياسي تاريخ المين سان ڀريل آهي. هڪ الميو اهو پڻ آهي ته روشن خيال سڏرائيندڙن جدوجهد ته ڪئي پر تمام گهٽ (نه هجڻ جي برابر) ماڻهن ان جدوجهد جي هر قدم ۽ هر مرحلي کي تاريخ جي صفحن تي محفوظ ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي.

تاريخ ڳالهائيندي آهي. ان جي زبان بندي تمام مشڪل آهي. اها بدقسمتي فقط اسان جي نئين نسل جي ميراث نه آهي، بلڪه اسان جي نسل سان اهو ٿيو جو اسان کي هڪ طرفي تاريخ تي قناعت ڪرڻي پئي. ذوالفقار علي ڀٽو اسان جي نسل ۽ اسان کان ڪجهه سال وڏن جو محبوب اڳواڻ هو (ذاتي طور تي هو مونکي اڄ به محبوب آهي) پر ان جي حوالي سان رجعت پسندن ۽ آمريڪي ٻولڙين جو ڦهلايل گند تاريخ جي نالي ۾ هاڻي به دستياب آهي پر ان جي پُر عزم جدوجهد ۽ ان دور جي تاريخ جي ٻنهي رخن کي سامهون رکي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. گهڻي ڀاڱي اهو ئي سبب آهي جو مون سميت سمورا ماڻهو سياستدانن کان حساب به گهرندا آهن ۽ منهن- ڦير ڪري گُٿو به ڳالهائين ٿا پر 33 سال سڌي ريت ۽ 10 سال ڏوريون لوڏي حڪمراني ڪندڙن کان سوال ڪرڻ جي جرئت ڪو به نٿو ڪري.

پڇاڙڪا لفظ:

ڏهاڪو ورهيه اڳ لکيل ڪتاب “باهر جنگل اندر آگ” (آتم ڪٿا) لکڻ تي مون جهڙي شاگرد کي ٻيهر سيد علي جعفر زيدي صاحب جا ٿورا مڃڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نٿي، جنهن هزارين صفحن ۾ گم سچائين کي ڳولي ترتيب سان لکيو ۽ گڏوگڏ ڀرپور تجزيو پڻ ڪيو.

تاريخ ڳالهائيندي به آهي، صاحب! ان کي ڪير ٿو ماٺ ڪرائي سگهي. ها، جيڪي ان جي آواز کان ڪن لاٽار ڪري رهيا آهن، انهن جي لاءِ هڪ سوره فاتحه جي ضرورت آهي.