تاريخ جي شاهراهه تي ٻٻرلوءِ جو منفرد اسٽاپ

0
18
تاريخ جي شاهراهه تي ٻٻرلوءِ جو منفرد اسٽاپ

 هن وقت هر زبان تي سنڌوءَ مان نڪرندڙ ڇهن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تاريخي جدوجهد متعلق ڳالهيون آهن. هر ڪو پنهنجي عقل، سوچ، فهم متعلق اِن تي تبصرا ڪري رهيو آهي. ڌرڻي متعلق حڪمران جماعتن جي اهم وزيرن توڙي سينيئر سياستدانن جا عجيب ۽ غريب ڪمينٽس سامهون آيا، پر جڏهن اهو ڌرڻو هڪ سگهاري تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويو ته اُنهن حڪمرانن توڙي سياستدانن گهڻي ڀاڱي يوٽرن ورتو. ڌرڻي وقت چيو ويو ته، “هي چپلَ ڇڏي فرار ٿي ويندا…. اُهي گهران نڪتا آهن، جن کي گهر ماني به ناهي ملندي….. اهي ڳالهائي رهيا آهن، جن ڪڏهن اليڪشن ناهي کٽي…. سنڌوءَ درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنالن واري معاملي تي اُهي نڪتا آهن، جن کي سنڌ رد ڪري چڪي آهي….”. اِن سميت دل آزاريندڙ توڙي ڪيترائي طنزيه جملا، ڳالهيون شروعاتي ڏينهن ۾ ٻڌڻ ۾ پئي آيا. پر جڏهن پوري سنڌ بنا ڪنهن ذات، پات، رنگ نسل، ٻولي، پارٽي توڙي مذهبي فرق جي گڏجي هڪ آواز ٿي سگهاري انداز ۾ آواز بلند ڪيو ته اِن قسم جا جملا استعمال ڪندڙن جي وات تي به تالا لڳي ويا. ڇو جو اُنهن کي چڱي ريت ڄاڻ هئي ته جيڪڏهن هاڻي اسان ڌرتي، سنڌوءَ جي مالڪيءَ لاءِ نڪتلن متعلق ڪجهه ڳالهائينداسين ته اسان کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. تنهن ڪري اُنهن جو لهجو ٻڌيءَ جي طاقت سبب اپيل واري صورت اختيار ڪري ويو. سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ صارفين کي چڱي ريت اِن ڳالهه جي ڄاڻ هوندي ته سوشل ميڊيا تي وفاق توڙي سنڌ ۾ حڪمران جماعت کي ڪيتري تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو. سوشل ميڊيا جو ذڪر اِن ڪري پئي ڪيو ته مين اسٽريم ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا جوڙيل قاعدن، ضابطن تي هلڻ جي پابندي هوندي آهي، اِن گهڻيون تنقيد واريون ڳالهيون، تقريرون اهڙيون هونديون آهن، جن ۾ نالا کڻي گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو آهي، جيڪي هو هلائي ناهن سگهندا پر سوشل ميڊيا تي اُهي وائرل ٿي وينديون آهن. اهڙيون ڪافي وڊيوز، پوسٽون سوشل ميڊيا تي عام هيون. 17 اپريل کان 29 اپريل تائين يعني 12 ڏينهن ٻٻرلوءِ ڌرڻي واري هنڌ توڙي ڪراچي کان ڪشمور تائين جوش، جذبي، ڪاوڙ توڙي ڪروڌ جي صورت ۾ جيڪا مزاحمت ٿي آهي، اِها تاريخ جي ورقن ۾ هميشه جي لاءِ محفوظ ٿي چڪي آهي.

جن ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پهچي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي يا وري جيڪي اِن کان هر پل آگاهه رهيا، اُنهن کي چڱي ريت ڄاڻ هوندي ته ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ٻار ٻار جي زبان تي ڪهڙا نعرا هئا. جن نعرن کان پوري سنڌ واقف ٿي چڪي آهي. ڇا اُهي نعرا حڪمران جماعت جي قيادت تائين نه پهتا هوندا؟ يقينن پهتا هوندا. اِن ڪري ته غرور، تڪبر ۾ مبتلا سياستدانن توڙي حڪمرانن جو لهجو، لفظ توڙي ڳالهائڻ جو انداز ئي تبديل ٿي ويو. ڌرڻي دوران هر رخ کان سنڌ واسين کي آگاهي ملندي رهي. هاڻ ڌرڻي بعد جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ڌرڻو دٻاءَ ۾ اچي، جلدبازيءَ ۾ ختم ڪيو ويو. پر سنڌ ۾ مختلف مڪتبهء فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهو تاريخي ڌرڻي جي ڪاميابيءَ تي جشن ملهائي رهيا آهن، اِن سان گڏ ڌرڻي جي ڪاميابيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندڙن کي گلن جا هار پارائڻ، توڙي مختلف طريقن سان داد پڻ ڏئي رهيا آهن. حقيقت به اِها آهي ته سنڌ ۾ مزاحمت جي هڪ نئين تاريخ رقم ٿي وئي آهي. هن تحريڪ سنڌ واسين ۾ هڪ اميد پيدا ڪئي آهي، ورهين کان جيڪا ذهنن ۾ مايوسي ڇانيل هئي، اُن کي ختم ڪيو آهي. جنهن جي تسلسل کي هاڻ اڳتي وڌائڻ جي به ضرورت آهي. ڇو جو اِهي سنڌ دشمن منصوبا هن وقت تائين اڃا مڪمل طور ختم ناهن ٿيا. اهِي هن وقت به تلوار وانگر سنڌ مٿان لٽڪيل آهن. جيڪي چون ٿا دٻاءُ هو، منهنجي خيال ۾ اُن ۾ به ڪو وڌاءُ نه هوندو، ڇو اسان جي ملڪ ۾ اِهي ڳالهيون هاڻ معمول جو حصو بڻجي ويون آهن، ڇو جو هڪ معمولي نوعيت جي معاملي تي به ايف آءِ آر داخل ٿيڻ سميت گرفتاريءَ جي نوبت اچي ويندي آهي. هي ته ماڻهن جو ذهن تبديل ڪرڻ واري تحريڪ هئي. ڌرڻي جي اڳواڻن عوامي طاقت، جذبي سان اِن جو بهتر انداز ۾ مقابلو ڪيو. ڪراچيءَ جي ملير، ڪنڌڪوٽ جي گولا موڙ، خيرپور جي فيض گنج ۽ ٻين هنڌن تي پوليس پاران زبردستي ڌرڻا ختم ڪرائڻ کان پوءِ وڪيل اڳواڻن ۾ اهو خدشو هو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي رات جو دير سان چرهائي ٿي سگهي ٿي. تنهن ڪري وڪيل اڳواڻن وڏي انگ ۾ عوام کي ڌرڻي واري هنڌ پهچڻ جي اپيل ڪئي. ۽ اِها حقيقت به هئي ڇو جو خيرپور توڙي سکر جي حدن ۾ پوليس جي وڏي نفري گڏ ٿي وئي هئي. اِن بعد جيڪي منظر هئا، اُهي ڪنهن کان ڪڏهن به نه وسرندا. عورتون، معصوم ٻار توڙي مرد هٿن ۾ هٿيار، لٺيون، پٿر يعني جنهن کي جيڪو هٿ آيو، اُهو کڻي ڌرڻي جي چوڪيداري ڪرڻ جي لاءِ پهچي ويو. عوامي سمنڊ کي ڏسي حڪمران پارٽي پنهنجو شايد فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو. ڌرڻن تي تشدد وارن واقعن تي وڪيل اڳواڻن به مضبوط موقف رکيو ته ٻن ڏينهن تائين عدالتن ۾ پوليس جي انٽريءَ تي پابندي هوندي، سنڌ جو وڏو وزير ۽ آءِ جي سنڌ پنهنجي عهدن تان استعيفا ڏين. گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو وڪالت وارو لائسنس رد ڪرڻ، ڌرڻي تي پوليس چڙهائي ڪرڻ تي وڏي وزير، گهرو وزير، آءِ جي، حد جي ايس ايس پي توڙي ايس ايڇ اوز تي ايف آءِ آرز داخل ڪرائڻ سميت اهم اعلان ڪيا ويا. اهڙن اعلانن کانپوءِ عدالتن ۾ جيڪا پوليس سان ٿي، اِن مان ڪجهه وڊيو ڪلپ ذريعي به منظر سامهون آيا. نتيجو اهو نڪتو ته ٻٻرلوءِ ۾ سيد جعفر شاهه جي رهائش گاهه تي ته پ پ جو وفد دعوت نامو کڻي پهتو پر عوامي هجوم ۾ وڃڻ جي اُنهن پاران زحمت نه ڪئي وئي. عوامي هجوم سياستدانن جي ڪمزوري هوندا آهن. اُن کي جوشيلو خطاب ڪرڻ جي وڏي خواهش هوندي آهي پر هن سگهاري تحريڪ جو حصو بڻيل ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي پنڊال ۾ موجود هزارين ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڏسي حڪمران جماعت سان تعلق رکندڙ ڪنهن سياستدان کي اها جرئت نه ٿي ته هو اِن ڌرڻي ۾ پهچي خطاب ڪن. جيتوڻيڪ هو به سنڌوءَ مٿان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي جي مخالفت واري دعوا ڪري رهيا هئا. ايتري حد تائين جو حيدرآباد ۾ جلسي کان پوءِ پ پ سکر ۾ به ڪئنالن خلاف جلسو رٿيو. اها ڳالهه الڳ آهي اهو جلسو بعد ۾ جشن سنڌوءَ جي نالي سان ملهايو ويو. سياستدانن ۽ پوليس کي خبر هئي ته پنهنجي ڌرتي، سنڌوءَ، وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ پهتل هن مڇريل هجوم ۾ جيڪڏهن ويندا ته گهٽ نه ٿيندي. اِن ڪري هنن ڪوشش ئي نه ڪئي. ها البته جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ وڪيل اڳواڻ جي اوطاق تي ضرور ويا هئا. اهڙي طرح حڪومتي وفد صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار جي اڳواڻيءَ ۾ وڪيلن سان ڳالهيون ڪيون، ڳالهين جي ڪاميابي بعد به هنن ڌرڻي ۾ وڃڻ جي جرئت نه ڏيکاري. سي سي آءِ جي اجلاس بعد به سکر ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين، سيد جعفر شاهه جي اوطاق تي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي واري هنڌ ئي اُن مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هو سرڪاري فيصلو ڏيڻ بجاءِ واپس روانو ٿي ويو ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ بار سکر جي جنرل سيڪريٽري وڃي اهي سرڪاري ڪاغذ وصول ڪري وڪيلن جي ڪميٽيءَ آڏو رکيا.

ڌرڻيءَ جي مک اڳواڻن ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، هاءِ ڪورٽ بار ڪراچيءَ جي صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو، آل سنڌ لايرز ايڪشن ڪميٽيءَ جي ڪنوينر رحمان ڪورائي، هاءِ ڪورٽ بار سکر جي صدر قربان ملاڻو، هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جي صدر اطهر عباس سولنگي، هن ڌرڻي جي ميزبان مختلف وقتن تي خيرپور بار جو صدر رهندڙ سينيئر وڪيل سيد جعفر شاهه، حيدرآباد بار جي عاشر کوکر، ڊسٽرڪٽ بار سکر جي جنرل سيڪريٽري سندر چاچڙ ۽ ٻين پاران هر سال 17 اپريل يعني تاريخ رقم ڪندڙ ڌرڻي جي شروعات واري ڏهاڙي تي جشن سنڌ مهائڻ جو تمام بهتر فيصلو ڪيو آهي. اِن ڪري جو سنڌ واسين کي هر سال اِن تاريخي جدوجهد تي جشن ملهائڻ سان گڏ اِن سنڌ دشمن رٿا جيڪڏهن ڪَر کنيو ته ٻيهر اُن کي ختم ڪري سگهجي. هن تاريخي فتح جو ڪريڊٽ وڪيل اڳواڻن سان گڏ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ هر شخص ڏانهن وڃي ٿو، جن ڏينهن رات ڌرڻي ۾ رهي پنهنجي ڌرتيءَ، سنڌوءَ جي مالڪي ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. جن مهمان نوازيءَ جو فرض سرانجام ڏنو. پنهنجين نياڻين جا سونا زيور، گهر جو سامان وڪرو ڪري، قرض کڻي به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جي خدمت ڪئي. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙن پنهنجي ڌرڻي وارن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو. پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ هزارين ٽرالرز، ٽرڪن ۾ کاڌ خوراڪ سميت هر سهولت جو سامان هو پر ڪنهن هڪ هنڌان به چوري، ڦر جو واقعو پيش نه آيو. ايتري حد تائين جو اُنهن ٽرالرز جي ڊرائيورن کي کاڌ خوراڪ جو سامان، پاڻي به روزانو پهچايو ويندو هو، جنهن متعلق ميڊيا آڏو ڊرائيورن پڻ اعتراف ڪيو آهي. سنڌ ۾ هٿ وٺي بدامنيءَ، توڙي مدي خارج رسمون پيدا ڪري سنڌ جو اصل چهرو بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر حقيقت اِها آهي ته سنڌ پر امن، پيار، محبت ۽ مهمان نوازي واري ڌرتي آهي. ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ پوري سنڌ جي فتح ته يقيني ٿي آهي پر سنڌوءَ مٿان ڪئنال اڏڻ متعلق خدشا هن وقت به موجود آهن، ڇو جو صوبن جي رضامنديءَ سان معاملي کي مشروط ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري سنڌ واسين کي پنهنجي ڌرتيءَ، سنڌوءَ جي مالڪيءَ لاءِ سجاڳ رهڻو پوندو ۽ اِن قسم جي ڪنهن به چر پُر تي ڀرپور جواب ڏيڻو پوندو.