تاريخ جي دفتر ۾ درج ٿيل ڪراچي جا قصا

0
41
تاريخ جي دفتر ۾ درج ٿيل ڪراچي جا قصا

  ٽي چار ڏهاڪا اڳ ايم ڪيو ايم جي بربريت واري دور جون ڳالهيون ياد ڪري اڄ به جسم ڪانڊارجي وڃي ٿو، هي اهو ئي دور هو جڏهن عام ماڻهن جو قتل عام ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي شهر ۾ سيڪيورٽي ايجنسيز ۽ فوج جا آفيسر به ايم اڪيو ايم جي دهشتگردي جو کاڄ ٿيڻ لڳا هئا. هنن واري واري سان سڀني قومن سان جنگ ڪئي، اهڙي صورتحال ڏسي آخرڪار وقت جي حڪومتن کي ڪراچي ۾ ڪرفيو به لڳائڻا پيا، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم جي نالي تي هاڻ رياست جي اندر رياست قائم ٿي چڪي هئي، ڪراچي ۾ ڪوبه واپاري، ڪوبه صنعتڪار، ڪوبه فيڪٽري مالڪ، ڪوبه هوٽل مينجمينٽ ادارو، ڪوبه دڪاندار چاهي ننڍو هجي يا وڏو هجي سي سڀ انهن جي رحم ڪرم تي هئا، ڏينهن هجي يا رات، هنن جي ئي دهشت قائم هئي.

هنن پنهنجي علائقن جهڙوڪ عزيز آباد، ڪريم آباد، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، لياقت آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر ۾ پنهنجن علائقي ۾ هر رستي ۽ گهٽي ۾ بريڪر ۽ لوهي گيٽ هڻي  پنهنجا هٿيار بند بيهاري ڇڏيا هئا جيڪي هر ايندڙ ويندڙ جي مڪمل جهڙتي وٺندا هئا، ايتري قدر جو ڪو ٻيو ماڻهو جنهن جو ان علائقي سان تعلق ڪونه هوندو هو جيڪڏهن اوچتو ڪنهن ڪم ڪار سانگي اتي وڃي پهچندو هو ته ڄڻ ڪنهن ڇانوڻي ۾ وڃي پهتو هجي، جو اهڙي قسم جي هن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي هئي يا وري سندس اهڙو پيڇو ڪيو ويندو هو ايتري قدر جو هو مڪمل طرح ان علائقي مان ٻاهر هليو نه وڃي. اهڙي ريت ايم ڪيو ايم کليل طرح اسٽيبلشمينٽ جي سامهون اچي ويئي هئي جن هنن کي ٺاهي تيار ڪيو هو انهن جي چنبي مان نڪري ايم ڪيو ايم جو وڃي هندستان جي را سان تعلق جڙيو. هندستان جون ايجنسيون  ماڻهن کي تيار ڪري پنهنجي يا پنهنجي ملڪ جي مفاد لاءِ استعمال ڪنديون آهن،

اهڙن ئي رابطن جي ڪري الطاف حسين وڃي لنڊن ۾ رهيو ۽ اتان کان ڀارت سان سندس تعلق جڙيو ۽ نيٺ 1998ع ۾ اسان اهو به ڏٺو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي  مهاجر آبادين جي بلڊنگن تي ايم ڪيو ايم پاران هندستان جا جهنڊا لهرايا ويا، اها هن ملڪ ۾ جرئت ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن ڪئي ۽ ان کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ اهو پڻ سوچڻ شروع ڪيو ته هي تنظيم هاڻ مڪمل طور ملڪ دشمن ۽ را جي اثر هيٺ اچي ويئي آهي. هندستان جا جھنڊا ڪراچي جي گهٽ ۾ گھٽ 3 بلڊنگن ۾  لهرايا ويا ۽ هتان حڪومت ان الزام ۾ 9 ماڻهو گرفتار پڻ ڪيا جنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ جاري مار ڌاڙ ۾ ڪڏهن واڌ اچي ويندي هئي ته ڪڏهن سختين جي ڪري ڪجهه ٺاپر هوندي هئي ليڪن ملڪ جو هڪ حصو ڪراچي جيڪو روشنين جي شهر طور مشهور هو سو هاڻ رت ۾ ڳاڙهو ٿيل هڪ خوني شهر طور سموري دنيا ۾ مشهوري ماڻي چڪو هو.

ايم ڪيو ايم خلاف اهڙين ڪاررواين جي ڪري اڃان وٺ پڪڙ شروع ٿئي ڪجهه وقت گذريو هو ته ملڪ ۾ پرويز مشرف هڪ پناهگير طور کلم کلا سندن حمايت ڪري هنن جا ڪيترائي دهشتگرد جيڪي جيلن ۾ ۽ ڪجهه ڦاسي گهاٽن ۾ هئا انهن کي جيل مان ڪڍيو ويو ۽ ڪيترن ئي سزايافته دهشتگردن کي پيرول تي آزاد ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي جيلن ۾ بند ٿيل انهن سڀني دهشتگردن کي آزاد ڪري کين هڪ دفعو وري کلم کلا دهشتگردي جو لائسنس ڏنو ويو ۽ مشرف کان اڳ ۾ جيڪي ايم ڪيو ايم خلاف رپورٽون ۽ انڪوائريون ڪري اهو ظاهر ڪيو ويو ته هي را جا ايجنٽ آهن انهن کي هڪ دفعو وري مشرف پنهنجي مفادن ۽ عوامي حمايت لاءِ دٻائي صرف انڪري کين آزاد ڪيو جو ايم ڪيو ايم ۽ مشرف ٻنهي جو تعلق بنيادي طرح هندستان سان هو، پاڻ پناهگير هجڻ ناتي صدر مشرف صرف ايم ڪيو ايم تي اعتماد ڪري پئي سگهيو ۽ اهڙي ريت هڪ دفعو وري ڪراچي کي رت ۾ ڳاڙهو ڪندڙن کي ماڻهن جي قتل عام جو هڪ طرح جو اجازت نامو ملي ويو.

ان کان پوءِ 2001ع ۾ بلدياتي اليڪشن ٿي ايم ڪيو ايم لاءِ به دهشتگردي جي ڪري ماڻهن ۾ نفرت هئي ۽ ان اليڪشن ۾ ڪراچي مان جماعت اسلامي کٽي آئي،  ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم جا اڪثر اڳواڻ ان اليڪشن کان اڳ ۾ ئي روپوش هئا. هيڏانهن جماعت اسلامي جي بلدياتي اليڪشن ۾ ڪاميابي پرويز مشرف کي پسند ڪونه هئي ان ڪري هن تمام جلدي 2002ع ۾ عام اليڪشنون ڪرايون ۽ ان ۾ هن حيدرآباد، ڪراچي ۽ ميرپورخاص ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪرائي ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي چونڊرايو ۽ انهن کي اسيمبلين تائين پهچايو، ان اليڪشن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جا 40 ، پ پ جا 67، ق ليگ جا 18، فنڪشنل ليگ جا 12، نيشنل الائنس جا 16، متحده مجلس عمل جا 10 ۽ ايم ڪيو ايم آفاق جو هڪ ميمبر کٽي آيو، نتيجي طور پ پ کي ڇڏي ٻين سڀني کي گڏ ڪري سنڌ ۾  ق ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ فنڪشنل  جي  گڏيل حڪومت ٺاهي ويئي ۽ مرڪز ۾ پڻ ق ليگ جي حڪومت قائم ٿي.

سنڌ ۾ وزيراعليٰ علي محمد مهر ۽ وفاق ۾ وزيراعظم ظفر الله جمالي کي ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته مرڪز ۾ ايم ڪيو ايم جون 18 سيٽون هيون انڪري صوبي توڙي مرڪز ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت اچي چڪي هئي، اهڙي ريت هڪ دفعو وري  سرڪاري مشينري کي استعمال ڪيو ويو، هاڻ هنن جو سرپرست جنرل مشرف هو. ايتري قدر جو هڪ دفعو وري هي نسل پرست تنظيم اڇي ڪاري جي مالڪ ٿي ويئي، 2002ع کان پوءِ ڪراچي ۾ قتل غارت جو اهڙو ته سلسلو شروع ڪيو ويو جو  سنڌي، بلوچ، پنجابي ۽ پختون ايتري قدر جو مهاجر به ان قتل غاري جو شڪار ٿي ويا ۽ ڪراچي ۾ ايئن پيو محسوس ٿئي جيئن هي اسرائيل جي قبضي ۾ آيل ڪو شهر هجي. 16 سيپٽمبر 1982ع کان 18 سيپٽمبر 1982ع تائين پرامن  فلسطينين جو قتل عام ٿيو هو.

اهو مشهور واقعو صابره جي شتيلا ڪئمپ ۾ اسرائيل جي رياستي دهشتگرديءَ جو  هڪ نه وسرندڙ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو آهي، صابره بيروت جي هڪ غريب علائقي جو نالو آهي، ان علائقي جي ويجهو شتيلا نالي هڪ مهاجر ڪئمپ قائم ڪئي ويئي هئي جتي اسرائيل مان مسلمان پناهه وٺڻ لاءِ ان ڪئمپ ۾ رهيل هئا. 1948ع ۾ فلسطيني مهاجرن کي جڏهن اسرائيل بي دخل ڪيو ته اهي ان ڪئمپ ۾ اچي رهيا هئا، ڪجهه ئي وقت ۾ هي ٻئي آباديون صابره ۽ شتيلا هڪ ٻئي سان رلي ملي ويا ۽ جنهن کان پوءِ ان علائقي کي صابره ۽ شتيلا چيو ويندو هو. جڏهن اسرائيلي فوج لبنان ۾ گهڙي آئي ۽ جنوبي لبنان تي قبضي کانپوءِ ۽ 1982ع ۾ وزيردفاع شيرون جي قيادت ۾ اسرائيلي فوج بيروت جو محاصرو ڪيو ۽ فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جنهن جي قيادت ياسر عرفات ڪري رهيو هو،

ان کي مجبور ڪيو ته پنهنجو هيڊڪوارٽر بيروت مان ختم ڪري هليو وڃي، پهرين سيپٽمبر 1982ع تي ياسر عرفات کي پنهنجن سمورين ساٿين سوڌو بيروت مان بي دخل ڪيو ويو، پوءِ فلسطيني عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن کي 16 سيپٽمبر 1982ع کان 18 سيپٽمبر 1982ع تائين ٻن ڏينهن اندر سندن قتل عام ڪيو ويو، ان قتل عام ۾ مئلن جو تعداد اڃان تائين تڪراري آهي ڪن جو چوڻ آهي ته 3200 کان 3500 تائين مسلمان ان دهشتگردي جي نظر ٿي ويا. هتي اسرائيل ۽ فلسطين جي تاريخ جو حوالو انڪري ڏنو ويو آهي ته جيئن اوهان کي اندازو ٿي سگهي ته فلسطين سان دهشتگردي اسرائيل جي رياست سڌي سنئين دشمني تحت ڪئي  ليڪن ڪراچي ۾ ته ايم ڪيو ايم رياست جي اندر رياست قائم ڪري  قتل غارت ڪيو، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سڀ  قومون سندن ظلم جو شڪار ٿيون.

ڪيترن ماڻهن جو چوڻ آهي ته 1988ع کان وٺي 2004ع تائين تقريبن 4000 هزار کان 5000 ماڻهن جو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ قتل ٿيو جن ۾ وڏو تعداد سنڌين جو هو، ان سان گڏ پٺاڻ، پنجابي، بلوچ، هزاريوال ۽ ڪافي اهي مهاجر به قتل ٿيا جيڪي سندن حڪم جي تعميل ڪونه ڪندا هئا جن ۾ وڏو تعداد حقيقي وارن ۽ جماعت اسلامي سان تعلق رکڻ وارن جو پڻ شامل آهي. جن نامور سياستدانن ۽ صحافين اديبن کي پنهنجي دهشت جي ور چاڙهيو انهن ۾ 1993ع ۾ هنن پنهنجي ئي ايم ڪيو ايم چيئرمن عظيم احمد طارق کي قتل ڪيو ڇاڪاڻ ته الطاف حسين ملڪ ڇڏي لنڊن وڃي سياسي پناهه ورتي هئي، هن جي غير موجودگي ۾ عظيم احمد طارق ايم ڪيو ايم کي وڌيڪ منظم دهشتگردي لاءِ راغب ڪندو رهيو آهي جنهن ڪري هن جي ڪارڪنن ۽ دهشتگرد ونگ جي ماڻهن ۾ شموليت وڌي وئي ۽ الطاف حسين کي هن جي وڌيڪ شموليت پسند ڪونه آئي انڪري هن پنهنجن اعتماد جوڳن دهشتگردن کي هن جي قتل جو حڪم ڏنو ۽ کيس سندس گهر ۾ زهر ڏنو ويو ۽ ان ۾ مبينه طور ڪو سندس عزيز ملوث هو جيڪو الطاف حسين جو ويجهو ۽ قريبي هو،

اهو قتل جو معاملو اڄ تائين حل ڪونه ٿي سگهيو آهي. 1994ع ڪيبر رسالي جي چيف ايڊيٽر صلاح الدين کي قتل ڪيو ويو، اهڙي طرح حڪيم سعيد کان وٺي ڪيترن ئي نالي وارن ماڻهن کي چونڊي چونڊي ماريو ويو جن جو قصور فقط اهو هو ته انهن ايم ڪيو ايم جي مرضي تي هلڻ کان انڪار ڪيو. هي سڀ ڳالهيون تاريخ جو حصو ٿيڻ ضروري آهن ان ڪري “پنهنجي اخبار” جي پڙهندڙن آڏو رکيون ويون آهن، ڪوشش ڪبي ته هي سلسلو جاري رهي ۽ هڪ دور جي اکين ڏٺي تاريخ محفوظ ٿيندي رهي.