اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪيمشن پ پ سينٽر تاج حيدر جي وفات سبب سنڌ مان خالي ٿيل سينيٽ جي جنرل سيٽ تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. جاري ٿيل شيڊول مطابق 18 اپريل کان 19 اپريل تائين نامزدگي فارم جمع ٿي سگهندا. اسڪروٽني جي آخري تاريخ 22 اپريل هوندي. نامزدگي فارم رد يا منظور ٿيڻ خلاف اپيل 24 اپريل تائين داخل ڪرائي سگهجي ٿي. اپيلن کي 26 اپريل تائين اُڪلايو ويندو. 28 اپريل تائين اميدوار هٿ کڻي سگهندا. جڏهن ته 6 مئي تي صبح جو نائين کان چار وڳي تائين سنڌ اسيمبليءَ جي بلڊنگ ۾ سينيٽ جي جنرل سيٽ تي چونڊ لاءِ پولنگ ٿيندي. جنهن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جا سمورا ميمبر ووٽ ڪري سگهندا. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري پيپلز پارٽيءَ جي اميدوارن کان 18 اپريل تائين درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. درخواستون ڏيندڙن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته درخواستون هڪ لک رپين جي پي آرڊر يا بينڪ ڊرافٽ سان گڏ بلاول هائوس ڪراچي جي ايڊريس تي اماڻيون وڃن.