تاريخ جو ورجاءُ

0
46
تاريخ جو ورجاءُ

 هونئن ته رياست پاڪستان ۾ ايندڙ ھر اقتداري/ سياسي تبديلي بابت ڪير ڪيتري بہ  دورانديش نگاھ رکندڙ سياسي پنڊت ڇو نہ هجي پر هو ڪا بہ ٺوس بنيادن تي ٻڌل پيشنگوئي ان ڪري نہ ٿو ڪري سگهي جو هتي دنيا جي سڌريل، مهذب ۽ جمھوري ملڪن جيئان ڪا بہ تبديلي عوام جي بدليل رويي، سوچ، خيال سبب نہ، بلڪہ اسٽيبلشمينٽ جي بدليل رويي، روش سبب ايندي رهي آھي، ان ڳالھ کي مدنظر رکندي ڪجھ سياسي سوچ رکندڙ تجزئي نگارن جو موجود ڪينال مسئلي ۽ اقتدار جي تبديلين  بابت چوڻ آھي تہ، پنجاب جي پٺتي پيل علائقي چولستان، جتي جي سرڪاري زمين جو هڪ وڏو حصو گذريل ڪيتري عرصي کان رٽائرڊ ٿيندڙ فوجي آفيسرن کي الاٽ ٿيندو رهيو آھي، ان ئي علائقي جا مقامي زميندار پاڻي لپ نہ ملڻ جون دانهون بہ وڏي عرصي کان ڪندا رهيا، پر هر دور جي پنجاب سرڪار ان طرف ڪوبه ڌيان نہ پئي ڏنو، ان بي ڌياني سبب اتان جي مقامي کاتيدارن مجبور ٿي اهي بنجر ٿيندڙ زمينون، ڀڳڙن مٺ تي طاقتور طبقي کي وڪرو ڪرڻ شروع ڪيون، هن وقت اتي تمام ٿورڙي زمين مقامي ماڻھن جي وڃي بچي آھي. ان صورتحال بعد اتان جي زميندار بڻيل طبقي، سڀ کان پهرين عمران خان کي سنڌو درياھ مان ڪينال ڪڍڻ لا۽ دٻاءَ وڌو هو. پر اتي سڀ جو سڀ رٽائر پنجابي آفيسرن جون زمينون هجڻ ڪري عمران خان حڪومت لنوائيندي رهي، جنهن جي نتيجي ۾ مسلم ليگ ن ۽ پ.پ.پ سان ان معاملي تي ڳالهيون ٿيون، جيڪي هنن مڃي اقتدار حاصل ڪيو، ان اقتدار حاصل ٿيڻ بعد. جڏھن چولستان کان علاوه ٻين پنجاب جي علائقن جي آبادگارن ن ليگ قيادت کان سوال ڪيو هو تہ، “چولستان جون زمينون آباد ڪندڙ ڪينال ۾ پاڻي ڪنهن جي حصي مان ڪٽيو ويندو؟ تہ ن ليگ جواب ۾ چيو هو تہ، پنجاب جي حصي مان، ان تي پنجاب جي زميندار ۽ هاري طبقي متفق. متحد ٿي ن ليگ کي چٽو چيو هو تہ، اسان پنهنجي حصي جي پاڻي جو هڪ بہ ڦڙو نہ ڏينداسين،

پنجاب جي متحد زميندارن ۽ هارين جي ان اصولي واضح موقف بعد ن.ليگ قيادت پوئتي هٽي وئي ۽ ان بعد پ.پ.پ قيادت يعني زرداري صاحب سان ڳالهايو ويو، مشروط طور تي اهو سودو قبول ڪيو ۽ چولستان ڪينال جو ڪم بہ شروع ٿي ويو، هاڻ رهيو سوال تہ وزارت عظميٰ جو منصب ڪيئن وٺجي؟، ان سلسلي ۾ اها حڪمت عملي جوڙي وئي آھي تہ، سڀ کان پهرين ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ نفرت جو هڪ اهڙو هماليہ کڙو ڪيو وڃي جو چاهيندي نہ چاهيندي بہ، ٻئي ڌريون “نہ تم، نہ هم” واري فارمولي تحت وزارت عظميٰ وارو منصب ڏيڻ تي راضي ٿين ۽ ن، ليگ کان اقتدار کسڻ لاءِ اڄوڪي اقتداري سياست جي نوابزادي نصر اللّه يعني مولانا فضل الرحمن کي اڳتي آندو ويو آھي ۽ ٻئي پاسي ن .ليگ حڪومت جي اتحادي ڌر ايم ڪيو ايم وچ ۾ وڇوٽيون وجهڻ لاءِ گورنرشپ واپس وٺڻ تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي. گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جنهن کي شروع ۾ تہ، ايم ڪيو ايم پنهنجو نمائندو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نہ هئي ۽ اڳتي هلي جڏھن ڏٺائون تہ همراھ مضبوط ڪلهن تي چڙھيل آھي تہ ڌڻيپ شروع ڪيائون پر هن وقت جڏھن انهن طاقتور ڪلهن هيٺ ڪيرائڻ جو اشارو ڏنو آھي تہ گورنر صاحب مهاجرن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ مهاجرن جو ثقافتي ڏڻ ملهائڻ ۽ ڪراچي جي نوجوان ڪرڪيٽرن لا۽ گورنر هائوس جا در کولي ڇڏڻ سميت ٻيا حربا هلائي رهيو آھي (ڪجھ تجزئي نگارن جي اها بہ راءِ آھي تہ، ايم ڪيو ايم پارٽي جي  واڳ خالد مقبول کان کسي ڪامران ٽسوري حوالي ڪرڻ جو معاملو بہ طئي ٿي چڪو آھي)

ٻئي پاسي پ.پ.پ جي B ٽيم طور ڪم ڪندڙ ڪجھ قومپرستن، وفاق پرست اڳواڻن، سرڪاري اديبن ،دانشورن، شاعرن ۽ ڪجھ خود پ.پ.پ جي اداڪار/ صداڪار وزيرن، مشيرن کي اهو مشن سونپيو ويو آھي، تہ، هو مظاهرن، ڌرڻن، ادبي ميلن .ڪانفرنسن ۾ چولستان خلاف مهم هلائين ته جيئن پ پ کي وزارت عظميٰ جو منصب ملڻ لاءِ راھ ھموار ٿي سگهي. باقي رهيو سنڌ جو عوام، ان کي مذهبي منافرت، جنونيت، انتها پسندي، لاقانونيت ۾ ايترو تہ جڪڙيو وڃي جو انهن جو نہ ڪنهن قومي هاڃي طرف ڪو ڌيان رهي نہ سوچ، ڊاڪٽر شاهنواز جي عدالت کان مٿانهين قتل، سانگهڙ جي ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ ٽن ماڻھن جي قتل ۽ مک جوابدار تي ايف آئي آر داخل نہ ٿيڻ ۽ تازي ٿيل وڪيل ۽ پوليس سخت ٽڪرا باوجود ايس،ايس، پي بدلي نہ ٿيڻ ۽ موڪل تي موڪلڻ ۽ وري واپس اچڻ جي اشارن مان اهو واضح ٿو ٿئي تہ، سنڌ جي عوام  مستقل قريب ۾ مايوسي جي اهڙي ڪن ۾ قيد ٿي چڪي آھي جو ڪا مزاحمت ڪرڻ جو سوچي بہ نہ ٿي سگهي ۽ سنڌ جي حاڪم پارٽي، ان ۾ شامل وڏيرا، مير .پير، جاگيردار في الحال تہ بي اونا نظر پيا اچن. ۽ هڪڙي سياسي شطرنج جي کلاڙين تہ اهو بہ پئي چيو تہ ، بين الاقوامي تبديلين خاص ڪري ٽرمپ جو آمريڪي صدر بڻجڻ بعد، نواز ليگ جو عذاب هيٺ اچڻ ۽ پ.پ.پ تي ڏکيا ڏينهن اچڻ وارن اشارن بعد پ.پ.پ سنڌ ۾ مظلوم بڻجي اچڻ لاءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ اهو سڄو ڊرامو ٺاهي رکيو آھي تہ جيئن وقت اچڻ تي اهو ڊرامو وڏي اسڪرين تي هلايو وڃي ۽ ڪينال جو سمورو گناھ نواز ليگ جي ڳچي ۾ وجهي پاڻ کي آجو ڪرائجي. ڄاڻايل تجزين ۾ ڪيتري صداقت آھي، اهو تہ خدا ٿو ڄاڻي، پر هڪ حقيقت پاڻ سڀني کي مڃڻي پوندي تہ، مستقبل قريب ۾ جيڪڏھن پ.پ.پ کي ٿورڙو بہ سيڪ آيو تہ اها سسي ڀيڙي ٿي ويندي ۽ چولستان ڪيئنال ڪڍڻ ۾ وڏي سرڪار ڪامياب وئي تہ پوءِ سنڌ به پ.پ.پ جي هٿن مان هلي ويندي ۽ هن وقت سنڌ سرڪار ۾ جيڪي A T M مشينن جيان پئسو ٺاهيندڙ وزير، مشير ڪم ڪري رهيا آھن، اهي ڳولي به نه لڀندا. تاريخ جو ورجاءَ ته دير سوير هميشه مظلوم جي حق ۾ ٿيو آھي، تاريخ جي ان ورجاءَ جي هڪ ننڍڙي جهلڪ تازو نيب NAB  جو ڪراچي ۾ سرگرم ٿيڻ ۽ غير قانوني طور ڪراچي جي اربين روپين جي زمينن جي کاتن ۾ هيرا ڦيري جا انڪشاف ٿي رهيا آھن، تاريخ جي ورجاءَ جي ان ننڍڙي جهلڪ، گهڻن ميرن ،پيرن، جاگيردارن، خانصاحبن، خانبهادرن ۽ نوابن جون ننڍون حرام ڪري ڇڏيون آھن ۽ اڳتي ڏسون تہ ڇا ٿو ٿئي.