واهي پانڌي(ن پ ا) سنڌ جي ڪوهه مري ۽ تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي هڪ ڀيرو ٻيهر برفباري پئي آهي، جنهن سبب گورک جي سرزمين اڇي رنگ جي چادر اوڍي ورتي آهي. برف پوڻ کان پوءِ سياحن جو وڏو انگ گورک هل اسٽيشن ڏانهن نڪري پيو، پر سهولتن جي کوٽ سندن اهنج وڌائي ڇڏيا آهن. گورک هل اسٽيشن ڏانهن ويندڙ روڊ رستا تباهه هجڻ ڪري سياحن کي تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سياحن سهولتن جي اڻاٺ جون دانهون ڪيون آهن. ان ڏس ۾ سياحن ۽ علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته رود رستا ٺاهي گورک ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪري ٽوئرزم کي هٿي وٺرائي وڃي ته جيئن سياحن آساني سان اچي وڃي سگهن.