ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ 30 ڪتاب ارپيندڙ عالم، محقق ۽ اڳوڻي سينيٽر يوسف شاھين جي نوري آباد وارين ٻن زمينن (8 ايڪڙ ۽ مڊوي موٽيل سان لڳ 4 ايڪڙ) تي قبضو  ٿي ويو، اڳوڻي سينيٽر يوسف شاھين اهڙي تصديق ڪندي چيو ته ٿاڻي بولاخان ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين سريش ڪمار سندس زمينن ۽ موٽيل تي قبضو ڪري ورتو آھي، هن وڌيڪ چيو ته سريش ڪمار ھُلائيندو رھي ٿو ته ھن 18 سئو ايڪڙ زمين خريد ڪئي آھي، سوال اِھو آھي تھ ھن اِھا زمين ڪنھن کان خريد ڪئي آھي ؟ ھن ايترا پئسا ڪٿان آندا ؟ هن چيو ته نوري آباد واسين حاجي رمضان پالاري، بادل پالاري، مندر خان پالاري سريش ڪمار کي ڪيترا ڀيرا سمجھايو تھ يوسف شاھين جي زمين تي قبضو  ڪرڻ کان پاسو ڪري، ھن اُھا زمين 40 سال اڳ پالارين کان ورتي هئي. هن سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي زمين ۽ موٽيل تان قبضو ڇڏائڻ جي اپيل ڪئي آھي.