تاريخ جي خاموش ڪردارن جي ڳولا ۾ نڪتل ھڪ تاريخدان

0
99
تاريخ جي خاموش ڪردارن جي ڳولا ۾ نڪتل ھڪ تاريخدان

 ھن مختصر مضمون ۾ انهن تاريخي حالتن ۽ سببن جو احاطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جيڪي سنڌ جھڙي معاشري ۾، جتي تاريخ بابت سمجھ ۽ شعور محدود، اتي ھڪ بيٺل، جمود جي شڪار بڻيل سماجي حالتن ۾ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جھڙا مورخ ڪيئن ٿا پيدا ٿين. سنڌ سميت پاڪستان جھڙن ملڪن ۾ تاريخدان ٿيڻ تمام ڏکيو ڪم آھي. تحقيق ڪرڻ لاءِ ھڪ ته مختلف انسان ٿو گھرجي، ان جي شخصيت ۾ گھربل مستقل مزاجي، پنهنجي تحقيق جي شعبي سان بيپناھ پيار ٿو گھرجي. ان جي بغير، بقول لطيف سائينءَ جي ته،

“اي ڪم الاھي، نه ته ڪُنن ۾ ڪير گھڙي”.

                 ڪراچيءَ جو نامور ليکڪ ۽ دانشور سبط حسن چوندو ھو ته، جي مان شاعر ھجان ته شھر ۽ ملڪ ۾ ٻچو ٻچو مونکي سڃاڻي به ھا ۽ ياد به ڪري ھا. دانشورن کي سماج جي اندر اھا مڃتا نه ٿي ملي، جيڪا شاعرن، اداڪارن، فنڪارن ۽ رانديگرن کي ملي ٿي. سائين اقبال احمد کي وٺو، حمزھ علوي ھجي يا ڊاڪٽر فيروز احمد، گھڻن کي ته سندن نالن جي به خبر نه ھوندي. توڻي جو اھل دانش بغير ڪنهن پذيرائي جي خواھش جي ھو سماج لاءِ ضروري ڪم ڪندا آھن، مسئلن جو اڀياس تاريخ جي پس منظر ۾ پيش ڪندا آھن ته جيئن اجائي ڏي وٺ جي بجاءِ علمي بحث ٿين، ڇو ته تڏھن ئي قومون اڳتي وڌنديون ۽ زندھ رھنديون آھن.

پوئين صديءَ جي مشھور آمريڪي- فلسطيني عيسائي عرب عالم، ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ ايڊورڊ سعيد پنهنجي ڪتاب “اورينٽل ازم” لکڻ جي ضرورت صرف ان ڪري محسوس ڪئي جو بقول سندس ته، “مغربي تاريخدانن اوڀر کي، مشرق کي، (ٻين لفظن ۾ اسان کي) پنهنجن مفادن سان تعلقداري ۾، (فريم آف ريفرنس) سندن مفاد ھئا، انهن کي ذھن ۾ رکي اسان جي تاريخ، تهذيب، ڪلچر، فردي توڙي قومي خاصيتن کي بيان ڪيو آھي. اسان جي زمين، ڌرتي ۽ ٻوليءَ بابت تحقيق ٻاھرين ماڻھن اچي ڪئي آھي، اسان جو پنهنجي باري ۾ ڪھڙو خيال آھي، اھو اڃان گھڻي حد تائين خاموش آھي، تڏھن ئي ته ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجو ھڪ شاھڪار ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي لکيو ھو، جنهن جو نالو آهي: “سنڌ- خاموشي ڪي آواز”… ڪوئي پڇي ته خاموشيءَ جو آواز ڪيئن ھوندو آهي؟

ھندستان جي شاعر جوش مليح آبادي جو اھو عزل جيڪو جگجيت سنگھ ڳايو ھو:

ڪس ڪو آتي ھي مسيحائي، ڪسي آواز دون

چپ رھون ته ڊستي ھي ناگن طرح

اف يه سناٽي ڪي شھنائي، ڪسي آواز دون

خاموش ڪردارن ۽ دورن تي روشني وجھڻ انتهائي ڏکيو ڪم ڪير ڪندو ۽ ڇو ڪندو! ھا اھو ئي ڪندو، جيڪو بقول سنڌ جي ڏاھي صحافي فقير محمد لاشاري جي، “جيتري تاريخ جي للڪار آھي، ان لاءِ اوڏي وڏي موٽ تيار ٿي نه سگھي آھي”. اھا موٽ تڏھن ئي تيار ٿي سگھندي، جڏھن سائين ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جھڙا پاڙھو، نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ، جھڙين فضيلتن ۽ خاصيتن وارا ماڻھو سماجن ۽ قومن ۾ پيدا ٿيندا.

1954 ۾ پيدا ٿيندڙ ھي سنڌ جو تاريخدان ھڪ حوالي سان خوشنصيب ھو، جو جنهن دور ۾ ھو وڏو پئي ٿيو ته سنڌ جا سڄاڻ ماڻھو سنڌ جي تاريخي ڪردارن توڙي حالتن مٿان وقت جي ٿافيل مٽي ۽ دز ھٽائي سنڌ، ان جي شناخت ۽ عظمت کي، اجاڳر ڪري رھيا ھئا. 1950 ۽ 1960 وارا ڏھاڪا جيترا سنڌ مٿان جبر ۽ فسطاعيت کڻي آيا ھئا، ايتري ئي مزاحمت، پاڻ سڃاڻ، ترجما، شاعري، ادب، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ايم ايڇ پنهور، راشدي برادران، ڊاڪٽر بلوچ، سائين ابراھيم جويو، شيخ اياز، نيشنل اسٽيج تي ڀُٽي صاحب جو اچڻ- اھي سڀ مظھر سنڌين جي سجاڳيءَ واري دور جي علامت ھئا. سنڌ شناسيءَ بابت سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتابن سنڌي نوجوانن کي جتي ھڪ طرف سندس سياست ڏانهن رجوع ڪيو، اتي ڊاڪٽر لاکي جھڙن علم دوست ماڻھن کي پيشه وراڻي لحاظ کان اتساهيو، جو ھنن اھڙن شعبن جي چونڊ ڪئي، جيڪي نه صرف پورھئي طلب ھئا، بلڪه زندگيءَ جي ارپنا پيا گھرن. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي خوب نڀايو پنهنجي ان چونڊ سان.

ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ھسٽري ڊپارٽمنٽ ۾ 2 سال تائين تاريخ جو شاگرد رھڻ جي ڪري مونکي تاريخ سان گھڻي دلچسپي رھي آھي، انهن ٻن سالن ۾، چئن سيميسٽرن ۾، چئن مختلف استادن کان پڙھندي، سندن واتان، ڪلاس ۾ ڪڏھن به سنڌ، ان جي تاريخ جو ھڪ دفعو به ذڪر نه ٻڌو، ڇو ته سنڌ جي تاريخ کي پاڪستان جي سرڪاري توڙي يونيورسٽيءَ ۾ پڙھائجندڙ سليبس مان خارج ڪري اھا تاريخ خاموش ڪئي وئي آھي. جھانسي جي راڻي، ٽيپو سلطان، تحريڪ پاڪستان ۾ علي ڳڙھ جو ڪردار، الاءِ ٻيو ڇا ڇا پڙھايو ويندو ھو، شايد سڀ ڪجھ ھو، سواءِ ان يونيورسٽيءَ ۽ ڪلاس روم جي زمين بابت، زمينِ سنڌ بابت، بغير اعلان جي سنڌ سندن تاريخ بابت پڙھايل سليبس جو حصو نه ھئي. ٻن سالن جي ليڪچرن ۾ سنڌ جي عدم موجودگي مونکان اڄ ڏينهن تائين وسري ناھي، تنهن ڪري ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جھڙن تاريخدانن جي باري ۾ پڙھندو آھيان ته مون وٽ انهن لاءِ عزت وڌي ويندي آھي. سندن مان ۽ مرتبو مون لاءِ تمام وڏو آھي.

سال 2004 ۾ ھڪ خانگي ٽيليويزن چينل لاءِ “ڊائلاگ” نالي ھڪ انٽريوز جي سيريز شروع ڪرڻ جو سوچيم پئي ته سڀ کان پھرين انهن حال حيات وڏڙن جي لسٽ ٺاھيم، جيڪي عمر جي ان حصي ۾ ھئا ته ڪنهن وقت به ڌڻي جو سڏ ٿيو ته بغير موڪلاڻيءَ جي ھليا ويندا. ڊاڪٽر مبارڪ علي جا مون ٽي انٽرويو ڪيا. سائين ايم ايڇ پنهور سان سندس ڪلفٽن واري گھر ٻه ڊگھا انٽرويو ڪياسين. ان جو ھڪ حصو خبر ناھي الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويو آھي. پنهور صاحب تمام گھڻن موقعن، واقعن ۽ تبديلين جو اکين ڏٺو شاھد ھو. صفا کرو ماڻھو. توھان مان جن دوستن سندس آتم ڪٿا پڙھي ھوندي، تن کي خبر ھوندي ته سنڌ ۾ شايد ڪو اھڙو ٻيو ماڻھو ھجي، جيڪو ائين زندگيءَ جو احوال بغير سينسرشپ جي سچائيءَ سان لکي. ھو صحيح معنا ۾ ھڪ يگانو انسان ھو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو دوست، استاد ۽ سونهون ھو. اھا ئي صحبت، جنهن ڪري لاکي صاحب جھڙا محقق پيدا ٿيا.

تاريخ جي شعبي سان بيپناھ پيار ڪندڙ، پنهنجو ڏينهن رات ارپيندڙ ھڪ ٻئي شخص جو خيال به ذھن ۾ اچي ٿو، اهو آهي سائين عطا محمد ڀنڀرو، جنهن جي گھر سندس انٽرويو ڪرڻ ويس ته سندس ڪمري ۾ ٽي مختلف ڪتاب ساڳئي وقت ترجمي لاءِ پيل ھئا. مون پڇيو: سائين اھو ڪم ڪيئن ڪندا آھيو؟ چيائين: “ھڪڙي ترجمي مان ٿڪبو آھيان ته واري مٽائڻ لاءِ وري ٻيو شروع ڪندو آھيان، ايئن وري ٽيون، پوءِ نه ٿڪبو آھيان، نه وري بور ٿيندو آھيان. 12 کان 16 ڪلاڪ سنڌ جي تاريخ تي لکيل مختلف ڪتاب ترجمو ڪندو آھيان”. سائين ڀنڀري جي ان پيار جي پورھئي کي ڪير وساريندو! سندن ڪتابن سنڌ جي تاريخ کي جيترو اجاڳر ۽ روشن ڪيو آھي، جنهن ذريعي تاريخ جو شعور پيدا ٿي رھيو آھي. سنڌ جو هي وڪيل ۽ عالم اھا وصيت ڪري ويو ته  ته، “سندس قبر کي زنجيرن سان ٻڌل رکجو ته جيئن خبر پئي ته ھتي ھڪ غلام دفن ٿيل آھي. جڏھن ھيءَ ڌرتي آزاد ٿئي ته اھا غلاميءَ جي زنجير کولي ڇڏجو، مونکي آزاد ڪجو”.

سائين ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب “دي سورس مٽيريل آن ھسٽري آف سنڌ” گڏ ڪري سنڌ جي ايندڙ نسلن لاءِ تحقيق جي راھ روشن ڪري ويو آھي، ۽ سندس لائق فرزند سني پنهور وري انهن سڀني ڪتابن کي ڊيجيٽل لائبريري ۾ بدلائي سڄي دنيا لاءِ مفت دستياب ڪيو آھي، نئين تحقيق لاءِ راھون روشن ڪيون آھن. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ انهن رسورسز بابت اگاھيءَ جا سيمينار ٿيڻ گھرجن. يقين ڪريو جڏھن اسان جي شاگردن کي سنڌ جي ڪيترن ئي خاموش دورن جي خبر پوندي ته ھو سائين غلام محمد لاکي جيان انهن دز چڙھيل، وڃايل دورن جو آواز بڻجندا.

گذريل سال 2024 ۾ سانا جي 40ھين ڪنوينشن ۾ اسان سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ سنڌين جي پنهنجي خيال، بيانئي (نيريٽو) بابت ھڪ سيشن ڪيو ھو، جنهن ۾ ميريلينڊ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر سڀاش بجلاڻي ۽ سائين انعام شيخ مقرر ھئا. خيال اھو ھو ته سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ اسان جو پنهنجو، سنڌين جو ڪھڙو خيال آھي، اسان ان کي ڪيئن ٿا ڏسون. بجاءِ ان جي جو ٻاھريان آيل ماڻھو اسان کي ٻڌائين ته اسان ڪير آھيون، ۽ ڇا آھيون، سنڌ جا پنهنجا تاريخدان انهن واقعن ۽ دورن تان پردو کڻن ته سنڌ سان ڇا ٿيو، سنڌ ازاد وطن به ھئي، سنڌ غلاميءَ جي قيد ۾ به ھئي ته سنڌ ڪاھون، ڦرلٽون ۽ قھر به سٺا. اسان سنڌين جي اڄوڪي حالت جيان سنڌ دٻيل، ھيسيل ھرڻي ۽ خاموشيءَ جو آواز رھي آھي. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو پنهنجي تحقيقي ڪم ذريعي ان خاموشي کي ٽوڙي ان جو آواز بڻيو آھي، تڏھن ئي سما ڊائناسٽي، سمن جي حڪمرانيءَ جو دور 1339 کان 1520 تائين يعني 160 سال تائين جي دور حڪمرانيءَ ۽ دولھ دريا خان بابت سندس اوريجنل تحقيق ھميشه لائق تحسين رھندي، ۽ سندس اھو ڪم سنڌ جي تاريخ بابت وڌيڪ تحقيق لاءِ تاريخ جي شاگردن کي اتساھيندو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو پنهنجي تحقيقي ڪم جي ڪري سڃاتو ۽ ياد رکيو ويندو، اھڙي سڦل ۽ بامقصد زندگي گذارڻ ته يقينن سندس خاندان ۽ ڀائر، دوست ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ جي شعبي جا استاد ۽ شاگرد مٿس فخر محسوس ڪندا رھندا.

Mush.rajpar@gmail.com