تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيٺل ملتاني مجرم

0
55
تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيٺل ملتاني مجرم

 رائج سياست جا “گرما گرم”، يا ائين کڻي چئجي ته “چڻا جور گرم” موضوع پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيا آهن، پر ان دل جو ڇا ڪجي، جيڪا دل وارن دوستن سان گڏ اڃا تائين امڙ سائنڻ جي شهر ملتان ۾ ٽِڪيل آهي۔ هنن سٽن جي ڇپجڻ تائين ملتاني امڙ جو مسافر پٽ جنم شهر کان رخصت ٿي چڪو هوندو۔ اميد آهي ته هن دفعي ملتان کان وڇوڙي جو وقفو گهڻو ڊگهو نه ٿيندو۔ جڏهن به آئون ملتان ايندو آهيان يا امڙ جي هن شهر کان رخصت ٿيندو آهيان، تڏهن منهنجي دل ۽ دماغ تي پياري ڀاءَ محمد عامر حسيني جي لڳ ڀڳ ڏهاڪو کن سال اڳ جي لکيل هڪ تحرير هنيانءَ تي هُري ايندي آهي، جنهن ۾ هن لکيو هو: “شاهه صاحب، ملتان کان رخصت ٿيندي، ساهيوال تائين پٺتي مڙي مڙي لؤڻا هڻندي ڏسندو رهندو آهي ته من ڪو چئي وجهي ته، نه وڃو، اوهان جي حصي جي رزق جو بندوبست ملتان ۾ ئي ڪري ٿا وٺون!”

                 سچ به اهو آهي ته آئون ڪڏهن به ملتان کان جدا نه ٿيڻ نٿو چاهيان. ٻين ملتانين وانگر، ملتان منهنجي روح ۾ رچيل آهي. اهو اُن ڏينهن به پنهنجي هڳاءَ سان منهنجي اندر رچيل وسيل هو، جڏهن آئون چوٿين درجي جو شاگرد هئس ۽ گهر جي سخت مذهبي ماحول ۽ نماز نه پڙهڻ تي والد جي بي رحم مار کان بغاوت ڪري گهر کان ڀڄي نڪتو هئس. اڄ به مون کي چڱيءَ ريت ياد آهي ته اونهاري جي ان ٽاڪ منجهند جو، مون خوني برج کان ريلوي اسٽيشن تائين جو سفر (حرم گيٽ تائين پيادل ۽ پوءِ اتان ٽانگي ۾) ٽمندڙ نيڻن سان طئي ڪيو هو. سخت مذهبي ماحول ۽ تشدد مان جنم وٺندڙ بغاوت مون کي اهو فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ڏني ته هاڻ، جيڪي به ٿئي، پنهنجي زندگي ۽ ان جا گس پاڻ ٺاهڻا آهن. شڪر آهي ته اهي گس مون ٺاهيا به، ۽ اڄ سياسي فهم سميت جيڪي ڪجهه به آهي، ان ۾ خانداني ورثي جو تِر جيترو به حصو ناهي. ها، خانداني سڃاڻپ ۾ فرد جي مرضي شامل نه هوندي آهي، البته مون کي اهو چوڻ ۾ ڪا به هٻڪ ناهي ته گذريل وقت جي سڀني مِٺين ۽ ڪسارين ڳالهين ۽ يادن جي باوجود، جيڪڏهن مون کي ٻيهر جنم وٺڻ جو موقعو ملي، ۽ اهو به چونڊ جو اختيار هجي ته آئون واعظ واري سيده عاشو بي بيؒ جي فرزند طور جنم وٺڻ چاهيندس، ۽ پنهنجي آپا امان سيده فيروزہ خاتون نقوي جي آغوش ۾ ئي پرورش چاهيندس۔

معاف ڪجو، آئون هي ڪهڙيون ڳالهيون کڻي ويهي رهيو آهيان!… پر ڇا ڪريان، گذريل 57 سالن دوران جڏهن به آئون ملتان آيو آهيان ۽ پوءِ رخصت ٿيو آهيان، تڏهن يادن جا دفتر کلي پوندا آهن. انهن 57 سالن ۾ اهي 9 سال به شامل ڪريو، جڏهن آئون گهر ۽ ملتان ڇڏي ڀڄي ويو هئس، پر انهن سمورن سالن ۾ ملتان منهنجي اندر زنده ۽ تابنده رهيو آهي، جيئن صديون گذرڻ باوجود ملتان هميشه زنده ۽ تابنده آهي۔

ملتان هڪ روشن، دلپسند ۽ دلڪش شهر آهي. محبتن جو امين، دوست نوازي، رشتن جي تابندگي، مضبوط تهذيبي ثقافت ۽ تاريخ جو امين شهر. جيتوڻيڪ هاڻ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي، پر پوءِ به 19 ۽ 20 اپريل جي وچ واري رات، ڪجهه ملتانين، سوين وسيب زادن سان گڏجي  برادرم عزيز محمود مهي جي اوطاق جي وسيع لان ۾، زنده ملتان جي فرزندن وانگر گفتگو، شاعري، موسيقي ۽ جھمر ذريعي پنهنجي ورثي ۽ سڃاڻپ جي فخر جو اظهار ڪيو۔ اهي سڀ وسيب زادا، صدين کان آباد ملتان ۾، پنجين سوجھل ادبي، ثقافتي ۽ قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ گڏ ٿيا هئا۔ ان ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ جو احوال ڌار ڪالم ۾ لکندس، في الحال اچو ته ملتان ۽ ملتانين جون ڳالهيون ڪريون، جو دل اڃا تائين انهن ڳالهين مان ڍاپي نٿي۔

ملتان مون لاءِ ته هڪ اهڙو “الھام” آهي، جنهن جو نزول لڳاتار جاري آهي. هر ملتاني تي، ڀلي هو ڪٿي به هجي، “الھامِ ملتان” جو نزول صرف صورِ اسرافيل ڦوڪڻ تي ئي پورو ٿئي ته ٿئي، باقي ٻي ڪا به صورت نظر نٿي اچي. ها، اهو سچ آهي ته اسان ملتاني، پنهنجي ملتان جا ڏوهي آهيون، ڇو ته مذهبي انتهاپسندي سبب، ملتان جي صدين تي پکڙيل تاريخ جي هڪ زنده نشاني “دانش ڪدهء پرهلاد” جي بربادي تي نه ته ڪو نوحو چيو، نه مرثيو لکيو، نه ويڻ وڌا، نه ئي ماتم ڪيو. تاريخ جي ڪٽهڙي ۾، جڏهن ملتانين جي اسان واري ٽهيءَ کي ڏوهي طور پيش ڪيو ويندو، تڏهن اها سخت سزا جي حقدار قرار ڏبي. لڳي ائين ٿو ته ملتانين جي هن ڏوهي نسل کي ڦاسيءَ تي لٽڪائڻ جي بدران ڦٽڪار وجهي ڌڪاريو ويندو. ڦاسيءَ چاڙهڻ کان ڌڪارڻ وڌيڪ سخت ۽ عبرتناڪ سزا هوندي.

هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا ملتانين جي اسان واري پيڙهيءَ جا ماڻهو هن سزا کان بچڻ لاءِ ڪي هٿ پير هڻندا؟ ملتان ۽ ملتاني جيڪي اڄڪلهه جنهن ماحول ۾ زنده آهن، اهو پاڻ به هڪ سزا آهي. هڪ روشن خيال، انسان دوست ۽ محبتن جي مِٽي جي اسير، تهذيبي، ثقافتي ۽ شاندار تاريخي ورثي جي امين شهر ۾ اڄڪلهه هر قسم جي انتهاپسنديءَ جو راڄ آهي. ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته ملتان ۽ ملتانين تي جيڪي هي مصيبتون ڪڙڪيون آهن، تن جي ڪڙڪڻ ۾ اسان جي وڏڙن ۽ اڳوڻين پيڙهين جو ڪيترو قصور آهي؟ اسان جي پيڙهيءَ جي ملتانين، هڪ ترقي پسند ۽ انسان دوست شهر کي مذهبي انتهاپسندن جي هٿان يرغمال ٿيندي ڏٺو، پر مزاحمت ڇو نه ڪئي؟ ان مختصر سوال جو جواب هي آهي ته: “سيڪيورٽي اسٽيٽ پنهنجي پوري سگهه سان انهن انتهاپسندن جي پٺيان بيٺي آهي. رڳو سيڪيورٽي اسٽيٽ ئي نه، پر نام نهاد دانشور، ڊنل ڪاروباري پير، صدقي ۽ زڪوات تي پلجندڙ ڀولا، ۽ هر ڪجهه سالن کان پوءِ سياسي وفاداريون بدلائيندڙ موسمي سياستدان – سڀ پنهنجن پنهنجن مفادن جي چڪر ۾ ملتانين کي اٻوجهه ۽ اياڻو بڻائي رکڻ لاءِ انتهاپسندن جا سهولتڪار بڻيل آهن”. هاڻ اڳيون سوال اهو آهي ته ڇا ملتان پنهنجو ترقي پسند چهرو، ڪردار ۽ سڃاڻپ ٻيهر حاصل ڪري سگهندو؟ ان جو جواب هي آهي ته هاڻ ويڙهه سڄي سرائڪي وسيب کي گڏجي وڙهڻي پوندي. ملتانين ۽ ٻين وسيب زادن کي نه تلوار کڻڻي آهي، نه بندوق. بس انهن کي پنهنجي اداسيءَ ۽ نراسائيءَ کي مزاحمت جي ڍال بڻائڻو پوندو۔ پنهنجي تهذيبي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثي جي پاند کي مضبوطيءَ سان جهلي، عصري شعور سان گڏ پنهنجي سڃاڻپ جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. سرائڪي وسيب جي زمين زادن کي شعوري طور تي اهو سمجهڻو پوندو ته پاڪستاني وفاق جي هڪ قومي اڪائي طور، جيڪي اسان جا حق ٿين ٿا، سي بالادستن ۽ سندن ساٿارين جي ڳٺ جوڙ سان پائمال ڪيا پيا وڃن. پهرين اسان جون زمينون سول، ملٽري اشرافيه ۽ ٻين بالادستن کي الاٽ ٿينديون رهيون. پاڻيءَ جي مسئلي تي اسان جي ظاهري نمائندن ڪڏهن به قومي شعور ۽ اجتماعي مفاد موجب ڳالهه نه ڪئي. هاڻ چولستان ۾ “گرين فارمنگ” جي نالي تي زمينن جي ”وسائيءَ واري ورڇ” جاري آهي، ۽ ان ورڇ کي دائمي بڻائڻ لاءِ دريائي پاڻيءَ جي ورهاست واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي 6 نوان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن.

هتي کن پل لاءِ ترسو، اسان کي اهو سوال ڪرڻ گهرجي. ملڪ جي پهرئين “فوجي نجات ڏيندڙ” (فوجي آمر) جنرل ايوب خان ٻه درياهه کي ڀارت کي وڪڻي ڇڏيا. ڀارت، چناب ۽ جهلم تي پنهنجي حدن ۾ ڊيم ٺاهي ڇڏيا. هاڻ، گذريل ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ انهن ٻنهي درياهن ۾ پاڻي جو وهڪرو پنجاهه سيڪڙي کان به گهٽ آهي. راوي تقريباً سڪي چڪو آهي. چناب ۾ پاڻيءَ جي جيڪا حالت آهي، اها اکين ڏسي سگهجي ٿي. انڊس ويلي (سنڌو ماٿري) جو تعارف، يعني سنڌو درياءُ جي حالت بنهه ابتر آهي. جر جي سطح ڏينهون ڏينهن هيٺ ٿيندي وڃي. اهڙين حالتن ۾، 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ “گرين فارمنگ” جي قبضي گيريءَ  کي سيراب ڪرڻ جو منصوبو جنهن به ٺاهيو، اهو سرائڪي وسيب ۽ وسيب زادن جو سڄڻ هرگز نٿو سگهي ٿو.

قومي ۽ صوبي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ موجود سرائڪي وسيب سان لاڳاپيل، مختلف نظريا رکندڙ پارٽين جا ميمبر ‘چُپ’ جو روزو رکيو ويٺا آهن. فقير راحمون جو چوڻ آهي ته: “شاهه، خبر ناهي ڇو، تون سيد پروريءَ جي چڪر ۾ قومي ڏوهارين کي “متقي ۽ پرهيزگار” ثابت ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺو آهين؟” هاڻ آئون پنهنجي هن همزاد کي ڪيئن سمجهايان ته اها سيد پروري ناهي. سرائڪي وسيب مان صرف سيد ئي نه آهن، جيڪي پارليامينٽ جي مختلف ايوانن ۾ موجود آهن، ٻين قبيلن جا ماڻهو به آهن. انهن سڀني “چُپ” جو روزو رکي ڇڏيو آهي، ۽ ان “چُپ” جي روزي کي اهي سندن خانداني نوڪرين جي تسلسل لاءِ ضروري سمجهن ٿا.

بهرحال، ٻيهر عرض ڪجي ٿو ته ملتان سميت سرائڪي وسيب کي پنهنجن سياسي، قومي، معاشي، زرعي ۽ ٻين حقن لاءِ متحد ٿي ڪري ميدانِ عمل ۾ لهڻو پوندو. ميدانِ عمل ۾ لهڻ ۾ جيتري دير ٿيندي، اوترو نقصان وڌندو ويندو. ياد رکڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن مجرماڻي غفلت ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ته پوءِ هڪ ڊگهي، ٻاٽ ڪاري رات اسان جي وسيب جو مقدر بڻجي ويندي.

”هم نيڪ و بد، حضور ڪو سمجهائي ديتي هي،!”