تاريخ جي دُرست تشريح جي ضرورت آهي!

0
36
تاريخ جي دُرست تشريح جي ضرورت آهي!

پاڪستان ۾، تاريخ جي هڪڙي طرف غلط تشريح ڪئي وئي آهي، ته ٻئي طرف وري مخصوص پاسو لکيو ويو  آهي، جنهن ڪري ان موضوع تي ڪم ڪرڻ جي هميشه ضرورت رهي آهي. عالمن ۽ تاريخدانن پنهنجي  تحقيق ۽ تحرير سان تاريخ جي موضوع تي وقت به وقت تفصيلي ڪم پئي ڪيو آهي. انهن  مورخن ۾، زاهد چوڌري ۽ سندس شاگرد، ناميارو ليکڪ حسن جعفر زيدي، پنهنجي منفرد ڪم جي ڪري نمايان آهن. زاهد چوڌري جو وڏو ڪم، پاڪستان جي ٻارهن جلدن تي مشتمل سياسي تاريخ لکڻ آهي. ان کان علاوه  ننڍي کنڊ جي تاريخ جي نسبت سان سندس ٻيو  اهم ڪم سر سيد احمد خان جي سوانح عمري آهي، جنهن ۾ هن سر سيد تي تفصيلي لکيو آهي. جيڪا ڳالهه زاهد چوڌري جي ڪم کي منفرد بڻائي ٿي، اها آهي بنيادي ذريعن جو استعمال، جنهن ۾ سرڪاري دستاويز، مائونٽ بيٽن سميت ٻين شخصيت جون ڊائريون ۽ اخبارون شامل آهن، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته سندس بيان ڪيل تاريخ حقيقتن تي ٻڌل آهي، هن انهن بنيادي ماخذن جا جام حوالا ڏنا آهن. جيتوڻيڪ ڪانگريس لاءِ هن جو نقطه نظر  ضرورت کان وڌيڪ تنقيدي آهي ۽ سندس جهڪاءُ مسلم ليگ طرف آهي، پر هن جا ارادا سچا ۽ عالماڻه آهن، سندس موقف ترقي پسند ۽ متوازن نقطه نظر جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو پاڪستان جي ترقي پسند دانشورانه حلقن جو موقف رهيو آهي. پنهنجي لکڻين جي ذريعي، هُو اهم سوال اُٿاري ٿو، موجوده روايتن کي چيلينج ڪري ٿو ۽ متبادل بيانيو پيش ڪري ٿو، پڙهندڙن کي پاڪستان جي تاريخ جي پيچيدگين سان  آشنا ڪري ٿو.

پنهنجي شروعاتي جلدن ۾، ليکڪ ٻن اهم سوالن جو جواب ڏئي ٿو: ڇا پاڪستان انگريزن ٺاهيو هو؟ ۽ ڇا پاڪستان اسلام جي نالي تي قائم ٿيو هو؟ سرڪاري دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي، هُو تحقيق ڪرڻ کانپوءِ جواب ڏئي ٿو، ڪيترن ئي تاريخي افسانن کي رد ڪري ٿو ۽ ملڪ جي شروعاتي سالن جي تاريخ تي روشني وجهي ٿو. اهڙيءَ طرح سر سيد احمد خان جي سوانح عمريءَ ۾ هڪ اهڙي ترقي پسند ۽ دورانديش شخص تي لکي ٿو، جنهن جو ورثو علي ڳڙهه تحريڪ کان  گهڻو اڳتي به آهي.  زاهد چوڌري ۽ زيدي صاحب پنهنجي اڻٿڪ ڪوششن سان نه رڳو پاڪستان جي تاريخ تي نون بحثن کي جنم ڏنو آهي پر عالمن جي نئين نسل کي علم ۽ سچ جي جستجو جاري رکڻ لاءِ  همٿايو به آهي.

هن علائقي جي پيچيده تاريخ کي سمجهڻ لاءِ، هن پنهنجي تحقيقي ڪم ذريعي، انهن پيچيدگين ۽ نزاڪتن کي چڱيءَ طرح جاچيو آهي، جن هن علائقي جي موجوده صورتحال کي جنم ڏنو آهي. هن خطي جي تاريخ کي گهرائيءَ سان سمجھڻ جي جستجو ۾ ليکڪ مختلف جلدن تي مشتمل جامع ڪتاب ان سلسلي ۾  لکيا. هر هڪ خطي (صوبي) جي تاريخ تي الڳ الڳ جُلدَ موجود آهن. هن سلسلي جي شروعاتي جلدن ۾، ليکڪ اندروني سياسي عنصرن تي لکيو آهي، جن علائقي جي پيچيدگين کي ترتيب ڏنو آهي، انهن قوتن جي نتيجن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي، هن سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ بنگال جي صوبن لاءِ الڳ الڳ ڪتاب وقف ڪيا آهن، جن ۾ علائقائي تاريخ تي ڀرپور مواد مهيا ڪيو ويو آهي. بهرحال،  ٻاهرين اثرن پڻ خطي جي قسمت کي ترتيب ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کي واضح ڪرڻ  لاءِ، هن پاڪستان جي آمريڪا واري بلاڪ ۾ شموليت ۽ آمريڪا سان لاڳاپن تي هڪ جلد لکيو، جنهن ان تعلق جي دور رس اثرن تي روشني وڌي آهي. هن شروعاتي جلدن ۾، مهارت سان ٻنهي اندروني ۽ بيروني عنصرن کي گڏ ڪيو ۽ جاچيو آهي ته ڪيئن عالمي تحريڪن ۽ واقعن خطي تي اثر ڪيو آهي. وسيع بين الاقوامي تناظر تي غور ڪندي، هن هڪ گهڻ رخو تجزيو مهيا ڪيو آهي، انهن قوتن جي پيچيدگيءَ تي روشني وڌي، جن خطي جي تاريخ کي شڪل ڏني آهي. هن يادگار ڪم جي ذريعي، هن خطي جي ماضيءَ جي هڪ امير  سمجھاڻي پيش ڪئي آهي، پڙهندڙن کي تاريخ جي پيچيدگين ۽ ان جي جاري ورثي کي سمجهڻ  جي دعوت ڏني آهي.

جڏهن ته زاهد چوڌري وسيع ڊيٽا ۽ واقعا گڏ ڪري تاريخي تحقيق ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پر سندس راءِ ۽ تشريح بابت ڪُجهه سوال به آهن. مسلم ليگين ۽ جاگيردارن تي تنقيد جي باوجود، هُو ڪجهه مقامي اڳواڻن تي تمام گهڻو سخت آهي ۽  انهن کي “تنگ نظر” قرار ڏئي ٿو. بهرحال، تاريخ انهن اڳواڻن کي درست ثابت ڪيو آهي ۽ ثابت ٿيو آهي ته، انهن جو نقطئه نظر صحيح هو. مثال طور، چوڌري صاحب خان عبدالغفار خان ۽ خيبر پختونخوا ۾ ريفرينڊم جو سخت نقاد آهي، ان سان گڏوگڏ يونينسٽن جو به، جيڪي ترقي پسند ۽ سيڪيولر هئا ۽ ڪيترن ئي حوالن سان مسلم ليگ جي جاگيردارن کان بهتر هئا. هو سائين جي ايم سيد، اي ڪي فضل الحق، مولانا آزاد ۽ خاڪسار تي به  سخت تنقيد ڪري ٿو ۽ مختلف لقب ڏئي انهن سان مخاطب ٿئي ٿو، جيڪا ڳالھ مناسب ڪونهي. آزاد بابت سندس خيال خاص طور تي متضاد آهن، کيس ڪانگريس جو “شو بوائي” قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ تاريخ آزاد جي ڪيترن ئي بيانن کي سچ ثابت ڪري ٿي. چوڌري صاحب جي انهن اڳواڻن ۽ تحريڪن تي ڪيل تنقيد هڪ طرفي نقطه نظر کان ٿيندي نظر اچي ٿي، جيڪا سندس قيمتي تاريخي تحقيق کي نقصان پهچائي ٿي.  وڌيڪ متوازن انداز هن جي دليلن کي مضبوط ڪري ها ۽ ماضي جي وڌيڪ صحيح سمجهه فراهم ڪري ها. جيتوڻيڪ زاهد چوڌري جو تاريخي تجزيو قابلِ تعريف آهي، پر ان ۾ ڪڏهن ڪڏهن جدلياتي ۽ منطقي تسلسل جو فقدان آهي، جنهن ڪري کيس پروفيسر عرفان حبيب ۽ حمزه علوي جهڙن عالمن کان ڌار ڪري سگهجي ٿو، جن جو ڪم ۽ تحقيق وڏيڪ لاڀائتي آهي، تنهن هوندي به، هن جي ڪم جو هڪ قابل ذڪر پاسو هن جي ننڍن صوبن جي خودمختياري جي وڪالت آهي، انهي سان گڏ پنجابي قومپرستن تي هن جي سخت تنقيد آهي، جيڪي منافقانه طور تي ٻين صوبن جي ساڳين مطالبن کي “صوبائي تعصب” ۽ “اسلام دشمني” جي طور تي رد ڪن ٿا، جيڪي مطالبا مختلف وقتن تي هو پاڻ به ڪندا رهيا آهن. چوڌري صاحب ورهاڱي دوران ۽ ان کان پوءِ ايڊيٽرن، ايڊيٽوريلن ۽ اخبارن جي ڪردار جو به تفصيلي جائزو ورتو آهي، اهو ظاهر ڪيو آهي ته، ڪيئن انهن نفرت پکيڙي ۽ وقت سان گڏ پنهنجون روايتون تبديل ڪيون.

علمي حلقن ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي حوالي سان جيڪو ‘عائشه جلال جو موقف’ سمجهو ويندو آهي، اهو دراصل زاهد چوڌري جي بيانئي جو ئي تسلسل آهي، هن جو اهو تحقيقي ڪم عائشه جلال جي ڪم کان ڏهاڪا اڳ جو آهي. جڏهن ته عائشه جلال جي تحقيق جناح تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿي، چوڌري صاحب جو طريقيڪار وڌيڪ جامع آهي، جيتوڻيڪ هنن جي موقف ۾ ڪجهه جزوي اختلاف به آهن. چوڌري صاحب سر سيد کي بيحد ساراهيو آهي، جنهن جي نظرئي ۽ ڪمن جو هو بيحد احترام ڪري ٿو. تنهن هوندي به، اقبال بابت هن جو نقطه نظر بلڪل تنقيدي آهي، هو اقبال جي سياسي خيالن توڙي عملي سياست تي ڪڙي  تنقيد ڪري ٿو. ٻئي طرف، جناح بابت سندس نظريو متوازن آهي، ساراهه ۽ تعميري تنقيد جي وچ ۾ توازن قائم ڪري، آخرڪار هن جي سياسي لائين لاءِ مثبت رويو رکي ٿو. 1970ع جي ڏهاڪي ۾  ڪيل  هي تحقيقي سياسي  ڪم  ۽ بعد ۾ حسن جعفر زيدي جا ان ۾ ڪيل اضافا،  “عوامي تاريخ”  لکڻ جي حوالي سان اهم ڪم آهي، باوجود ان جي،   سندس تجزئي ۾ بنيادي مسئلا آهن، ان حوالي سان  ڪانگريس پارٽيءَ تي بيرحم تنقيد ۽ مسلم ليگ جي نقطه نظر سان هم آهنگي  قابل ذڪر آهن. مسلم ليگ جي پاليسين، جناح جي فيصلن ۽ انهن جي بنيادي محرڪن کي تنقيدي طور تي جاچڻ ۾ چوڌري صاحب  مڪمل ناڪام ويو آهي، جيڪا سندس  تاريخي تجزيي ۾ هڪ اهم غلطي آهي.